Recent-Post

وڏيرن جي ٻلي به ٻه مڻي ۽ هاري جي هاٿي به پاء برابر


فياض علي کوسو
وڏيرن جي ٻلي به ٻه مڻي ۽ هاري جي هاٿي به پاء برابر ھڪ غريب ماڻھو جنھن کي ھڪ پٽُ ۽ ٻه ڌئيريون ھيون ان غريب جو نالو ولي داد ھو ھو غريب ڏاڍي خوشي سان زندگي گذاري پيو ۽ ان جو پٽُ ۽ ان جون ڌئيريون پڙھن پيون ھڪ ڏينھن جڏھن غريب ويچارو ٻنُي ته ويو ھو ته ان ڏينهن ان جي پاڻي جو وارو ھو اتي وڏيريُ جي چمچي ڏٺو ته اچي وڏيريُ کي چيائين ته ھي ولي داد ڏسو جنھن جو اڄ پاڻي جو وارو آھي توھان ھاڻي ائين ڪيو ان کان پاڻي جو وارو کسيو ۽ اسان پنھنجي ٻنُي کي ٿا ڏيون اھا ڳالھ ٻڌي وڏيرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏيريُ پنھنجي چمچي کي چئيو ته وڃو ۽ ان کان پاڻي جو وارو کسيو جڏھن اھي اچي ولي داد وٺ پھوتا ته وڏيريُ جو چمچو ان کي ٿو چئي ته ھتان ھليو وڃ ڇو جو وڏيريُ جو حڪم آھي ھو غريب وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اڃا ھو ويھڻ تي ھو ته ولي داد کي ڍنڍو ھڻي ان کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن ان کي ھوش آيو ۽ اچي گھر پھتو ته ٻارڻا پڇا پيا ڪن پنھنجي بابي کان ته ابا ھي ڇا ٿيو توھان جي ڪپڙن تي رت لڳي پئي آ ولي داد وارڻي چيو ابا ڪجھ ڪونه ٿيو آ بس ھي رت وڻ تي چھڻا پيو ته ڪنڍو لڳو ھاڻي ڏسو ھو ڇا جي ڪري پنھنجي گھر وارن کي نه پيو ٻڌائي ڇاڪاڻ ته ھو نه پيو چاھي ته منھنجي ڪري ڪو مصلو ٿئي پو۽ به گھڻا ڏينھن گذريا ته ان جو پٽُ رستي سان وڃي پيو ته وڏيريُ جي پٽُ اچي ان جي آڏو ڪار بيھاري ۽ ان کي چيائيون ته پنھنجي پيُ کي سمھجا نت ان سان سٺو نه ٿيندو ولي داد جو پٽُ ان کان پڇو ته ڇو منھنجي بابا سائين ڇا ڪيو جو تون منھنجي بابي جي باري ۾ ائين ٿو چوي وڏيريُ جي پٽُ ان کي چيو ته ڇا توکي خبر نه آھي اسان جي نوڪرن تنھنجي پيُ کي ڪتن واڳي ڪٽيو ته ولي داد جي پٽُ اھا ڳالھ برداشت نه ڪندي وڏيريُ جي پٽُ سان وڙھي پيو وڏيريُ جي پٽُ وٽ بندوق ھئي ۽ ولي داد جي پٽُ کي ھيائين آخر ولي داد جو پٽُ مري ويو ۽ جڏھن ولي داد کي خبر پئي ته ھو اتي بيھوش ٿي ڪري پيو ۽ جڏھن ھوش آيس ۽ پڇا ڪيائين ته منھنجو پٽُ ڪٿي آھي ته سڀني جواب ڏنو ته تنھنجي پٽُ کي اسان دفنائي آيا آھيون ان پڇا ڪيو ته ڇو دفنائي آيا آھيون انھن ماڻھن چيو ته تون ھوش ۾ اچي نه پيو ته ان جي ڪري اسان دفنائي آيا آھيون اتي به گھڻا ڏينھن گذرڻ باوجود آخر ولي داد سوچيو ته ڇو نه مان پوليس ڏي وڃان ان کي ھئا خبر ڪونھي ته پوليس به ان وڏيرن سان گڏ آ آخر ھو پوليس وٽ ويو ۽ ان سڄي دانھن ڏناسن پو۽ ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود به ڪجھ ڪونه ٿيو وري ھو پوليس وٽ ويو ۽ چيائين ته اڃا تائين توھان ان کي گرفتار ناھي ڪيو آخر پوليس مجبور ٿي وڏيريُ وٽ ويو ۽ ان کي چيائين ته ھي مصلو ائين ٿيو آھي وڏيريُ چيو ته تون پنھنجي پٽُ کي گرفتار ڪري وڃ پوءُ تون پنھنجي پٽُ کي ڪورٽ ۾ پيش ڪر آخر پوليس پنھنجي ڪاروائي پوري ڪري ان کي ڪورٽ پوچايو جيڪو وڪيل سياڻو ھو اھو اڳي ۾ وڪيل کي پيئسا ڏئي ڇڏي پوءُ ويچارو غريب اڪيلو ڇاڪري آخر ڪار وڏيريُ جو پٽُ آزاد ٿي ويو لڪين الله جي عدالت مان ڪئين آزاد ٿي آخرڪار غريب ساڳيو پنھنجو ڪم زمين جو ڪندو رھيو وري ھڪ ڏينھن جڏھن غريب جو وري پاڻي جو وارو ٿيو وري پنھنجي پٽُ ۽ ان جي ڏک دل ۾ کڻي وري ٻنيُ ته پھتو وري وڏيري جو چمچو وري انکي ڏٺائين ته وري ان جو پاڻي جو وارو آ ته وري اچي ان پنھنجي وڏيري کي ٻڌايو ته وڏيرا اڄ به ان غريب جي پاڻي جو وارو اٿو ته پو۽ ڇا صلاح اٿو وري وڏيري ان کي چيو ته وڃ ۽ ساڳيو ڪم ڪر آخر ڪار وڏيرو جو چمچو وري ان غريب وٽ ويو ۽ چيائين ته وڏيري جو حڪم آ ته تون اڄ ھليو وڃ ۽ ھي پاڻي جو وارو ان کي ڏي غريب ويچارو مجبور ٿي اتان نڪري ويو ڇو جو اڳ ۾ ئي ان کي پنھنجي پٽُ جا ڏک اڃا ان جي دل مان لٿا به نه آ آخر ڪار ساڳائي ڪم ھئا نه غريب کي انصاف مليو نه غريب جي ڪنھن سار سنڀال لٿي

Post a Comment

0 Comments