آمريڪي ماهرن چيو آهي
ته موسمياتي تبديلين سنڌ جي قديم تهذيب جي زوال جو اهم سبب آهي ۽ ان ئي سبب موهن
جو دڙو ۽ هڙپا تهذيب آهستي آهستي تباهي جي ور چڙهي فنا ٿي وئي.
اسان ڄاڻون ٿا ته سنڌو
جي قديم تهذيب جا ٻه وڏا مرڪز هڙپا ۽ موهن جو دڙو آهي ۽ ان کان علاوه پاڪستان ۽
ڀارت ۾ به ان جا مختلف آثار مليا آهن.
آمريڪا ۾ واقع ووڊز
هولز اوشيانو گرافڪ انسٽيٽيوشن جي هڪ نئين تجزئي موجب عمدا شهر، گودام، نيڪالي جو
نظام ۽ بهترين شهري سهولتون هجڻ جي باوجود چار هزار سال پراڻي اها تهذيب آب هوا ۾
تبديلي سبب زوال پذير ٿي فنا ٿي وئي هئي.
1800 قبل مسيح ۾ قديم
تهذيب جي رهواسين ان شهر کي الوداع چوڻ شروع ڪيو ۽ هماليا جي دامن ۾ وڃي ننڍن ننڍن
ڳوٺن ۾ رهڻ شروع ڪري ڇڏيو، ووڊ هولز انسٽيٽيوٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب اهو خطو
ناقابل رهائش ٿيڻ لڳو هو.
2500 قبل مسيح ۾ هڙپا
تهذيب جي موسم تبديل ٿيڻ شروع ٿي ۽ گرمي جي موسم جو مون سون نظام آهستي آهستي
ڪمزور پيو، زراعت ڏکي ٿي وئي ۽ غلا باني به گهٽ ٿيندي وئي ۽ ائين اها غظيم تهذيب
پنهنجي خاتمي تي پهتي هئي.
ان حوالي سان ووڊز هولز
اوشيانو گرافڪ انسٽيٽيوشن جي جاگرافي جي ماهر ڊاڪر لائي ويو گايوسن ۽ سندس ساٿين
ان تي تحقيق ڪري مقالو شايع ڪيو آهي جيڪو 13 نومبر 2018ع جي ڪلائميٽ آف دي پاسٽ
نالي جرنل ۾ شايع ٿيو آهي، ماهر چون ٿا ته مون سون جي بگاڙ پوري وادي ۾ هارپي کي
ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو.
پر
ان دوران رومي سمنڊ جو طوفان هماليائي سلسلي سان ٽڪرايو هو ۽ پاڪستاني علائقن ۾
ٿوري گهڻي برسات جو سبب ضرور بڻجن ها پر مون سون نه ٿيڻ سبب درياهن جو وهڪرو سخت
متاثر ٿيو، ان لاءِ وادي سنڌ جا ماڻهو ٻين علائقن ۾ رهيا ۽ ايئن آهستي
آهستي پوري وسندي ئي خالي ٿي وئي.

0 Comments