Recent-Post

ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملو ڪندڙ چار دهشتگرد مارجي ويا



ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ واقع چيني قونصل خاني ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 ئي حملي آور به مارجي ويا آهن، جن وٽان آپگهاتي جيڪٽ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ مطابق صبح ساڍي 9 وڳي ويجهو 4 دهشتگردن چيني قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، گارڊن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن ۽ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو آهي.
ڪراچي پوليس چيف مطابق ڪارروائي دوران چيني قونصل خاني ۾ داخل ٿيندڙ چئني ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جن وٽان آپگهاتي جيڪٽس ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.


Post a Comment

0 Comments