Recent-Post

ھڪ غريب مزدور جي لاچاري ۽ ان جا سبب


تحرير فياض کوسو

ھڪ مزدور جنھن کي نه پنھنجو گھر ھ
یو نہ وری ان کي ڪوئی پُٽ ھیو پر ان کي ٽي ڌيئرون ھيون
ھو ھڪ بيوس مزدور ھ
یو ۽ ان سان گڏوگڏ ھو تمام سٺو ۽ بھترين ماڻھو پڻ ھيو ۽ ھو پنج وقت نمازي به ھيو جڏھن ڀلارو ڏينھن رمضان مبارڪ جو ايندو هيو ته گھڻائي انسان نه روزا رکندا هئا نه نمازون پڙھندا هئا پر ھي مزدور روزيدار ۽ نمازي هيو
اهو مزدور صبح سان روزو رکي روزگار جي
 لاء نڪري ويندو ھو ۽ جڏهن پنھنجي گھر ايندو ھو ته انجي گھرواري ان جي عزت نه ڪندي ھئي نه وري ان سان ڳالھائيندي هئي ھو جيڪي به پئسا ڪمائيندو ھو اچي پنھنجي ڌيئرن کي ڏيندو ھو جڏهن ته انجي زال پنھنجي ڌيئرون کان پئسا وٺي پنھنجي ماءُ ڏي موڪلي ڇڏيندي هئي
گھڻو وقت ائين ھلندو رهيو ۽ جڏھن مالڪ مڪان ان مزدور کان ڪرائي جا پئسا وٺڻ آيو ته انکي مزدور چيو ته توھان اتي بيھو مان گھران پئسا کڻي اچان ٿو جڏھن ھو گھر آيو ۽ پنھنجي وڏي ڌئ کان پئسا گھريا ته ان پنھنجي پيُ کي چيو ته اسان کان پئسا کپي ويا آھن مزدور اھا ڳالھ ٻڌي گھڻو پريشان ٿي ويو پر دڪان وارا ان جي گھڻي عزت ڪندا ھئا انهي ڪري هو ھڪڙي دڪان واري کان 3500 روپيا وٺي اچي مالڪ مڪان کي ڏنا
ان جي ڌي ان سان ڪوڙ ڳالھايو ان ڪوڙ جي وجہ ھي آھي ته ان مزدور جي زال پنھنجي ڌيئرن کي چيو ته جيڪڏھن توھان پنھنجي پيُ کي ھي ٻڌايو ته توھان پئسا مونکي ٿا ڏيو ته توھان سان اھڙو سلوڪ ڪندم ته توھان ڪنھن کي منھن ڏسڻ جي لائق نه رھندؤ اھي پنھنجي ماءُ جي ڳالھ
ین کان ڊڄي ويون
۽ هو مزدور مجبور ھو ۽ بيوس هو ان دڪان واري جا پئسا ڏئي ان دڪان واري کان آزاد ٿي ويو ۽ گھڻائي مزدور جمعي جي ڏينھن مزوري ته نه ويندا هئا پر ھي جمعي جي ڏينھن به مزدوري تي ويندو ھو ۽ جڏھن ھن کي ڪو ڪم نه ملندو ھو ته ھن جون ڌيئرون ۽ پاڻ بک ۾ رھندا هئا پوء ان جو گذر سفر ان ڏينھن جو ڏاڍو مشڪل سان ٿيندو ھو ليڪن دڪان وارا ان کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي ويندا هئا
وري جڏھن پھرئين تاريخ آئي ته ان مزدور کي خبر ھئي ته اڄ جڳھ جو مالڪ ايندو جڏھن ھو ڪم تان لھي گھر آيو ته اتي جو اتي جڳھ جو مالڪ بھي اچي ويو دروازو کڙڪيو مزدور ٻاھر آيو ڏٺائين ته جڳھ جو مالڪ ھو وري ان کي چيائين ته بيھو مان گھر کان پئسا کڻي اچان گھر آيو ۽ پنھنجي وڏي ڌئ کي چيائين ته ابا پئسا ڏي جڳھ جو مالڪ آيو آھي ته ان کي ڏيان وري ساڳيو جواب ته بابا اسان کان پئسا کپي ويا وري بيوس مزدور ساڳيو پريشان وري دڪان واري وٽ ويو ۽ دوڪان واري ان کي پئسا ڏنا ۽ پوء اهي جڳھ جي مالڪ کي ڏنائين
هي مزدور ويچارو پريشان ھيو ۽ مسلسل سوچي رهيو هيو ته منھنجون ڌيئرون ايترا پئسا ته نه کپائينديون
ھڪ رات روئيندي پنھنجي وڏي ڌي کان پڇا ڪيائين ابا توھان صحيح ٻڌايو ته توھان منھنجا پئسا ڪاڏي ڪري ٿا ڇڏيو اھا ڌي پنھنجي پيُ جا ڳوڙها ڏسندين غمگين ٿئي ٿي ۽ سڀ ڪجھ پنھنجي پيُ کي ٻڌايائين ته بابا اسان کي امان ڊڄاري توھان جا سڀ پئسا اسان کان ڦري ويندي ھئي۔
هڪ ڏينهن مزدور پنھنجي دل ۾ سوچيو ته ڇو نه مان پنھنجن ڌيئرن جي شادي ڪرايان مزدور انهن سڀني جي شادي ته ڪرائي ڇڏي ۽ ان کان پوء پنھنجي زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پوء ڪجھ وقت گذرڻ کان پوء پاڻ به وفات ڪري ويو۔


Post a Comment

0 Comments