انساني دماغ جي طاقت

تحرير :مبين مطهري

انسان ڪائنات جي ڳولها ٿو ڪري جڏهن ته هو خود پنهنجي ذات ۾ هڪ ڪائنات آھي پر ان کي پاڻ تي يقين نه آھي۔
الله تعالي انسان کي سهڻو خلق ڪيو آھي ۽ انجي وجود جي هر حصي کي مناسب مقدار ۾ رکيو آھي جيڪو منظم ٿي ڪري پنهنجي پنهنجي جاءتي ڪم ڪري ٿو,
قدرت انسان جي پروگرامنگ ئي اهڙي ڪئي آھي جو هو پنهنجي ذات ۾ ئي هڪ هلندڙ ڦرندڙ ڪائنات آھي پر هو شعوري اعتبار کان ان منزل تي ناهي پهتو جنهن جي ڪري هو ان سچائي کي درڪ نه ٿو ڪري سگهي,
انسان کي قدرت جي طرف کان هڪ اهڙي غير معمولي شئ عطا ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪوئي به ملھ ڪوئي مٽ ثاني نه آهي جنهن جي ڪري انسان کي اشرف الخلوقات جو شرف به حاصل آهي اها شئ آهي انسان جو ”عقل“ جنهن کي عرف عام ۾ دماغ به چيو ويندو آهي جنهن سان انسان سوچيندو آهي سمجھندو آهي محسوس ڪندو آهي فيصلا ڪندو ۽ شين ۾ فرق ڪندو آهي۽ تمام گهڻي معلومات (information) ان ۾ جمع ڪندو آھي۔
قرآن مجيد ۾ ڪيترين ئي آيتن ۾ الله تعالي انسانن کي اهو چيو آهي ته هو پنهنجي دماغ کي استعمال ڪن ۽ معاملات ۾ غور ۽ فڪر ڪن
هڪ حديث مبارڪ ۾ به آيو آهي ته جڏهن الله تعالي انسان جي عقل کي پيدا ڪيو ته ان کي چيائين اڳتي اچ ته هو اڳتي آيو ۽ چيائينس ته پوئتي هٽ ته هو پوئتي ٿيو پوء چيائين ته مونکي قسم آهي پنهنجي عزت ۽ جلال جو مان توکان وڌيڪ پياري شئ ناهي خلقي.
دماغ هڪ انساني عضوو آهي جيڪو تمام عضون کان وڌيڪ اهم آهي انساني جسم جا ٻيا به ڪيترائي عضوا آھن پر انهن جو دائرو محدود آھي اهي عضوه پنهنجي پنهنجي مقام تي ڪم ڪن ٿا پر انساني دماغ جو دائرو تمام گھڻو وسيع آهي جيڪو مادي ۽ معنوي ٻنهي لحاظ سان قائم ٿيل آھي جنهن جي حدن تائين ڪوئي به انسان يا ٻي ڪائي به مخلوق پهچي نه ٿي سگھي،
انساني دماغ جا بنيادي طور تي ٽي حصا آهن
دماغ جو شعوري حصو
دماغ جو تحتِ شعوري حصو
دماغ جو لا شعوري حصو
ظاهري طور تي اهي ٽي حصا آهن البت NLP ”نيورو لنگوسٽڪ پروگرامنگ“ جيڪو سائنس جو هڪ شعبو آهي ان ۾ تحتِ شعور ۽ لا شعور کي هڪ ئي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي جنهن کان پوء اسين انساني دماغ کي بنيادي طور تي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪندا آهيون
دماغ جو شعوري حصو
۽ دماغ جو لا شعوري حصو
دماغ جي شعوري حصي جو ڪم محسوس ڪرڻ فرق ڪرڻ سوچڻ سمجھڻ آهي ۽ خيالات کي معلومات (Information) کي دماغ جي ٻئي حصي يعني لا شعور ۾ پهچائڻ آهي،
دماغ جو شعوري حصو ڪائي به معلومات يا انفارميشن گھڻي دير تائين محفوظ نه رکي سگھندو آهي بلڪه انهي معلومات کي ۽ انهن خيالات کي دماغ جي لا شعوري حصي ۾ منتقل ڪندو آهي
پر انهي کان اڳ ۾ جيڪڏهن انسان دماغ جو صحيح استعمال ڪندڙ هوندو ته اهو ان معلومات کي ۽ پنهنجن خيالن کي دماغ جي شعوري حصي ۾ فلٽر ڪندو يعني ان ۾ فرق ڪندو جيڪي معلومات مفيد هوندي ۽ جيڪي خيالات مثبت ۽ مفيد هوندا انهن کي دماغ جي لا شعوري حصي ۾ موڪليندو انهي کان علاوه فضول معلومات يا منفي خيالات کي دفع ڪري ڇڏيندو پر اهو ڪم اهو ڪري سگھي ٿو جيڪو پنهنجي دماغ جو صحيح استعمال ڪرڻ ڄاڻيندو هجي ٻي صورت ۾ غلط انفارميشن ۽ معلومات يا منفي ۽ غلط خيالات به انجي لا شعوري دماغ ۾ منتقل ٿي ويندا جنهن جو انساني عملن تي تمام گھڻو منفي ۽ غلط اثر پوندو آھي۔
انساني دماغ جو لا شعوري حصو تمام گھڻو طاقتور آهي ان ۾ انتهائي گھڻي معلومات ۽ انفارميشن جمع ٿيل آهي ايتري تائين جو ڪجھ فلسفي چون ٿا ته انساني دماغ جي لاشعوري حصي ۾ پوري ڪائنات جي معلومات سمايل آهي جنهن کي هو آهسته آهسته درڪ ڪري ٿو پيو انسان جيترو پنهنجي دماغ کي گھڻو استعمال ڪندو اوترو هو پنهنجي لا شعور ۾ پيل ڪائنات جي معلومات واپس آڻيندو۔
بحرحال جيڪڏهن اسان انساني دماغ کي 100 فيصد تصور ڪيون ته 10 فيصد دماغ جو شعوري حصو آهي ۽ 90 فيصد دماغ جو لا شعوري حصو آهي، دماغ جي لا شعوري حصي جو ڪم اهو آهي ته هو دماغ جي شعوري حصي مان ورتل معلومات کي ۽ خيالات کي پاڻ وٽ جمع ڪندو آھي ۽ انهي جي مطابق انسان جي عملن کي انجام ڏياريندو آھي ن۔
اها ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته جهڙي قسم جي سوچ خيالات ۽ احساسات اسان پنهنجي لا شعوري دماغ ۾ موڪليندا آهيون ته اسان جو لا شعوري دماغ به اهو ئي سمجهندو آهي ته انسان اهو عمل انجام ڏيڻ چاهي ٿو جنهن کان پوء دماغ اسان کي اهو عمل ڪرائيندو آهي جيئن چيو ويندو آهي ته جهڙي قسم جي سوچ هوندي عمل به اهڙو ئي ٿيندو ڇاڪاڻ ته انساني عمل انسان جي سوچ جو نتيجو هوندا آهن ۽ جڏهن انسان پنهنجي سوچ ۽ خيالات کي دماغ جي شعوري حصي ۾ صحيح طريقي سان فلٽر نه ڪندو آهي ته اها منفي سوچ ۽ برا خيالات انسان جي لا شعور ۾ پهچي ويندا آهن جنهن کان پوء انجو عمل منفي ۽ برو ٿي ويندو آهي،
ڪافي انسان اهڙا آهن جن دماغ جي ان راز کي ڀلي طريقي سان سمجھيو آهي ۽ هو هميشه صحيح سوچيندا آهن ۽ مثبت خيالات ۽ احساسات پنهنجي دماغ ۾ منتقل ڪندا آهن جنهن سان اهي دنيا ۾ تمام گھڻي ترقي ڪندا آهن ۽ عملي اعتبار سان نيڪ به هوندا آهن،
اها هڪ حقيقت آھي ته انساني دماغ هڪ عجوبه آهي ان کي اسان معمولي سمجھون ٿا جڏهن ته انسان جي زندگي جو پورو دارومدار ان تي آهي ۽ اسان ان کي ئي استعمال گھٽ ڪندا آهيون نتيجي ۾ اسان علمي, عملي،مالي،معاشرتي،اجتمائي ۽ روحاني ترقي نه ڪري سگھندا آهيون جڏهن ته الله تعالي انکي پنهنجي پياري ۾ پياري مخلوق چيو آهي ۽ هڪ ٻي حديث ۾ ان کي باطني رهبر چيو ويو آهي جيڪو انسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو۔
اسان کي گھرجي ته انساني دماغ جي ان راز کي سمجھون ۽ خدا جي ڏنل ان نعمت جو صحيح استعمال ڪيون ته جيئن اسان جي خلق ٿيڻ جو اصل مقصد اسان کي حاصل ٿي وڃي۔