ڪراچي ۾ حددخلين خلاف ستين ڏينهن به صدر ايمپريس مارڪيٽ جي پاسن ۾ غير قانوني اڏاوتن کي هٽائڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.

حد دخلين جي خاتمي بابت جوڙيل کاتي طرفان وڏي مشينري جي مدد سان غير قانوين اڏاوتن کي ڪيرايو پيو وڃي.

آپريشن دوران پکين واري مارڪيٽ، ڪپڙن جي مارڪيٽ، چانهه پتي ۽ خشڪ ميوي جي مارڪيٽ کي به ڪيرايو پيو وڃي.

حد دخلين جي خاتمي بابت جوڙيل کاتي جي ڊائريڪٽر بشير احمد صديقي جو چوڻ هو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري حددخلين جو خاتمو ڪيو ويندو، جڏهن ته 15 ڏينهن ۾ اصل صورت ۾ بحال ڪيو ويندو.

بشير صديقي چيو ته هڪ هزار کان مٿي غير قانوني دڪان ڪيرايا ويندا ۽ آپريشن کانپوءِ ڪي ايم سي ۽ پوليس صدر ۾ هر هنڌ ڪيمپ لڳائيندي.

حد دخلين جي خاتمي بابت جوڙيل کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته صدر ۾ حددخلين کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس بڻائي وئي آهي جيڪا ڪي ايم سي، اينٽي انڪروچمنٽ ۽ پوليس تي ٻڌل هوندي