ليکڪ: اجمل مير مهدي، سنڌ ورسٽي ڄامشورو
سائنس اهو علم
آهي جيڪو حقيقت ۽ سچائي کي دليلن ۽ شاهدين جي بنياد تي پروڙيندو آهي. سماجي سائنس
جي حيرت انگيز ترقي انسان جي ذهني صلاحيت جو بهترين شاهڪار آهي. اڄ به دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرائي
سائنسدان انساني زندگي کي آرام ۽ سڪون بخشڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. سائنس جي شاخن
مان سماجي سائنس به اهم حصو آهي سماجي سائنس ۾ اڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، انٽرنيشنل
ريليشنز، سوشل ورڪ ۽ سوشلاجي يعني عمرانيات جهڙا مضمون شامل آهن.سماجي سائنس جي شعبي سوشلاجي (عمرانيات) جو
علم در اصل معاشري جو سائنسي علم آهي جنهن ۾ معاشري ۾ موجود فردن جي تعلقات ۽
رابطن جي مطالعي سان گڏ معاشري جي جوڙجڪ، بناوت، طبقا، سماجي گروهه، معاشري ۽ طبقن جي قسمن سميت مذهب، سماجي تحقيق، سماجي نفسيات، سماجي نظرين جي تاريخ، ثقافت، تهذيب،
ماڻهن جو علم ( انٿروپالجي) ،عورتن جي سوشلاجي، پاڪستان جا سماجي مسئلا، آبادي جي سوشلاجي، ميڊيڪل سوشلاجي ۽ معاشري جي
هر لحاظ کان وسيع پيئماني تي علم جي تعليم شامل آهي. نه صرف ايترو بلڪه معاشري جا
سماجي مسئلا ، انهن جا حل، سبب ۽ تدبيرون پڻ اهم حصو آهن. سماجي سائنس جي هن شعبي
۾ پي ايڇ ڊي به ڪرائي ويندي آهي پاڪستان ۾ هن وقت ڪيترائي پي ايڇ ڊي ڊگري ماڻيندڙ
سوشلاجي جا ماهر موجود آهن.پاڪستان جا سماجي مسئلا حل ڪرڻ جا منتظر آهن جنهن ۾
دهشتگردي به هڪ ناسوربڻيل سماجي مسئلو آهي جنهن جي ڪري معاشري جا بنياد لڏي ويا
آهن. پاڪستان جي هزارين شهرين ان ناسورجي ڪري پنهنجي قيمتي جانين جو نظرانو پيش
ڪيوآهي جنهن کي ڪنهن به قيمت تي فراموش نٿو ڪري سگهجي. دهشتگردي تي ٿيل سماجي
سائنس جي شعبي سوشلاجيءَ جون تحقيقون قابل غور آهن جنهن تي سوشلاجسٽن تحقيق ڪري دهشتگردي جي ناسور جي پاڙ پٽڻ سميت حل ۽ سبب بيان ڪيا آهن جنهن کي تقريبن سڀني زاوين کا عمرانيات جي
علم سان ڏٺو ويو آهي. دهشتگردي اهو عمل آهي جنهن ۾ ماڻهو يا ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ويندي آهي يا قتل ڪيو ويندو آهي.
اسان
جي معاشري ۾ننڍي پيئماني تي ٿيل ڪرپشن ننڍن ڏوهارين کي پاليو آهي جنهن معاشري
۾چوري، واردات، ڦرلُٽ ۽ قتل و غارت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي وڏي پيئماني تي
ٿيندڙ ڪرپشن دهشتگردي جي ناسُور کي جنم ڏنو آهي
پاڪستان
۾ ڪرپشن ڪا نئي ڳالھ ناهي، عوام ڪامورن جي لٽ مار جي ڪري اذيتون پيو برادش ڪري ۽
اميد جي ڪرڻي کي پيو تلاش ڪري ۽ ٻئي طرف پنهنجي بيوسي جي عالم کي خاموشي جي صورت ۾
ظاهر پيو ڪري، اهو خيال سندس يقين جون حدون پار ڪري ويو آهي تہ هاڻي ڪجھ بہ نٿو ٿي
سگهي اهي ڪامورا قانون جي شڪنجي ۾ فاسڻ وارا ناهن، ادارن تي عوامي عدم اعتماد
انصاف ۽ قانون وارن ادارن جي ڪاڪردگي تي سواليہ نشان آهي
اگر
اقتصادي لحاظ کان پنهنجي ملڪ کي ڏسون تہ اهي بہ ايڏيون مضبوط نظر نٿيون اچن، ڪافي
ملڪ دنيا ۾ ان ڪري بہ ترقي پذير آهن جو سندس اقتصادي حالات معاشي بحران جو شڪار
آهن. معاشي بحران ملڪ لاءِ وبا وانگر هڪ وچرندڙ بيماري آهي جيڪا نہ صرف بيروزگاري،
بدحالي کي جنم ڏيندي پر ملڪ جي امن و امان لاءِ هڪ وڏو چيئلنج هوندي آهي
پاڪستان جي
ڪُل آبادي جو 70 في سيڪڙو نوجوان آهن سائنس جي هن جديد دؤر ۾
هجڻ
باوجود اسان جو مُلڪ انهن مسئلن مان مُنهن نہ ڪڍي سگهيو آهي جيڪي ورهين کان موجود
آهن انهن مسئلن مان اگر بجلي بحران کي ئي ڏسجي ته کپت جي ڀيٽ ۾ بجلي ايتري پيدا نه
پئي ٿئي. مُلڪي تاريخ کي ڏسو ته بجلي
بحران ڪو ايڏو وڏي عرصي وارو مسئلو ته ناهي پوءِ به حل نه ٿي سگهيو آهي. گُڊو پاور
استيشن ۽ ڄامشورو پاور پلانٽ جو ٿورو جائزو وٺجي تہ اهي جيڪي بجلي پيدا ڪن پيا سا
انهن جي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت کان ڪي حصا گهٽ آهن.
انهن سڀني مٿي ذڪر ڪيل مسئلن مُلڪ جي مڙني مسئلن کي جنم ڏنو آهي. دهشتگردي جا سبب ڪجھ هي به آهن.
ناقص حڪومتي مشينري ۽ نظام، امن و امان وارن شهرين کي تحفظ ڏيندڙ ادارن جي سست رفتار ڪارڪردگي، مذهبي انتها پسندي، فرقي جي بنياد تي نسل ڪُشي، غير شرعي، غير اسلامي قتل و غارت دهشتگردي جا اهم سبب آهن. دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ رياست جي سڀني فردن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مذهبي انتها پسندي جي ڪري هڪ فرقو ٻئي فرقي کي ڪافر قرار ڏئي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏي ٿو پاڪستان ۾ اها ڪا نئي ڳالھ ناهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ دهشتگرد اچي اسان جي معاشري جي معصوم شاگردن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏين ٿا.
انهن سڀني مٿي ذڪر ڪيل مسئلن مُلڪ جي مڙني مسئلن کي جنم ڏنو آهي. دهشتگردي جا سبب ڪجھ هي به آهن.
ناقص حڪومتي مشينري ۽ نظام، امن و امان وارن شهرين کي تحفظ ڏيندڙ ادارن جي سست رفتار ڪارڪردگي، مذهبي انتها پسندي، فرقي جي بنياد تي نسل ڪُشي، غير شرعي، غير اسلامي قتل و غارت دهشتگردي جا اهم سبب آهن. دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ رياست جي سڀني فردن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مذهبي انتها پسندي جي ڪري هڪ فرقو ٻئي فرقي کي ڪافر قرار ڏئي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏي ٿو پاڪستان ۾ اها ڪا نئي ڳالھ ناهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ دهشتگرد اچي اسان جي معاشري جي معصوم شاگردن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏين ٿا.
تانيه خاصخيلي، صائمه جرروار، زينب، عاصمه، ثنا، اِيمان،
لائبه جنسي ڏاڍائي کان پوِءِ وحشياڻي نموني قتل ڪيون ويون آهن. مُلڪ ۾ ٻارڙن سان
اها دهشتگردي گذريل ڪجهه سالن کان تمام گهڻي وڌي وئي آهي.
اسان جي مُلڪ ۾ پهريان ئي قتل و غارت، جنسي ڏاڍائي کان پوءِ
معصوم نياڻن ۽ معصوم ٻارڙن جا بيدردي سان قتل، ٽارگٽ ڪلنگ، ڪارو ڪاري، قبيلائي
جهيڙا وغيرو عام آهن. تنهن ڪري موت جي مهندي لڳائي ڪري زندهه جِيوت جي زندگي جي
انت آڻڻ وارن عنصرن کي ترجيحي بُنيادن تي خاص قسم جا اُپاءُ جيڪي عمرانيات جي علم
جي ذريعي تحقيقي مقالن، ريسرچ پيپرز، سماجي مسئلن جي انٽرنيشنل ڪانفرنسز وغيره ۾
تمام گهڻي درستگي سان ڏٺا ويا آهن. انهن جي پٽاندڙ اُپائن، تجويزن، حل ۽ سائنسي
زاوين کي نظر ۾ رکي ڪري خاص قسم جا اُپاءُ وٺي ڪري انساني زندگي جي تحفظ کي يقيني
بڻايو وڃي ۽ لاپراوهه ۽ غير ذميدارن ماڻهن جي خلاف قانون مطابق ڀرپُور ڪاروائي ڪئي
وڃي.
روڊ حادثن ۾ پاڪستان انهن پهرين 20 مُلڪن ۾ شامل آهي جتي
وڏي انگ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ بيشمار ماڻهو مريو وڃن ٿا. روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گهڻو ڪري
گاڏيون روڊ جي خراب هجڻ جي ڪري،ٽرئفڪ کي معياري روٽ نه ملڻ، سنگل يا وڏين گاڏين جي
لاءِ ٽرئفڪ جومعقول انتظام نه هجڻ جي ڪري حادثن جو شڪار ٿينديون آهن. روڊ جو خراب
هجڻ يا معياري نه هجڻ جا بنيادي سبب روڊن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدارن ۽ذميدارن جي غفلت يا لالچ، چيڪ اينڊ بيلنس سان
گڏ اعلٰي انتظامي لاپرواهي شامل آهن. ان سان گڏوگڏ حادثن کان پوءِ بروقت زخمين جو
اسپتال نه پُڄڻ، اسپتالُن ۾ ايمرجنسي بنيادن تي سهولتون نه هجڻ به موت جي شرح ۾
اِضافي جا اهم سبب آهن.
ايڪهين صديءَ ۾ سائنسي علم مان ڀرپُور فائدو وٺي انسانن
سميت ڌرتي جي جيوت لاءِ جاندار اُپاءَ ورتا وڃن. سماجي سائنس جي شعبي عمرانيات سماجي مسئلن تي تحقيق ڪري دهشتگرديءَ سميت سماجي
مسئلن کي هر نوعيت ۽ هر لحاظ کان چٽو ۽ واضع بيان ڪيو آهي. رياست کي گهرجي ته هو معاشري جي فردن جي
وچم سماجي ضابطي لاءِ عمرانيات جو علم ڪتب آڻي
ڪري هر ممڪن قدم کڻي. دهشتگرديءَ
جي مرڪزن کي بند ڪري، دهشتگرديءَ جي لاءِ شايع ٿيندڙ مواد تي پابندي لڳائي
وڃي. مذهبي رواداريءَ کي هٿي وٺرائي وڃي، عوام ۾
برداشت ۽ صبر واري مادي کي برقرار رکڻ لاءِ کين بنيادي سهولتن سان گڏ سندن زندگي
جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. دهشتگرديءَ
جي روڪٿام لاءِ موثر قانون جوڙيو وڃي، قانون جوڙڻ
وقت سماجي پاليسيز کي سماجي سائنس جي علم عمرانيات جي وسيع پئماني تي ٿيل تحقيق کي
نظر ۾ رکي ڪري مؤثر ، ديرپا، وقت ۽ حالات مطابق پاليسيزکي مرتب ڪيو وڃي ۽ ان تي سٺي نموني عمل ڪرايو وڃي.

1 Comments
I like your publisher
ReplyDelete