عظمتِ انسان ۽ اُنجي مقصد ۽ چاھت جي وُسعَت
ليکڪ مبين مطهري
 هِن ڪائنات جو دائرو تمام گهڻو وسيع آھي جيڪڏهن باريڪي سان ڏٺو وڃي ته هن ڪائنات ۾ بيشمار مخلوقات رهي ٿي جِن جو وجود هڪ خاص مقصد جي لاء خلق ڪيو ويو آھی۔ هر مخلوق چاهي يا نه چاهي طبعي ۽ فطري لحاظ کان پنهنجي پنهنجي مقصد ۽ منزل جي طرف حرڪت ۾ آھي پر اِنهی مخلوقات ۾ هڪ اهڙي مخلوق به آھي جيڪا تمام مخلوقات کان جُدا ۽ مُنفرد آھي جيڪا مقصد جو تعَيُن به پاڻ ڪندي آھي ۽ ان تائين پهچڻ جي لاء ڪوشش ۽ جدوجهد به ان جي ارادي ۽ اختيار ۾ هوندو آھي ۽ اُها مخلوق آھي ”انسانانسان هن ڪُرهِ عرض جو عظيم وجود آھي انسان وٽ ٻه اهڙيون غير معمولي شيون آھن جيڪي ان کي ٻي مخلوقات کان مُمتاز ۽ مُنفرِد ڪن ٿيون (1) وسيع عقل جنهن جي دائري ۽ حَدُن جو ڪوئي ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي انساني عقل هڪ ئي وقت ۾ بيشمار خيالات جيڪي حال ۽ ماضي توڙي مستقبل تائين پنهنجي دماغ ۾ تخليق ڪري سگهي ٿو ۽ اُهي خيالات ايترا ته طاقتور هوندا آھن جو انهن مان ڪنهن هڪ جي طاقت ۽ تاثير کي بيان ڪرڻ به مشڪل آھي۔ هي هڪ تحقيق شده ڳالھ آھي ته هڪ ڏينهن ۾ انسان کي 60000 خيالات ايندا آھن جنهن جي زيرِ اثر انسان جو عمل هوندو آھي يعني اِهي خيالات انساني عمل جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آھن, اهو ئي سبب آھي ته انسان اِنهي عقل جي طاقت سان ماضي ۽ مستقبل جو سفر ڪري پنهنجي حال کي بهتر ڪري سگهي ٿو, مختصر لفظن ۾ اِهو ته انسان پنهنجي عقل جي طاقت سان ڪجھ به ڪري سگهي ٿو, انسان جي اِنهي صلاحيت کي ڏسي ڪري اهو به صاف معلوم ٿئي ٿو ته ”انسان“ الله تعالي کي ڪيترو پيارو آھي ايستائين جو اُن کي اشرف المخلوقات يعني تمام مخلوقات کان وڌيڪ شرف ۽ عزت واري مخلوق ڪرار ڏنو ویو آھي۔ (2) روح ٻي شئ انساني روح آھي انسان جي روح جي طاقت کي جيڪڏهن معلوم ڪرڻ چاهيون ته اُها هن مختصر واقعي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي ته هڪ نبي ع جنهن جو نالو حضرت سُليمان ع هيو ان جو وزير آصف بن برخيا جيڪو انسان هيو ان پنهنجي روحاني طاقت سان تختِ بِلقيس اک ڇنڀ ۾ آندو هيو جنهن جو تذڪرو قرآن پاڪ ۾ به ملي ٿو سوره نمل ۾ آھي قَالَ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ أَيُّكُمْ يَأْتِينِي بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَنْ يَأْتُونِي مُسْلِمِينَ38 سُليمان پنهنجي دربارين کي فرمايو اي منهنجي دربار جا سردارو! توهان مان ڪير آهي جيڪو(راني بلقيس)جو تخت مون وٽ آڻي ڏئي اِنکان اڳ جو هو فرمانبردار ٿي مون وٽ پهچن قَالَ عِفْرِيتٌ مِنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ تَقُومَ مِنْ مَقَامِكَ ۖ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ 39 جِنن مان هڪ وڏي جِن چيو ته حُضور! اوهان پنهنجي جاءِ تان اٿندا تنهن کان اڳ آءُ اوهان وٽ آڻيندس ۽ بيشڪ مون کي ان جي طاقت آهي (۽ آءُ) امانت دار (به) آهيان۔ قَالَ ٱلَّذِى عِندَهُۥ عِلْمٌ مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ أَنَا۠ ءَاتِيكَ بِهِۦ قَبْلَ أَن يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ فَلَمَّا رَءَاهُ مُسْتَقِرًّا عِندَهُۥقَالَ هَٰذَا مِن فَضْلِ رَبِّى 40 هڪ ٻئي شخص (آصف بن برخيا) جنهن وٽ (خدا جي) ڪتاب جو ڪجھ علم هو، چيو ته آءُ اک چنڀڻ کان به اڳ ۾ تخت کي آڻي حاضر ڪندُس (ايتري ۾ هو اچي ويو) ته جڏهن سُليمان ان تخت کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺو تڏهن چيائين ته هي فقط منهنجي پروردگار جو فضل ۽ ڪرم آهي. دوستو اِها آھي روح جي طاقت جيڪا هن مادي دنيا تي حاڪم آھي ۽ مسلط آھي يعني روح مادي حدون اورانگهي روحاني حدن ۾ داخل ٿيندو آھي۔ اِهي ٻئي شيون انساني عقل يا دماغ ۽ روح انسان جا ڄڻ ته طاقتور هٿيار آھن جنهن سان هو عمل انجام ڏئي ٿو عقل جي وُسعَت ۾ انسان پوري ڪائنات کي سمائي سگهي ٿو جڏهن ته روح جي طاقت سان هو عالمِ مَلڪُوت يعني روحاني دنيا جو به سير ڪري سگهي ٿو۔ انساني عمل انسان جو عمل بنيادي طور تي ٻن سببن جو نتيجو هوندو آھي (1) مقصد ۽ هدف (2) چاهت ۽ شوق سڀ کان پهريان عملي ميدان ۾ انسان ڪنهن به شئ جي متعلق مقصد ۽ هدف طئه ڪندو آھي ۽ پوء ان ۾ مقصد کي حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ چاهت پيدا ٿيندي آھي جيترو وڏو مقصد ۽ هدف هوندو ايترو وڏي ان کي حاصل ڪرڻ چاهت ۽ شوق پيدا ٿيندو ڪنهن تمام ڀلو چيو آھي ته پنهنجي زندگي جو مقصد معمولي نه ٺاهيو بلڪه پنهنجي زندگي جو مقصد پنهنجي اوقات ۽ حيثيت کي نظر ۾ رکي ڪري ٺاهيو ۽ توهان جي حيثيت اها آھي ته توهان مسجُودِ ملائڪه آھيو ۽ تمام مخلوقات جا سردار آھيوبحرحال مقصد ۽ شوق اهي ٻئي شيون موٽيويشن آھن يعني انسان کي متحرڪ ڪندڙ ۽ اڪسائيندڙ آھن جنهن سان انسان جو عمل ۽ ارادو پوري طاقت ۽ توانائي سان ظاهر ٿيندو آھي ان شرط سان ته جيڪڏهن مقصد ۽ شوق مُثبت ۽ نيڪ آھي ته عمل ۽ ارادو به نيڪ مُثبت ۽ نتيجا خيز هوندو پر جيڪڏهن مقصد ۽ شوق مَنفي ۽ بُرو آھي ته پوء عمل ۽ ارادو برو,قَبِيح ۽ نقصانڪار هوندو آھي۔ اِها هڪ حقيقت آھي ته هن دنيا ۾ ڪو به شخص بي مقصد پيدا ناهي ڪيو ويو بلڪه انجي زندگي جو ڪوئي نه ڪوئي مقصد ضرور هوندو آهي جيڪو انکي انجي اصل زندگي جو احساس ڏياريندو آھي ۽ جڏهن ان احساس جي لذت کي تصور ۾ آڻيندو آھي ته پوء انجي حصول جي لاء پنهنجي وجود ۾ چاهت ۽ شوق پيدا ڪندو آھي ته جيئن ان مقصد ۽ هدف جي لذت مان هميشه جي لاء مُستفيد ٿئي۔ انهي ڪري اسان کي به گهرجي ته پنهنجي وجود کي دَريافت ڪيون,ڳولهيون ته اسان ڇا آھيون ۽ پوء انهي جي مطابق پنهنجي مقصد کي طئه ڪيون هڪ ڳالھ ياد هجڻ گهرجي ته انساني شوق ۽ چاهتون مختلف هونديون آھن ۽ انهن چاهتن جو ايترو اثر انسان تي يا انساني عملن تي نه ٿيندو آھي جيترو اثر اُن شوق ۽ چاهت جو هوندو آھي جيڪو ڪنهن عظيم ۽ بنيادي مقصد جي ڇانو ۾ پروان چڙھي, انهي ڪري ڪنهن ڏاڍو ڀلو چيو آھي ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هن ڪائنات ۾ تسلط ۽ حاڪميت حاصل ڪيو ته پوء توهان کي پنهنجي زندگي جو مقصد به ڪائنات جي برابر بلڪه ان کان به عظيم رکڻو پوندو۔