ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه
ٿيندو ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ جيترو تجنيسن ۽ صنعتن جو سگهارو استعمال
آهي، سو ڪنهن به عَروضي شاعر ۾ نه ٿو ملي. هن مضمون کان اڳ مولوي صاحب جي شاعريءَ
مان تجنيس تام، ناقص، مڪرّر، زائد ۽ حرفيءَ جو جائزو ورتو اٿم. گهڻي قدر، مولوي صاحب
جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفيءَ جو استعمال ته ڪمال جو آهي، جنهن سبب کيس ’تجنيس
حرفيءَ‘ جو شهنشاه ڪوٺيو ويندو آهي. هتي مولويءَ صاحب جي شاعريءَ مان تجنيس خطيءَ
جو جائزو وٺجي ٿو.
تجنيس خطيءَ مان مراد اهڙا لفظ ڪم آڻڻ آهن، جن جي لکڻ ۾ صورت ساڳي هجي، ليڪن ٽٻڪن جو فرق هجي، جيئن: ’محبت، محنت ۽ مخنث‘ يا ’محرم ۽ مجرم‘ يا ’بر، تر، ٿر، پر‘ وغيره. ڄاڻايل لفظن جي لکت ساڳي بيهي ٿي، البت ٽٻڪن ۾ فرق ٿيندو. ان اهڙي صورت وارن لفظن جي استعمال کي تجنيس خطي ڪوٺيو ويندو آهي.
تجنيس خطي: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + خطي (خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکڻي، لکيل صورت] علم بيان موجب ڪنهن شعر ۾ اهڙا مختلف لفظ ڪم آڻڻ جن جي لکيل صورت ساڳي هجي ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق هجي، جيئن: سحر، شجر، سخر وغيره.

تجنيس خطيءَ جي چال کي
سمجهڻ لاءِ سنڌي آئيويٽا جي بنيادي شڪل وارن اکرن جي مماثلت هيٺين ريت ڪري سگهجي
ٿي:
• ’ب‘ اکر جي ٻيڙيءَ وارا ٻيا به اکر آهن، جهڙوڪ: ’ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٺ، ٽ، ث، پ‘ ان خيال کان ’ب‘ ان جي بنيادي صورت آهي ۽ ٻيا اکر ان جي هم شڪل آهن.
• ’ح‘ جي شڪل جهڙا ٻيا اکر ’ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ‘ به آهن، يعني ’ح‘ ان جي بنيادي شڪل آهي، جنهن ۾ ٽٻڪن جو استعمال ڪري ٻيا اکر لکيا ويندا آهن.
• لکت جي لحاظ کان ’د‘ اکر جهڙيون ٻيون صورتون، ٽٻڪن جي فرق سان، ’ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ‘ ٿين ٿيون، جيئن: ’ر‘ جي بنيادي شڪل جهڙا ٻيا اکر به آهن: ’ڙ، ز‘، صرف ٽٻڪن جو فرق آهي.
• ’س‘ ۽ ’ش‘ اکرن جو بنيادي گهرُ ساڳيو ٿئي ٿو.
• ’ص‘ ۽ ’ض‘ ٽٻڪي جي فرق سان، ساڳئي گهير جو اکر آهي.
• ٽٻڪي جي فرق سان ’ط‘ ۽ ’ظ‘ اکرن جي لکت ساڳي رهي ٿي.
• ’ع‘ ۽ ’غ‘ اکرن جي بنيادي صورت ساڳي آهي.
• ’ف‘ ۽ ’ڦ‘ جي شڪل ٽٻڪن جي فرق سان ساڳي آهي.
• ’ن‘ ۽ ’ڻ‘ اکر جي شڪل کي به سنڌي آئيويٽا جي نسبت، ’ٽٻڪي ۽ ’ننڍڙي ط‘ جي فرق سواءِ، ساڳيو سمجهڻ گهرجي.
ان کان سواءِ، اکرن جي چئن صورتن (سالم، شروعاتي، وچين ۽ آخري) نسبت، ڪي اکر اهڙا به آهن جن جون ڪي صورتون ٻين اکرن سان ملي سگهن ٿيون ۽ ڪي صورتون نراليون ٿي بيهن ٿيون، اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪندي، اکري ورڇ هيٺين ريت ڄاڻائجي ٿي:
• ’ن‘ جي شڪل وارو اکر ’ڻ‘ آهي، ليڪن ٻنهي اکرن جي سالم ۽ آخري صورت کان سواءِ شروعاتي ۽ وچولي شڪل ساڳي ’ب/ ٻ/ ڀ/ ت/ ٿ/ ٺ/ ٽ/ ث/ پ‘ واري ٿئي ٿي. اهڙي صورت ۾ ’ن‘ جي شڪل کي ٽٻڪن جي بنياد تي، ’ب وغيره‘ ۽ ’ڻ‘ ٻنهي سان ساڳيو سمجهي سگهجي ٿو.
• ’ف ۽ ڦ ‘ ساڳي شڪل جا اکر آهن، البت، ’ق‘ جي شروعاتي ۽ وچين شڪل ’ف ۽ ڦ‘ سان ملي ٿي، جڏهن ته ’ق‘ جي سالم ۽ آخري شڪل ’ف ۽ ڦ‘ کان مختلف بيهندي آهي.
• ’گ‘، ڳ ۽ ڱ‘ جون بنيادي شڪليون ساڳيون بيهنديون، ليڪن ساڳي بنيادي شڪل وارو ’ک‘ جو اکر صرف مٿين ترڇين ليڪن سبب فرق رکندو.
• ’ي‘ اکر جي شروعاتي ۽ وچين شڪل ساڳي ’ب‘ وارن اکرن واري بيهي ٿي، البت ’ي‘ جي سالم ۽ آخري شڪل الڳ ٿي بيهندي آهي ۽ انهن جي ’ب‘ وارن اکرن سان هم شڪلي نه ٿيندي.
مٿين معيارن جي بنيادن تي اها ڳالهه وري ورجائجي ته اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جيڪي بنيادي صورت ۾ ساڳيا هجن ليڪن ٽٻڪن جو فرق هجي ته ڪنهن شعر ۾ انهن جي استعمال واري ڪاريگريءَ کي ’تجنيس خطي‘ ڪوٺبو.
مولوي صاحب جيئن ته شاعريءَ جي فن جو وڏو جراح ڪاريگر هيو، ان سبب هن جا هن دائري ۾ به ضرور ڪي شعر رچايل هوندا. اندازو آهي ته ’تجنيس خطيءَ‘ جي دائري هيٺ ضرور سندس هڪ مڪمل غزل هوندو، پر وقت جي ستم ظريفين سبب سندس ڪلام جو ڪجهه حصو ضايع ٿي ويو آهي. تنهن هوندي به سندس موجود ڪلام مان چند مثال ملن ٿا. هڪ غزل جي بند ۾ هي مثال ملي ٿو ته:
هيل تائين حال مسڪين، خال مُشڪينَ جي مثال،
هُت نه ڪو هرگز ٿيڻ، حالي حواليءَ لاءِ وَجههُ.
هن شعر ۾ ’حال مسڪين‘ ۽ ’خال مُشڪينَ‘ جي خطيءَ واري صورت/ لکت ساڳي آهي، ليڪن ٽٻڪن/ نقطن ۾ فرق آهي. هڪ ئي سٽر ۾ اهڙي خطيءَ جي صورت وارن مختلف لفظن کي ڀيٽي، ’تجنيس خطي‘ سڏبو آهي.
مولوي صاحب جا چند شعر، تجنيس خطيءَ جي خيال کان خيال خاطر رکجن ٿا:
• بي غرضَ، بَر ۾ بيهاريَئي، هو عرض ڀَر ۾ بيهار،
داد جو دستور ڌارڻ، آهه ايءُ ڏاڍو عجيب.
مٿئين شعر ۾ ’غرض‘ ۽ ’عرض‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف نڪتي جو فرق آهي.
• ٿو شُمارين شراب جنهن کي هِت،
سو سڀو سُڃ سراب عين بعين.
ڄاڻايل شعر ۾ ’شراب‘ ۽ ’سراب‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف نڪتي جو فرق آهي.
• درويش هو يا دولتي، محبوب هو يا محبتي،
مهندار هو يا محنتي، سگهجي سڃاڻي هاڻ ڪيئن؟
ڄاڻايل شعر ۾ ’محبتي‘ ۽ ’محنتي‘ ساڳي خطيءَ واري صورت جا لفظ ڪم آندل آهن، صرف نڪتي جو فرق آهي.
ان کان علاوه قافين ۾ به اهڙا لفظ ملن ٿا جيڪي تجنيس خطيءَ جا مثال آهن:
• ڪري تُرهو تَوڪل تار، تَر اِيئن جيئن تَرڻ گهرجي،
پريان سان پَت لنگهي پاتار، پَر ايئن جيئن پَرڻ گهرجي.
انڌاريءَ رات، اُونهان ڪُن، ٻيا وِک وِک مٿي واگهُو،
سُونهون ٿي سِيرَ ۾ وک يارَ، ڀَر ايئن جيئن ڀرڻ گهرجي.
ڄاڻايل غزل جي مطلع ۽ بند ۾ ٻٽا قافيا: ’تر ۽ ترڻ‘، ’پَر ۽ پَرڻ‘، ’ڀَر ۽ ڀرڻ‘ پڻ تجنيس خطيءَ جا مثال آهن، جيئن: ’تَر، پَر ۽ ڀَر جي بنيادي صورت ساڳي آهي ۽ ’تَرڻ، پَرڻ ۽ ڀرڻ‘ جي بنيادي صورت ساڳي آهي. ان سبب اهڙي ڀيٽ جي بنياد تي ان حرفت کي تجنيس خطيءَ جو استعمال سڏبو.
مولوي صاحب جو قافين ۾ اهڙو تجنيس خطيءَ جو استعمال ته ڪافي ملي ٿو، هڪ ٽيه اکري نظم جي بند کي ئي ڏسي وٺو ته جنهن جي قافين ۾ تجنيس خطيءَ جو استعمال ڪيو اٿس:
’يي‘ يَقيناً سوئي يڪسر، يار ياور پڻ يَڪو،
ٻيا ڏني تي ڏين، هو ڏئي ڏيهه کي ڏيڻو نڪو،
سج هلائڻ تي هُجي، ڪُل جَڳ ته ٿوريءَ تي ٿَڪو،
سڀ سنڀالي هيڪ هُو، جيئن تنهنجي هٿ ۾ هڪ ٽَڪو،
ڪوڙ ٻيا ڪوڙين نه ٻڌندس، قلب ۾ ڪلمو پَڪو،
قلب ۾ ڪلمو پڪو، ٻي ڪار سمجهي ڇا سگهان.
’يڪو‘، ’نڪو‘، ’ٿڪو‘، ’ٽڪو‘ ۽ ’پڪو‘ جا لفظ اهڙا آهن، جن جي بنيادي صورت ساڳي آهي، جنهن سبب انهن کي تجنيس خطيءَ جي مثالن ۾ شمار ڪبو. حاصل مطلب ته مولوي صاحب جي شاعري، صنايع بدايع جي خيال کان، تمام شاهوڪار آهي. هڪ ئي شعر ۾ تجنيسن جا مختلف رخ جاچي سگهجن ٿا. شاعريءَ ۾ حرفت جا مثال مولوي صاحب جي شاعريءَ کان وڌ ڪٿي به نه ٿا ملن.

0 Comments