Recent-Post

آمريڪي عورت پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ سيالڪوٽ پهچي وئي



آمريڪي عورت پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ سيالڪوٽ پهچي وئي
سوشل ميڊيا سبب جتي پوري دنيا ۾ هزارين ميل پري رهندڙ ماڻهو دوست بڻيا اتي ئي ڪجهه ماڻهن کي ان ئي سوشل ميڊيا وسيلي پنهنجي محبت به ملي وئي، اهڙي طرح هڪ آمريڪي عورت پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي سيالڪوٽ پهچي وئي.
تفصيل موجب 41 ورهين جي آمريڪي عورت 21 ورهين جي پاڪستاني نوجوان سان ملاقات لاءِ پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ پهچي وئي، 41 ورهين جي هيلينا جي 21 ورهين جي ڪاشف سان ملاقات سوشل ميڊيا تي ٿي، ٻنهي ۾ دوستي ٿي جنهن کانپوءِ اها دوستي پيار ۾ تبديل ٿي وئي.
هيلينا 21 ورهين جي ڪاشف سان محبت جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ ٻنهي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان ئي لاءِ هيلينا پاڪستان پهچي وئي. هيلينا ڪاشف سان شادي ڪرڻ کان اڳ اسلام به قبول ڪندي جنهن کانپوءِ ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.
ڪاشف جي گهروارن موجب شادي جون سموريون تياريون ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ڪاشف جي دوستن کي به شادي جي دعوت ڏني وئي آهي.

Post a Comment

0 Comments