سرڪار نامدار مطابق 2 آگسٽ تائين پاڪستان جا 13 وڏا شهر ڪووڊ جي خطرناڪ لهر ۾ ورتل هئا جن ۾ سنڌ جا فقط 2 شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد شامل هئا. 28 ڏينهن کان کان پوء 30 آگسٽ تائين اهڙن شهرن جو تعداد 27 تي وڃي پهتو....... مگر حيرت انگيز طور تي سنڌ ۾ خطرو صرف ساڳين ئي ٻن شهرن حيدرآباد ۽ ڪراچي کي آهي ۽ سرڪار نامدار جي کاتن ۾ باقي سموري سنڌ ۾ امن، چين، سک سلامتي لڳي پئي آهي.
ان حوال پروگرام جي پويان پاڪستاني مقتدره جا مقصد هاڻي ايترا ڳجها بہ ڪونهن رهيا جو هرڀرون بہ ڪو سمجهي نه سگهي...
حقيقتون ڪيتريون تلخ آهن، اهو سڀئي ڄاڻن ٿا. سنڌ جي جهنگ جهر تائين موت مار وبا پنهنجا پر ڦهلائي چڪي آهي. هر دوست فقط پنهنجي سوشل ميڊيا جي حلقي تي ئي نظر ڦيرائي ڏسي تہ روزانو ڪيترن ماڻهن جي موت جا اطلاع پوسٽ ٿين ٿا؟ هڪ ٻن ڏينهن جي اهڙي ڊيٽا پاڻ ئي پنهنجي نيوز فيڊ تان جمع ڪري ڏسو ۽ ان جو موازنو مهينو يا ٻہ مهينا اڳ ۾ سان ڪري ڏسو. حالات توهان جي سامهون چٽا ٿي بيهندا.
اهو ڪو اتفاق ڪونهي تہ مهينو اڳ روزانو ايترا ماڻهون ڪون پيا مرن ۽ هاڻي مرڻ لڳا آهن.

مير الطاف حسين ٽالپر

0 Comments