هڪ اکين جي بينائي کان محروم غريب نياڻي جڏھن دنيا جي رنگن کي اڄ پنهنجي اکين سان ڏٺو
جس هجي فدا حسين مستوئي صاحب کي
هي غريب نياڻي ميرزادي ڌيءٗ علي اڪبر ڳوٺ ڪرم دين ضلعو سجاول جي آھي هو پيدا ٿيڻ کان وٺي ٻنهي اکين جي بينائي کان محروم هئي ٖ جڏھن ايس ايس پي فدا حسين مستوئي کي خبر پئي تہ هن نياڻي کي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ اکين جي ماهر سرجن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ڊاڪٽرن چيو آپريشن ذريعي هن نياڻي جي اکين جي روشني واپس اچي سگهي ٿي ليڪن هي جسماني طور تمام ڪمزور آھي آپريشن نہ ٿا ڪري سگهون انهن ڪجهہ دوائون لکيون تہ هي وٺو اهڙي طرح آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين آغا خان اسپتال جا ست دفعا وزٽ ڪيا ويا آخر ڊسمبر ۾ ھن نياڻي جو پهريون ڪامياب آپريشن ٿيو ان بعد جنوري ۾ ٻيو ڪامياب ٿيو ٖ اڄ سندس اکين تان پٽي هٽائي وئي تہ هن نياڻي اڄ پنهنجي اکين سان دنيا جي رنگن کي ڏٺو تہ سندس خوشي جي انتها نہ رهي ٖ فدا حسين مستوئي جا پنڌ سجايا ٿيا ٖ فدا حسين مستوئي صاحب اوهان کي نياڻي جي ڪامياب آپريشن ٿيڻ تي دعائن سان گڏ مبارڪون هجن سچ تہ مون وٽ لفظ نہ آھن مولا اوهان کي اجر عطا ڪري
دعاگو
ذوالفقار قادري
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=825272137817582&id=100010044104796
0 Comments