Recent-Post

استاد جي عظمت کي سلام



استاد جي عظمت کي سلام!



استاد ھڪ انمول شئ آھي اسان جي زندگي گذري وڃي پر اسان استاد جو ھڪ ٿورو به نه لاھي سگھنداسين ڇاڪاڻ ته استاد هميشه شاگرد جو محسن آھي استاد اهڙو مسيحا آھي جيڪو هڪ کوٽي سڪي کي ان قابل ٿو بڻائي جو هو انمول بڻجي ٿو وڃي,
والدين اسان کي ڇھ سالن کان پوء استاد وٽ ڇڏيندا آھن پوء استاد اسان تي محنت ڪندو آھي ۽ اسان کي علم ۽ شعور ڏيندو آھي ۽ زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاريندو آھي يقينن هڪ استاد اھا محنت پنھنجي لاء نه پر شاگرد جي لاء ڪندو آھي ته جئين اهو سڀاڻي اهو پنهنجي علم ۽ قابليت سان ٻين انسانن ۽ پنهنجي قوم جي خدمت ڪري ۽ ان جي ترقي ۾ معاون ۽ مددگار ٿئي انهي سان گڏو گڏ پنهنجي اخلاق سان معاشري ۾ زندگي گذاري وڏن جو ادب ڪري ننڍن سان سھڻو برتاء ڪري مطلب ته هڪ ڀلو انسان ٿئي۔
پر اڄڪلھ جي معاشري ۾ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر ڪري استادن جو احترام نه ٿو ڪيو وڃي اڄڪلھ جا شاگرد استادن کي اھميت نه ٿا ڏين۔
جڏهن ته اسان جي نوجوانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته استاد اسان جي ماءُ پئ جي برابر آھي استاد اسان کي اونداھي مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو استاد اسان جي اکين کي کولي ٿو جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ استاد نه هجن ها ته اهو معاشرو جاهلن وارو معاشرو هجي ها جنهن ۾ هڪ ماڻھو ٻئي ماڻھو کي به کائي وڃن ھا جڏهن ته ڪافي حد تائين ائين ٿي به رهيو آھي جنهن جو سبب استادن کي ۽ تعليم کي اهميت نه ڏيڻ آھي
ان سبب کي معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڇو شاگردن جي اڪثريت استاد جو احترام نه ٿي ڪري,
ان جا گهڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا پر مان هن مضمون ۾ فقط هڪ سبب جي طرف اشارو ڪندس جيڪو ڪافي حد تائين بنيادي هوندو اهو آھي گندي ۽ بري ”دوستي“ ڇاڪاڻ ته ھڪ نوجوان جي گندن دوستن سان دوستي آهي اھي ھڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام نه ٿا ڪن ۽ مسلسل اخلاقيات کي نظر انداز ڪن ٿا اهڙي طرح سان آهسته آھسته هو بد اخلاقي ۾ گهڻو مبتلا ٿي وڃن ٿا انهن مان عزت ۽ احترام جي حس ختم ٿي وڃي ٿي نتيجي ۾ اهو نوجوان نه والدين جو احترام ٿو ڪري ۽ نه وري پنهنجن استادن جو احترام ٿو ڪري,
اهو هڪ اهڙو عمل آھي جنهن سان ڪنهن هڪ فرد جو نقصان نه بلڪه قوم ۽ معاشري جو نقصان ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته شاگرد قوم جو مستقبل هوندو آھي ۽ استاد ان مستقبل کي سنوارڻ وارو مربي انهي ڪري جيڪڏهن استاد ۽ شاگرد يا معلم ۽ طالبعلم جو رشتو ڪنهن به سبب جي ڪري ڪمزور ٿيو ته پوء نه هو استاد رهندو ۽ نه وري هو شاگرد رهندو ٻنهي صورتن ۾ نقصان وري به قوم جو ٿيندو۔
اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي اهميت کي سمجهون ۽ استادن جي عزت ۽ احترام ڪريون ته جيئن اسان به عزت وارا ٿيون ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان استادن جي عزت ڪنداسين ته معاشرو به اسان جي عزت ڪندو ۽ گڏوگڏ هڪ بهتر ۽ با اخلاق معاشري جو وجود پوندو۔

Post a Comment

0 Comments