Recent-Post

ڪوشش ئي ڪاميابي جي ڪنجي آھي



تحرير فياض علي کوسو
ڪوشش ھڪ اھڙي شئ آھي جيڪا ناڪام ماڻھو کي به ڪامياب ڪري سگھي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪوشش ڪرڻ جا نتيجا هميشه ڀلا نڪرندا آھن
پر شرط آھي ته پوري ڪوشش ۽ جدوجهد هجي انسان ڪامياب تڏھن ٿي سگھي ٿو جڏھن ھو پوري ڪوشش ڪري,
اها هڪ حقيقت آھي ته جڏهن به انسان زندگي جي ڪنهن به معاملي ۾ ناڪام ٿيندا آھن ته انهن مان اڪثر ان ناڪامي جو سبب يا ته الله جي طرف منسوب ڪندا آھن يا وري قسمت جو لکيل چئي پنهنجي وجود کي تقدير جو قيدي بڻائي ڇڏيندا آھن جڏهن ته ناڪامي جو سبب ڪوشش نه ڪرڻ هوندو آھي
ڪجھ مثال اوهان کي ڏيان ٿو ته جيئن ڳالھ واضح ٿي وڃي,
هڪ ھاري پنهنجو پورو گذر صفر فصل تي رکندو آھي مطلب ته انجي ڪاميابي ڀلي فصل تي آھي هاڻي جيڪڏهن اهو هاري پنهنجي پوري توانائي ۽ طاقت ۽ پوري ڪوشش سان ڏينھن رات محنت ڪندو ته انجو فصل بهترين ٿيندو ۽ هو پنهنجي ڪاميابي کي دل سان محسوس ڪندو ۽ سڪون حاصل ڪندو ۽ انجي چهري تي خوشي جا آثار نمايان هوندا آھن يقينن انجي وجه ان هاري جي ڪوشش ۽ جدوجهد آھي۔
پر جيڪڏهن اهو ئي هاري فصل جي معاملي ۾ سستي ۽ ڪاهلي ڏيکاري ۽ ڪوشش نه ڪري ته يقينن ان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ هو هميشه پريشان رهندو ۽ قسمت ۽ قدرت تي پيو الزام هڻندو ته انجي قسمت ۾ ائين لکيل آ جڏهن ته انسان قسمت پاڻ ترتيب ڏيندو آھي پوء سٺي قسمت ٺاهي يا بري اهو انسان جي ارادي تي آھي
اهڙي طرح سان وري استاد به آھي جيڪو پنھنجي شاگرد قابل بڻائڻ جي لاء تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪندو آھي اھو استاد ان شاگرد تي ايڏي محنت ۽ ڪوشش ڇا لاء ڪندو آھي؟؟
انهي لاء ته منھنجو شاگرد سڀاڻي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ۽ منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيُ جو نالو روشن ڪري ۽ جڏھن ھو پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو آھي ته اها ڪاميابي فقط شاگرد جي نه بلڪه استاد جي به ڪاميابي هوندي آھي
۽ جڏهن اهو شاگرد استاد جي ڪوشش سان ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان ڪامياب ٿي ويندو آھي ته ان جي يا انجي استاد ۽ ان جي پئ ماءُ جي چھري ته ڇا ته خوشي ھوندي آهي ۽ ان خوشي جي وجه استاد جي ۽ شاگرد جي ڪوشش ۽ محنت هئي پر جيڪڏهن استاد ۽ شاگرد اها ڪوشش ۽ محنت نه ڪن ها ته يقينن ناڪامي ان شاگرد جي لا طئه هجي ها۔
اهي ٻه مثال آھن جيڪي سمجهڻ جي لاء ڪافي آھن جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪوئي به انسان چاهي ٿو ته هو زندگي ۾ ڪامياب ٿئي ته هن کي تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي تڏهن ئي هو زندگي ۾ عظيم ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو

Post a Comment

0 Comments