Recent-Post

محمد علي جناح جو موت ڪيئن ٿيو



محمد علي جناح جو موت ڪيئن ٿيو
ذوالفقار قادري
جڏھن متحده هندستان جي مسلمانن محمد علي جناح جي قيادت ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان نالي سان الڳ ملڪ ٺاهي ورتو ان وقت قائداعظم محمد علي جناح جي عمر ستر ورهہ ٿي چڪي هئي ۽ سندس صحت بہ جواب ڏئي چڪي هئي 25 مئي 1948ع تي ڊاڪٽرن کيس آرام لا۽ ڪوئيٽہ ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ٖ پهرين جولا۽ 1948ع تي ڪراچي ۾ اچي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو افتتاح ڪيائين پر 6 جولا۽ تي سندس طبيعت بگڙجي وئي ڊاڪٽرن کيس فوري ڪوئيٽہ وڃي آرام جو مشورو ڏنو پر ڪراچي کان ڪوئيٽہ تائين ڪو سرڪاري ڊاڪٽر ساڻس نہ آيو نہ وري پاڪستان جي باني کي ڪو پروٽوڪول ڏنو ويو کيس سندس ڀيڻ فاطمہ جناح ڪوئيٽہ کڻائي آئي ٖ 14 جولائي 1948ع تي ڊاڪٽرن جي مشوري تي محمد علي جناح کي سندس ڀيڻ ڪوئيٽہ مان زيارت کڻائي آئي ڊاڪٽر رياض علي شاه جي مشوري تي 21 جولا۽ 1948ع تي فاطمہ جناح وزيراعظم لياقت علي خان سرڪار جي هڪ ذميوار شخص کي فون ڪيو تہ قائد اعظم جي طبيعت تمام بگڙجندي ٿي وڃي اوهان فوري لاهور مان ڪرنل ڊاڪٽر الاهي بخش کي فوري زيارت روانو ڪيو ليڪن لياقت علي خان سرڪار ڪو بہ تدارڪ نہ ڪيو انهن ڏينهن ۾ اڃا پي آ۽ اي جو وجود نہ پيو هو پاڪستان ۾ واحد اورينٽ ايئر لائين هوندي هئي ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش لياقت علي سرڪار جي بي حسي ڏسي پاڻ اورينٽ ايئر لائين جي دفتر ويو پر کيس ٻڌايو ويو تہ ايندڙ ڪجهہ ڏينهن ۾ ڪوئيٽہ لا۽ ڪا بہ فلائيٽ ڪونهي آخر ڪرنل ڊاڪٽر الاهي بخش 23 جولا۽ تي پنهنجي سر ڪوئيٽہ پهتو ٖ ان عرصي ۾ پاڪستان سرڪار باني پاڪستان جي علاج لا۽ ڪي بہ جوڳا قدم نہ کنيا ايتري قدر جو ڊاڪٽر کي زيارت موڪلڻ لا۽ بہ ڪا مدد نہ ڪئي ٖ ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش پنهنجي مدد لا۽ لاهور مان ڊاڪٽر رياض علي شاه ٖ ڊاڪٽر عالم ۽ ڊاڪٽر غلام محمد ۽ هڪ اسٽاف نرس مس ڊنهام کي پڻ زيارت گهرائي ورتو ٖ فاطمہ جناح اوجاڳا ڪري پنهنجي ڀاءٗ جي تيماداري ڪندي رهي ٖ پر محمد علي جناح جي طبيعت ۾ ڪو سڌارو نہ آيو آخر ۾ محمد علي جناح چيو مون کي واپس ڪراچي کڻي هلو مان اتي مرڻ پسند ڪندس ٖ ان عرصي ۾ هڪ ڏينهن وزيراعظم لياقت علي خان سندس طبيعت پڇڻ زيارت پهتو ٖ فاطمہ جناح پنهنجي ڪتاب “ منهنجو ڀاءٗ “ ۾ لکي ٿي تہ جڏھن وزيراعظم لياقت علي خان منهنجي ڀاءٗ محمد علي جناح سان ملاقات ڪري واپس ويو تہ قائداعظم مون کي ڪمري ۾ گهرائي چيو “ فاطي توکي خبر آھي تون ڇا پئي سمجهين تہ هي منهنجي طبيعت پڇڻ آيا هئا ؟ هي تہ اهو ڏسڻ آيا هئا تہ مان ڪڏھن مرندس “ پو۽ قائد اعظم جي اصرار تي کيس ڪراچي واپس کڻي وڃڻ لا۽ ڪوئيٽہ ايئر بيس آندو ويو جتي ايئرفورس جو “ وائي ڪنگ “ جهاز تيار بيٺو هو ٖ محمد علي جناح کي گاڏي مان اسٽريچر تي جهاز ۾ منتقل ڪيو ويو ٖ جهاز ۾ عليل محمد علي جناح سان گڏ سندس معالج ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش ٖ سندس ڀيڻ فاطمہ جناح ٖ اي ڊي سي ليفٽننٽ مظھر ٖ امين ۽ اسٽاف نرس فلس ڊنهام ڪوئيٽہ کان ڪراچي روانا ٿيا ٖ شام جو جڏھن بانيء پاڪستان جو جهاز ماڙي پور ايئر بيس تي لٿو تہ ايئر بيس تي صرف قائداعظم جو انگريز ملٽري سيڪريٽري ڪرنل جيفري نولز اڪيلو هڪ پراڻي کٽاره ايمبولينس سان گڏ بيٺو هو ٖ قائداعظم محمد علي جناح کي جهاز مان لاهي کٽاره ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو ويو ان ايمبولينس اڃا مس پنج ميل طئي ڪيا تہ ان ايمبولينس جو تيل ختم ٿي ويو ۽ گندگي جي ڍير ڀرسان بيهي رهي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت اها ايمبولينس ويران روڊ سان گندگي جي ڍيرن ڀرسان بيٺي رهي ايمبولينس ۾ ويٺل فاطمہ جناح پنهنجي رئي سان پنهنجي ڀاءٗ تان مکيون ۽ مڇر هڪليندي رهي آخر هڪ ٻي ايمبولينس گهرائي محمد علي جناح کي ان ايمبولينس ۾ شفٽ ڪري گورنر هاؤس پهچايو ويو ان وقت تائين محمد علي جناح جي طبيعت تمام خراب ٿي چڪي هئي ٻئي ڏينهن 11 سيپٽمبر 1948ع تي رات جو 10-20 بجي پاڪستان جي باني دم ڌڻي حوالي ڪيو

Post a Comment

0 Comments