وڻجارو سامونڊي
اڄ کان 40 سال اڳ
منهنجو جنم تعلقي کاري ڇاڻ جي هڪ ننڊڙي منڊڙي درياء جي ٻيٽ تي هڪ مسڪين غريب
ماهيگر پيء گهر۽ ماهگير ماء جي گود ٿيو اتي ٻيٽ جي ڀر۾ اسان جي چند جهوپڙين کان
سواء ٻيا ڪي وڏا يا گهڻا ڳوٺ نہ هئا وقت پاندڌو ڪرڻ لاء درگاه جي
ميلن ٻيڙين جي سڙھن پکين جي رڙين پاڻي جي ڇولين اڀيندن جي جهو جهو ماٽي ۽ريڊيو تي
چندر جيوڻي ٻائي ڪملا ڪيسواڻي محمد ابراهيم مٺو ڪڇي جي ڪلامن مولودن مداهن ۽
نورجهان جي ملي نغمن کان سواء ٻيو ڪو روح وندرائڻ ياتفريح جو ذريعو نہ هوندو هو.
ڪيترامي سال اڳ ورهاکي وقت سنڌ مان امن آشتي پيار محبت رواداري جو پنهنجو مٽ پاڻ
هنڌو سنڌين جي لڏ پلاڻ ماسٽر چندر جي ڪلام ٻڌڻ تي ياد تازي ڪري روئاري وجهندي هئي
دنياجي ٿڌن ملڪن ۽ سائبريا کان اڏري ايندڙ طرح طرح جي خوبصورت پرديسي پکين جون
مٺيون مٺيون ٻوليون ۽ سنڌ سميت پنجاب کان ايندڙ لايارن جي هٿن ۾ ڏاٽا انهن جا ھڪ
ٻئي کي سڏ- وراڪا معصوم ٻارڙن جون ماء جي کيرلاء بک لڳڻ تي ڪيڪون رهيون ڪري روئڻ ۽
وس جي مند ۾ پري کان وس تي چوپايو مال ڪاهي ايندڙ سنگهارن جون هڪلون سنڀارن چڻن
ڊگرن جا آواز سنڌو جي پاڻي جو درياء ۾ گجگوڙ کاري جي اٺن جون ڀڀڪيو گهوڙن جون
هيرون گڏھن جون هينگون گدڙن جون اونايون چنڊ جو پاڻي جي لهرن ۾ موهن جي دڙي جي
ناچڻي سنڀارا جيان ناچ ڪرڻ .ڪراچي کان چوپايو مال خريد ڪرڻ لاء ايندڙ کيرسري گبولن
جون مهمان نوازيون پري کان رستي تان گذرندڙ راڪيٽ ٽرڪن لارين جا رون رون جاآواز
اڪثرڪري واندڪائي يا پورهيو ڪرڻ جي وقت منهنجي امان مونکي ڳالهين ڳالهين ۾
ٻڌائيندي هئي تہ تنهنجي هن دنيا ۾ جڏھن اک کلي هئي تہ اهو جمع جو ڏينهن هو ۽ سج
لهڻ سانجه جو وقت هو ان وقت آسمان تي مڪمل ڳاڙھائڻ ھئي تپندڙ جولائي جي مهيني ۾
تنهنجو جنم وٺڻ جو هڪ اهو بہ ٿيندو جو تون ٻين لاء ڇپرڇان ٿي ۽ پنهنجو پاڻ
لاء ڏک ڏولا کڻي آيو آھين. ننڊي لاڪون تنهنجو
ڪيناپکي جي رڙجي آواز تي ڊڄي ڇرڪ ڀرڻ مونکي گهڻو پريشان ڪري وجهندوهو!بلڪل ائين ئي
هو جڏھن آئون ٽن سالن جي عمر ۾ ٿيس تہ منهنجي ٻنهي پيرن ۾ کوڙ سارا پتل جا
ننڊاگهنگهرون ٻڌل ۽ گلي ۾ پاتل کوڙ سارا تعويز ۽ مٿي تي وارن جي ڇڏيل ڊگهي چوٽي
ڏسي مون کي عجيب لڳو هوهڪ ڏينهن امان کان پڇيم! تہ امان هي سڀ ڪجه ڇا آھي امان
مونکي معتمن ڪندي چيو تہ منهنجا جوڌاپٽ پيرن ۾ گهنگهرا انهيء ڪري ٻڌا اٿم جئين
متان منهنجي اک لڳي نہ وڃي ۽ جهوپڙي جي ڀر۾گجگوڙ سان وھندڙ منڊڙي ۽ ڦاٽ درياء طرف
رخ ڪري وجهين ! تہ جئين تنهنجي پيرن ۾ پاتل گهنگهرن جي آوازتي سجاڳ ٿي پوان ۽ آئون
توکي منڊڙي درياء ڦاٽ درياء۾ٻڏڻ جي امڪاني خطري کان بچائي سگهان سڌورا پٽ هي توکي
ڪنڌ ۾ تعويز انهيء ڪري ٻڌا اٿم جو تون ڄائي ڄم کان ڪينا پکي جي رڙ تي ڇرڪ جيڪي
ڀرين ٿو اهي ڀرڻ ڇڏي ڏئين امان جي ڳاله تڪڙ ۾ جهٽيندي چيم امان پوء هي مٿي تي ايڏي
ڊگهي وارن جي چوٽي ڇالاء آھي امان وراڻيو پٽ ھي سائين مست جا جهنڊا اٿئي جڏھن درس
خليفو پنهنجي گهر ايندو ان کي ڪڪڙ ۽ ڪجه ڏوڪڙ ڏئي تنهنجا جهنڊا لهرائبا..
> اسان جي جهوپڙي جي ڀر۾ ٻيٽ جي آسپاس موجود ڪجه ننڊا ڳوٺ ھئا 8 سالن جي عمر ۾ بابا سان گڏ ننڊڙي ٻيڙي ۾ چڙھي وڃي مڇي ماري انهن ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري اٽي جو سير وٺندا هئا سين جسم تي پاتل ليڙو ليڙون ٿيل سوٽي ڪپڙي جي هڪ ڳاڙھي رنگ جي قميص ۽ جسم تي شلوار نہ هجڻ سياري ۾ سخت سىء سبب بيمار ٿي پوندو هوس جڏهن منهنجي عمر کان بہ ننڊن ٻارڙن کي قميص سان گڏ شلوار پاتل ڏٺم ۽ڪنن تي رومال ٻڌل ڏٺم تہ امان کان اچي چيم امان مونکي بہ سٿڻ وٺي ڏئي امان واراڻيو پٽ هي تنهنجي جسم تي پاتل قميص بہ مون ڀر ۾ رئيس وڏي جي ڌئي ء جي شادي جي ڏيج جو گگو ٽن سالن جو سخت سئيء جو پورهيو ڪرڻ کان پوء ٽي روپيا پورهئي جا ملڻ کان پوء تنهنجي لاء ھڪ روپيو قيمت ۾ ٻّہ سال اڳ ورتي هئم هاڻي تہ پورهيو بہ ڪو نٿو ملي امان… امان پوء منهنجي شادي بہ تہ ڪرائيندي نہ… هاپٽ تنهنجي چاچي جي ڌئي جوان ٿي ويٺي آھي ان مٿان ڇٺيء ۾ تنهنجي پوئتي پائي آئي آھيان… تون رڳو وڏو جوان ٿي
> 13 سالن جي عمر۾ پهچڻ تي ڀر ۾ ڪااسڪول نہ هجڻ ڪري ريڊيو تي تعليم سان گڏ ترقي جون خبرون ٻڌندي بابا امان کي روز تنگ ڪندو رهيس تہ مونکي ڪڏھن اسڪول جو منهن ڏيکاريو تہ صحيح اها اسڪول ڪهڙي ٿيندي آھي آئون بہ ڏسان… بابا امان چيو پٽ ھتي پنهنجي خاندان جي رئيس وڏيري وانگر رئيس وڏيرو ٿيڻ جو سوچ پڙھڻ جو ڪڏھن بہ نہ سوچ هتي پڙھڻ لاء رئيس وڏيرا پٽ پوٽا ڏوهٽا ئي گهڻا آھن امان اهو وري ڇو پٽ توکي ٻڪريون وٺي ٿي ڏيان اهي چار گنج ٿي پوندو.
> هڪ ڏينهن ماضيء جي خوشحال سوکي بندر جي ڀر ۾ رئيس وڏيري جي پٽ جي شادي هجي آئون بہ ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ منڊڙي واهڻ درياء جي ڀر۾ ڦاٽ درياء اڪري شادي ۾ وڃي پهتس ڊيلٽا واري هنڌ کاري ڇاڻ ۾ ٿيندڙ ڪونجڙين سارين جي چانورن ۾ سائبريا مقامي پکين ٻڪرن گهيٽن۽ڦاڙن جي گوشت ۾ تيارٿيندڙ ڀت کائي شايد پهريون دفعو پيٽ ڀري کاڌو کائي ڍوء ڪيو هو ڇني ۾ رئيس وڏيري جي ڀت لاء پري پري جي علائقن کان ڪهي آيل مهمان رئيس کي لنگيون اجرڪون پارائي ۽ وٺي رهيا هئا ۽ شادي ۾پئسن جون گهورون گهوري رهيا هئا آئون ھڪ ڪنڊ ۾ ڇوڪرن سان گڏ بيهي رئيس جو پاڻ وڻائڻ ڏسي رهيو هوس واه رئيس وڏيرا تنهنجي لئي ايتري ۾ رئيس سان گڏ ويٺل هڪ عجنبي مهمان مونکي پاڻ سان گڏ ويهڻ جو اشارو ڪيو آئون بہ وڃي عجنبي جي سڏڻ تي سندس ڀر ۾ ويٺس ان عجنبي مهمان مونکان تعارف پڇيو مون پنهنجو مڪمل تعارف ٻڌايو انهيء تي مهمان چيو تون تہ سڱ ۾ رئيس وڏي جو سڱ ۾ صفاڪو ويجهو ٿو لڳين پوء ڇو تون ايڏو اٻالو آھين چئيم! سائين رئيس وڏوکاري جو ڊڙينگ زميندار آھي ۽ اسان مسڪين سامونڊي ٻيڙياتا وڻجارا ويچارا رئيس کان شايد منهنجا لفظ هضم نہ ٿيا هن ڪاوڙ ۾ چيو اٿي ڇورا وقت نہ وڃائي وڃ گهرٽر آئون اڳئي ئي ننڊپڻ ۾ ڪينا پکي جي رڙ کان گهڻوڊڄندو هوس سووري جڏھن رئيس جا اهي خاردار لفظ واتان ٻڌم تہ گرو آچار چانڪيا جيان رئيس وڏي کان نظرياتي پلاند ڪرڻ جو دل ۾ پڪوپه ڪري ويٺس. ھڪ ڏينهن امان ۽ بابا مونکي ننڊي عمر ۾ غمذده ۽پريشان ٿيندو ڏسي شايداهو محسوس ڪيوهو تہ چوڪري کي ڪنوار جي ضرورت ٿي آھي سو ابا۽ امان منهنجي شادي ڪرائڻ لاء رات ڏينهن هڪ ڪري مونکان عمر جي 26 سال وڏي ڇوڪري سان راڄ جي ڪجه گهرن کي گهرائي ٽڪيون ورهائي منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي شادي کان پوء آئون بي روزگاري ڪسمپري بي وس بڻجي پيس اڌ ڏينهن درياء کڏن کامن ڍورن سمنڊ مان مڇي مارڻ ۽ اڌ ڏينهن شھرڻ هڪ ٿورڙي پڙھيل دڪاندار وٽ پڙھندو رهيس ڪجه ڏينهن ۾ اسڪول ۾ داخلا وٺي ٻارهن درجا گهڻي محنت سان درجا مس مس وڃي پاس ڪيم ۽ مختلف سنڌي اردو ميڊيا جي ادارن ۾ علائقي جي مئسلن تي لکڻ شروع ڪري ڏنم جيڪو اڄ بہ جاري آھي
> هڪ سال وڏيون ٻوڏون آيون انهن ٻوڏن ۾ لڳل سرڪاري عمارتن جي ڪئمپن ۾ رهڻ کان پوء ٻوڏ جو پاڻي لهڻ تي لڏ پلاڻ ڪري اچي اوچتو درياء جي ڪپ تي ڳاڙھو ڪيٽي بندر شھر ويجهو وڻجارا آباد ٺاهي ويٺاسين منهنجوچاچو حاجي لڌو جيڪو لطيف پنهنجي ديو قامت ٻيڙي نالي لطيف شاهي ۾ سنڌوء کان سريلنڪا ايران ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڻج واپار ڪندو هوجنهن ڪري اسان بہ وڻجارا سڏجڻ لڳاسين. 1994 کان پوء ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ اچڻ سبب سمنڊ جي 22 ڪريڪس واري ڊيلٽا جو نقشو ئي اچانڪ تبديل ٿي وڃي 17 ڪريڪس تي بيٺوآھي ڊيلٽا سڪڙي ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ لڳي هوڏانهن اڳ ئي 19961 ۾ آيل سامونڊي لهرسونامي سوکي بندر جو سڀ ڪجه پل ۾ اجاڙي ڇڏيو هوبرباد ڪري ڇڏيو هو تہ وري 1999 واري آيل خطرناڪ طوفان سب ڊيلٽا جي مٿان رهيل سهيل انساني آبادي جو گهڻو تڻو حصو بي گهر۽ دربدر ڪري ڇڏيو ڳجھ سميت ڪيترن ئي پکين جو نسل مڪمل ختم ڪري ڇڏيوھو نواز شريف سرڪار پاران گهرسروي جا ڪن کي 2000 هزار ۽ ڪن 5000 هزار روپيا طوفان ۾ ٿيل نقصان جي مد ۾ امداد طورڏناويا.
ماڙھون ڏاڍا غريب ٿي ويا پنهنجا گهر جاٽپڙ مال وجها هنڌ بسترا ٻنيون ٻارا کپائڻ لڳا جنهن کاري جي دنيا جي پنجون نمبر وڏي انڊس ڊيلٽا واري علائقي۾ هريالي خوشحالي هئي لکين ٽن سارين جي اپت ٿيندي هئي اشياء ۾ سڀ کان گهڻو چانورن جو فصل کاروڇاڻ وٽ ڊيلٽا تي ٿيندو ھو ۽ روزانو ٽي سئو کان وڌيڪ ٽرڪون ڪيلي جون لاهور ڏانهن وينديو هيون نيلام گهر۾ کاري ڇاڻ جي مشھور ڪيلي جي فصل بابت سوال پڇيو ويندو هو اتان جا ماڻھو ڪوٽڙي کان پاڻي نہ اچڻ ڪري شھرن مان اٽو خريد ڪري کائڻ لڳا ٿڌن ملڪن سائبريا کان ڪهي ايندڙ پرديسي پکين بہ اچڻ ڇڏي ڏنو دنيا ۾ مصرجي نيل درياء کان پوء انڊس ڊيلٽا ۾ ٿيندڙ سنڌ جي مشهور پلومڇي جنگلي جيوت آبي جيوت لائيو اسٽاڪ تمر ٻيلن جو نسل تيزيء سان ختم ٿيڻ لڳو ماڻھو سمنڊ جي کاري پاڻيء کان تنگ ٿي هڪ ديه هڪ هڪ ديه هڪ لک 20 هزار ايڪڙن تي مشتعمل هوندي هئي جتي جي ڪل 46 لک ايڪڙزرخيزسمنڊ برد ٿي وئي آھي اڳئي سمنڊ ڪيٽي بندر کان سئو ڪوه پري هوندو هو هاڻي سمنڊ ڪيٽي بندر کان سئو ڪوه اڳيان نڪري ويو آھي ٽيون ڪيٽي بندر جي سيني تي اڄ بہ ڪيٽي بندر۾ ڪامريڊ عمر شهبازي جي رائس مل ۽ کاروڇاڻ ڻ ڪشن ۽مگهن مل جي رائس ملن جا نشان باقي آھن سوکي بندر جو زميندارڏيسن مل تہ ورهاڱي وقت هليو ويو سنڌ کان هنڌڏانهن لڏ پلاڻ ڪري پر سندس گهرن اوطاقن چوپاين مال جي وٿاڻن جا نام نشان اڃان بہ هتي موجود رهيابهادر سنڌي لٺڙيا ديوان جن جي بهادري جون ڪهاڻيون مينڌي واري مور مٿان سمنڊ جون لهرون گونجائين ٿيون پصروز خان سکي ڏيار ڪا مڇي پيروز خان سکي ڏيارڪو پکي اهو سخاوت جو سردار پيروز خان بہ نہ رهيو. کاروڇاڻ ڊيلٽا جا ماڻھو بنيادي سهولتون نہ ملڻ ڪري لڏ پلاڻ ڪري اچي شھرن ويجهو آباد ٿيا آھن ڊيلٽا جا تاريخي شهر ۽ بندرگاهون سوکي بندرکاروڇاڻ ڪيٽي بندر شاهبندر لاهري بندر ڪوٽ ڪلا پنهنجا اصل نشان سمنڊ جي پاڻي هيٺ مٽائي سري وڃي ڏور بيٺا ڪڏھن ڪراچي کي ڪيٽي بندر ميونسپالٽي بجٽ مان حصو ڏيندڙ وڃي هڪ يونين ڪائونسل تي پهتي گهاٽن باغن بستانن وارا علائقا ڪڇ جي رڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳا علائقي ۾ انتها پسندي جهالت سماجي اڻبرابري عروج تي پهچڻ لڳي ڇوڪرين جي تعليم 97 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين جي تعليم 78 سيڪڙو کان بہ گهٽ هجڻ تي انهي ويچار ۾ ھئس تہ ڪاش! وگهيو ڪوٽ ڪلاڪوٽ راڻو ڀڙج ڪوٽ ڪيٽي بندرڊيلٽاوارو سکيو ستائبودور ڇونہ وري واپس اچي وڃي۽ آئون هن وقت سجاول بندران سنڌو جي ڇوڙ کوبر ڪريڪ وٽ درياء جي ٻن پاڻين جي ميلاپ کي روز اکين سان ڏسندو رهان ڪراچي هڪ ننڊي ڪن ۽ ننڊڙي بستي مان اچانڪ هي ايڏو ميگهاسٽي شھر ڪئين بڻجي پيو ۽ ڊيلٽا جو ڪيٽي بندر گهوڙاٻاري کاروڇاڻ شاهبندر جوان دور جي ڪراچي کان وڏو آبادي رکندڙ علائقو هئا.هواچانڪ ننڊن ننڊن ڳوٺن ۾ ڪيئن بدلجي ويووڏڙن موجب سنڌوء تي ڊئمن نهري نظام بئراجن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ڊيلٽا۾ 35 ايم ايف گهربل پاڻي نہ ڇڏڻ رامسر ڪنوينشن تي عمل نہ ٿيڻ ٻيلا وڍي ٻيلن جي زمينن تي بااثرن ڪامورن وزيرن مشيرن جي قبضن کان پوءَ هي علائقا تباه برباد ويران ٿي پياآھن ڊيلٽا جي ماڙھون علائقي ۾ محنت مزدوري جونہ هجڻ تي ملڪي ۽ غير ملڪي فنڊن تي هلندڙ اين جي اوز پاران خيرات طور ملندڙ فنڊ ن تي وقت پالو ڪرڻ لڳا يامدرسن جي لولن تي گذارو ڪرڻ لڳا روڍ رستا عمارتون اکڙي کنڊر بڻجي ويا آھن سمنڊ جي لوڻاٺي ريت وڻ ٽڻ گهر گهاٽ تباه برباد ڪري رهي آھي پاڻي لاء پکي پکڻ ماڙھون مال تڙپڻ لڳا آھن اوچتو ٽيٽيارو۽ بگھاڙدريائن پنهنجا نقش نشان مٽائي ڇڏيا آھن دريائن سم نالن مان مٺي پاڻي بدران سمنڊ جو کارو پاڻي وڌندو وڃي مڪلي ۽ دوله دياء خان پل سجاول تائين پهچڻ لڳو آھي تاريخي قبرستان ماڳ مڏيون بازارو شھر بستيون واهڻ وستيون سمنڊ برد تيزي سان ٿي رهيون آھن ۽ روزانو سمنڊهڪ ايڪڙوڌيڪ زرخيز زمينون ڳڙڪائي رهيو آھو سمنڊ جي لهرن جي اوچائي ۾ ھڪ فوٽ اضافو ٿيو ويوآھي منڌائتي مينهن وسڻ ڇڏي ڏنو آھي گرمي پڌ وڌي ويو آھي موسمياتي تبديلي سڀ کان گهڻو ڊيلٽا کي گهيري ۾ آندو آھي سامونڊي تدلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آھي ڊيلٽاجي فطرت خطري ۾ اچي وئي آھي هاڻي تہ ماهرموجب ڪراچي سجاول ٺٽو بدين کاروڇاڻ ڪيٽي بندر شاهبندر سوکي بندر ۽ڀنڀور جئيان سمنڊ برد ٿيڻ تي ڪجه سالن جي مفاصلي تي مس وڃي بچيا آھن ڪنيجهر جي پاڻي جو وڏو حصو ڪي فور منصوبي تحت بحريا ٽائون کي ڏنو ويو آھي ٻاراهن مهينا موج سان دريائن ۽ بئراجن جو پاڻي 9 مهين کان پوء مشڪل سان ٿو ملي هاري ناري پاڻي تي وڙھي مري رهيا آھن بک بيروزگاري سبب ماڻھو خود روزانوخودڪشيون ڪري رهياآھن. ڊيلٽا جاماهگير مڇي نہ ملڻ ڪري مڇي جي ڳولا ڪندي وڃي ڀارتي اهلڪارن هٿان پڪڙجي ڀارتي جيلن ۾ قيد ٿياآھن ماهيگرن جون ماهگيراڻيون ۽ وڻجارن جون وڻجاريون غربت سبب شھرن ڳوٺن مان اٽو پني پنهنجو پيٽ پارڻ تي مجبور ٿيون آھن
> هاڻي ڪهڙوويهي سنڌوء جو ڪيڏارو پڙھجي
ڊيلٽا جي هڪ شاعر جو انڊس ڊيلٽآتي ڪيڏارو پنهنجي شاعري ڻ هن ريت لکيو آھي
سنڌوء جي ڪناري
اڃن جي ڪهاڻي
سنڌوء جو ڪيڏارو
پکين جي اکين ۾
مٽيء جون مزارون
دٻن تي اڃايل
ٻگهن جون قطارون
ڍنڍن تي مئل هي
ڪونجن جون پڪارون
هوء آڙي اڃاري
آ پياسي اڏاڻي
۽ درياء ڪناري
هي اونڌا بتيلا
ويڳاڻي مهاڻي
اڃن جي ڪهاڻي
هو رڃ جو نظارو
سنڌوء جو ڪيڏارو
منهنجي ڳوٺ جا ماڙھووڏيري جي وڇايل مذھبي عقيدي جي ڄار۽ مرشد جي چنبي ۾ جهالت ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ لڳا آھن جڏھن تہ وري ساڳيو خاندان جو رئيس وڏيرو هزارين ايڪڙن جو زميندار سيٺ سرمائيدار بڻجي پهنجن ٻارن ٻچن کي ڪاليجن يونيورسٽين مان کيناعلىٰ تعليمٰ ڏياري کين نوڪرين ۽ اقتدار ۾ آڻي ويٺوآھي منهنجي ڳوٺ وارن کي نياڻيون ۽ ٻار پڙھائڻ لاء چوڻ تي مونکي ڳوٺ مان چريو ڌھريوقرار ڏيندي دربدر ڪيو ويو ڌڪا ٿاٻا کائيندي وڃي 4سال اڳ سنڌ ايگري ڪلچرورڪرز يونين اين ٽي ايف ۾ شموليت اخيتار ڪيم ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ سان گڏ ڪتاب پڙھيم ٿورو گهڻو شعور آيو پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ محترم ڪامريڊ امداد قاضي سان رابطوڪري هاڻي تہ دل ۾ پڪو په ڪيم تہ اسانجي بهتري فقط مارڪسز ۾ لينن جي نظرئي تي عمل ڪرڻ ۾ آھي هن علائقي جي ماڻھن مان اٻوج پئي جهالت فرسوده ريتن رسمن جي خاتمي ۽ بهتر انسان بڻائڻ لاء کين مارڪسزم طرف آڻڻ لاء وڌ کان وڌ ضرورت محسوس ٿي رهي آھي هڪ ڏينهن مون لاءرئيس وڏي جو نياپو آيو تہ تنهنجي لاء ۽ تنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن لاء چار نوڪريون بلديات کاتي ۾ رکيون اٿم مون رئيس وڏي کي جواب ۾ چورائي موڪليم هن انڌھيري ننگري ۾ هيٺين طبقي جي مظلومن ماڻھن جي حقن لاء آئون حق ئي هتي ڪامريڊ آواز اٿاريندڙ آھيان اهو بہ توکان برداش نٿو ٿيان ان کي بہ سرڪاري غلامي جو ڳٽ نوڪري جي صورت ۾ ڳچي ۾ ٿووجهي قابوڪرين ڇا؟ نہ … نہ آئون جيستائين هتان جي مارو لوڪ ماهگيرن هارين پورهيتن مزدورن وڻجارن جي ٻچن کي سستي سٺي اعلىٰ تعليم ۽ کين برابريء جي بيناد تي بنيادي سهولتون ڏياري سندن زندگي خوشحال بڻائڻ ۽صحت مند ذهني ڪفيت ۾ نٿو ڏسان تسيتائين منهنجو سڪون سان ويهڻ مشڪل سان هوندو ۽ اهو وقت پري ناهي جڏھن ڊيلٽاجي علائقي ۾ ڳاڙھو جهنڊو اوچوهوندو ماڻھون مارڪس لينن هوچي منهن چي گوريا جي نظرئي تي عمل ڪندڙ ڪامريڊ ھوندا خوشحالي هوندي هارين ماهگيرن پورهيتن وڻجارن جاپٽ ڌئيون هيرا بڻجي جهالت جو مڪمل خاتمو آڻيندا ۽ ترقي جو نئون سج اڀاري اينداسين.

0 Comments