Recent-Post

پنهنجي ڳوٺن جي پاڻ مالڪي ڪيو


پنهنجي ڳوٺن جي پاڻ مالڪي ڪيو
اسحاق تونيو
 اسان ڳوٺ جي اسڪول جي بلڊنگ ڪافي سفارشن بعد منظور ڪرائي گذريل هفتي ٻن ڪمرن تي ڪم شرپع ٿيو ته سنڌ ۾ هميشه جيئان سرڪاري عمارتن جي تعمير جو منظر ڏٺو ۽ مشاهدو ٿيو. ٺيڪيدار صاحب پراڻين سرن کي استعمال ڪندي ڪم شروع ڪيو ڏه بار ڏئي ويو تڙ تڪڙ ۾ ۽ سيمينٽ ب اٽي ۾ لوڻ برابر وڌو اها خبر ڳوٺ جي نوجوانن اسان تائين.پهچائي اسان اها شڪايت سنڌ جي اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ جي تعليم کاتي کي ڪئي ته جي قدم نه کنيون ويو ته اسان ڪورٽ ۾ وينداسي. انجو نتيجو اهو نڪتو ته ٻئي ڏينهن قمبر شهدادڪوٽ ضلع جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جا آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پهتا انهن ڪم.بند ڪرائي ٺهيل ڀتين کي جلدي ڊاهي ڇڏيو ۽ وري ڪم ٻيهر شروع ڪرايو. وعدو ڪيو ته ڪم.بهتر ٿيندو اسڪول جي ٺهندڙ ڪمرن ۾ سب اسٽينڊرڊ مٽيريل استعمال نه ڪيو ويندو . اسان ڳوٺ جي نوجوانن۽ اسڪول جي استادن جي ڪاميٽي ٺاهي آهي جيڪا ان تي نظر رکندي. دراصل جيڪي به پبلڪ پراجيڪٽ اسڪول اسپتالون روڊ ناليون وغيره ٺهن ٿا اهي ڳوٺاڻن جي ملڪيت ۽ قومي خزاني مان ٺاهيا وڃن ٿا . پر راشي آفيسرن راشي چونڊيل نمائندن ۽ ٺيڪدارن جي گڏيل سازش سان انهن تي جڳاڙي ڪم.ڪري پئسه کائي وڃن ٿا. اسان جا ڳوٺاڻان جيڪڏهن انهن ٺهندڙن منصوبن جي مالڪي ڪن ته ڪافي فرق پئجي سگهي ٿو دانهن ڪوڪڪن ڪرڻ سان ۽ درخواستن موڪلڻ سان . پر ايئن مالڪي نه ڪن جيئن تيل جي ڪمپنين کان قمبر شهدادڪوٽ جا چوڊيل نمائندا ڪجهه ڏوڪڙ وٺي ملي ڪري عوام جي ڀينگ ڪرائن ٿا انهن کان ڪجهه لک وٺي ڪروڙين جو ڪم صرف ڪاغدن ۾ ٿئي ٿو ۽ نقصان عام ڳوٺاڻن جو ٿئي ٿو جيڪا انهن جي گڏيل مئ قانوني ملڪيت آهي اميد ته سنڌ جي ڳوٺن شهرن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن تي اتان جا نوجوان نظر رکندا ۽ گڏيل ڪميٽيون ٺاهي پنهجي ذميواري جو ثبوت ڏيندا 

Post a Comment

0 Comments