عورتن لاءِ اُتساهه بڻيل سنڌ ورسٽي جي سوشلاجي شعبي جي پروفيسر ۽ تعليمي ماهر سوشلاجسٽ ڊاڪٽر غزاله
شوڪت ـ
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، سنڌ ورسٽي، ۡڄامشورو
سيوهڻ تعلقي جي شهر بوبڪ ۾ 10 ڊسمبر 1978 تي جنم وٺندڙ سوشلاجسٽ
۽ تعليمي ماهرڊاڪٽرغزاله شوڪت پنهنجو تعليمي سفر پنهنجي اباڻي شهر بُوبڪ کان ان
وقت شروع ڪيوهو جڏهن سندس ذات ۾ نياڻين پڙهائڻ جو نہ فقط رواج نہ هوبلڪہ نياڻين کي گهرن جي ڪمن ڪارين تائين محدود رکيو
ويندو هو.اهڙي ماحول ۾تعليم پرائڻ جو شوق ڊاڪٽرغزالہ شوڪت جي زندگي جو اهم مقصد هو.
پنهنجي ننڍي شهربوبڪ ۾ مڊل کان پوءِ تعليم جي سهولت نہ هجڻ ڪري پرائمري تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي اباڻي شهر کان حيدرآباد آئي، جتان ٿوري ئي عرصي بعد
ڄامشورو شفٽ ٿي پنهنجو تعليمي سفر جاري رکيو. جتي هُن ميئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ زبيده
ڪاليج حيدرآباد ۾ انٽرميديئيٽجو امتحان پري ميڊيڪل ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪيو. جنهن
کان پوءِ ڊاڪٽر غزالہ شوڪت سماجي سائنس جي شعبي سوشلاجي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جنهن ۾ هن پنهنجي
محنت ۽ قابليت جي بدولت پهرين پوزيشن سان امتيازي حيثيت ماڻي.ڊاڪٽر غزالہ شوڪت هن
وقت سماجي سائنس جي شعبي سوشلاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي .سندس
شمارسوشلاجي شعبي جي بهترين، محنتي ۽ قابلِ تحسين استادن ۾ ٿئي ٿو. سوشلاجي شعبي ۾
هن وقت تعليمي ماهر بي لوث خدمت ڪندڙانسان دوست استاد، جهڙوڪ پروفيسر ڊاڪٽر
اعجاز علي وساڻ، پروفيسرڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر امير علي ابڙو،ڊاڪٽر شبانه تنيو، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ميڊم منيره جوڻيجو، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، ميڊم حميده
ناريجوبه موجود آهن، جن پنهنجي قابليت ۽ محنتن جي ذريعي سوشلاجي شعبي کي عروج
بخشيو آهي.
ڊاڪٽرغزاله شوڪتجي ڪيل جاکوڙ ۽ ڪوششون ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن
ٿيون تہ سندس محنت، عورتن جي حقن جي باري
۾ آواز اٿارڻ ۽ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واري خدمت جي جذبي مان ظاهر ٿئي ٿي.جيڪا
خدمت ان جي گهروارن کان علاوه سڄي سنڌ جي لاءِ قابل فخر آهي. هوءَ سوشلاجي شعبي ۾،
سوشلاجي آف وومين، ڪميونٽي ڊولپمينٽ
اسٽڊيز، سوشل پرابلمز آف پاڪستان جهڙا مضمون به پڙهائيندي آهي. ڊاڪٽر غزالہ شوڪت نه فقط شاگردن
۽ شاگردياڻين جي حوصلا افضائي ڪندي آهي بلڪہ هر ممڪن تعاون بہ ڪندي آهي جيئن
معاشري ۾ مستقبل جا معمار تعليم جي ذريعي عقل کي استعمال ڪري شعور کي پروڙي سگهن.
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت جو چوڻ آهي تہ هُن کي تمام بهترين استاد مليا هئا جن کيس بهترين نموني
سان پڙهايو ۽ انهن جي بدولت هوءَ هن وقت هن منزل تي پهتي آهي ان جي لاءِ هوءَ
پنهنجي استادن جي نهايت ئي مشڪور آهي اهو ئي سبب آهي ته هُوءَ ڪوشش ڪندي آهي تہ
پاڻ بہ اسٽوڊنٽس کي ساڳي ئي بهترين انداز ۾پڙهائي. جيئن اسٽوڊنٽس وڌ ۾ وڌ استفادوحاصل
ڪري سگهن.
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت سوشلاجي ۾ ماسٽرس جي تيسسز
(thesis) لاءِ هڪ اين جي او ۾ انٽرنشپ
ڪئي جنهن جو عنوان هو تہ "Impacts of Micro Credits on Women
Empowerment " .
جنهن تي تمام سٺو ڪم ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ اداري طرفان
جاب لاءِ کيس پڪو ڪيو ويو، جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر غزالہ شوڪت جي محتت ۽ سچي لگن کي ظاهر
ڪري ٿي.
M.sc رورل دوَلپمينٽ (2004) ۾ ڪرڻ کان پوءِ M.Phil.سوشلاجي ۾ ڪئي جنهن کان پوءِ PhD بہ ڪئي آهي. PhD ۾ سندس مضمون جو عنوان بہ عورتن جي
باري ۾ آهي جيڪو هن ريت آهي
“Social Assessment of Female Education and Its Impact
on Poverty Alleviation in Sindh "
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت عورتن جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو
تہ اسان جي معاشري ۾ عورتن کي انسان ئي نہ سمجهيو ويندو آهي اهڙي منفي سوچ جي ڪري ئي
ڪافي سارا مسئلا جنم وٺن ٿا بنيادي طور تي تعليم بہ جنڊر ڊسڪريمينيشن يعني صنفي
تفريق پيدا ڪري ٿي جنهن سان سماجي سکيا بہ صنفي تفريق جو سبب بڻجي ٿي.
چوندا آهن تہ "مرد پڙهيوته فرد پڙهيو، عورت پڙهي ته
گهر پڙهيو "
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت
جو چوڻ آهي ته عورتن کي گهرجي تہ سٺي تعليم حاصل ڪن جيئن هو پاڻ سان ٿيندڙ
محرومين ۽ نا اصافين جو ازالو ڪري سگهن، اسان جو تعليمي نظام ايترو اثرائتو ناهي
جو کين گهر ويٺي ان مان معاشي فائدا وٺي سگهجن، انڪري تعليمي نصاب کي پڻ تبديل ڪرڻ
وقت جي اهم ضرورت آهي.
عورتن جي تعليم پرائڻ جي حوالي سان سندس چوڻ آهي ته سٺي
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اگر عورتون سٺي نوڪري نہ بہ ڪري سگهن تہ بہاُهي هڪ بهترين
ماءُ جي حيثيت سانمعاشري جي بهتريءَ ۽ بهبود لاءِ پنهنجو ڀرپُور ڪردارادا ڪري سگهن
ٿيون ڇو ته جاهليت جي موجوده دور ۾پڙهيل لکيلمائرون ئي اولاد جي چَڱيءَ طرح تربيت
ڪري سگهن ٿيون انهن کي معاشري جو ڪارائتو۽ ذميدار فرد بڻائي سگهن ٿيون. جنهن سان
معاشري ۾ تبديلي جون نئيون راهون کُلي سگهن ٿيون
ڊاڪٽر صاحبه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پدر شاهي معاشري جي ڪري
عورتن کي محدود ڪري ورڪنگ وومين ۽ ليبر ڪلاس جي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي جنهن جي
ڪري نه رڳو معاشري جي سوچ محدود ٿي وئي آهي پر سماج جا پڙهيل لکيل فرد پڻ چاڪيءَ
جي ڏاند وانگر اهڙي محدود سوچ جي چوڌاري ڦيرا ڏئي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو
سمورو معاشرو جمود جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ خاطر خواه تبديلي جي ڪا راه ڏسڻ ۾ نه ٿي
اچي پوءِبه مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي سست رفتار سان ئي اونداهي سماج ۾ روشني
ڦهلجي رهي آهي.
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت سيمينارز، ورڪشاپس، ڪانفرنسز ۽ مختلف
پروگرامز ۾ عورتن جي نمائندگي ڪندي رهندي آهي جيڪا ڊاڪٽر غزالہ شوڪت جي قابليت ۽
لياقت جو کليو ثبوت آهي. ان سان گڏوگڏ ٽي وي پروگرامز ۾ بہ عورتن جي نمائندگي ڪندي
رهي ٿي. ڊاڪٽر غزالہ شوڪت (Center for
environment and Development (CEAD) حيدرآباد جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جيميمبر به آهي.
ڊاڪٽر غزالہ شوڪت پاڻ ۽ سوشلاجي شعبي جي ٻين استادن سان
گڏجي ڪيترائي ريسرچ پيپرز لکيا آهن جيڪي تقريبن عورتن جي مسئلن سميت سماجي مسئلن،
انساني حقن، غربت، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، گلوبلائيزيشن ، جنڊراينڊ ڊولپمينٽ ۽ سوشلاجي
آف جينڊر جي باري ۾ آهن جيڪي نيشنل ۽ انٽرنيشنل جرنلز ۾ شايع ٿيل آهن.



0 Comments