خون جو دريا آخر ڪيستائين وهندو رهندو؟
ليکڪ: اجمل مير مهدي
انصاف تي مشتمل معاشرو ڪڏهن به تباهي جي وَر ناهي چڙهندو آهي نه ئي انصاف پسند قومون ڪڏهن ذليل ۽ رُسوا ٿينديون آهن.  پاڪستان ۾ رونما ٿيندڙ قتل جي واقعن مُلڪ ۾عوام جي بيقراري ۽ پريشاني ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.عوام جي اُميدن تي پورو نه لهندڙ جهموري قُوَتُن عوام لاءِ جتي خوشحالي ۽ فلاح و بهبود جو ذريعو بڻيون آهن اتي عوام جي لاءِ قتل و غارت، جنسي ڏاڍائي ، جنسي بد فعلي، جعلي پوليس مقابلا جهڙا واقعا به زور وٺي ويا آهن. نقيب پوليس مقابلو، ميهڙ ۾ پيءُ سميت ٻن پُٽن جو قتل، پشاور ۾ 4 سال جي معصومنياڻي اسما سان جنسي ڏاڍائي پوءِ قتل، قصور ۾ زينب جو قتل، ڪراچي ۾ انتظار قتل ڪيس ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ معصوم ٻار سان بد فعلي جو واقعو انساني ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهن. اهڙن واقعن کان پوءِ مُلڪ ۾ عوام جي پريشاني سان گڏ نياڻن ۽ عورتُن لاءِ پڻ مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيويو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان واٽر ڪميشن، ڊٻي واري کير ۽ زينب قتل ڪيس  سميت اهم واقعن جا نوٽيسز وٺي چڪو آهي. اسما، نائلا، تانيه، قابل، مقيب، شاهزيب سميت هزارن جي تعداد ۾ ٿيل قتل و غارت جي واقعن ۾ ملوث قاتل اڃا تائين پنهنجي حتمي انجام تائين نه پهتا آهن. لاهور ماڊل ٽائون جي شهيدن جا وارث اڄ به انصاف جا منتظر آهن جسٽس نجفي رپورٽ موجب ڄاڻايل جوابدار اڃا تائين آزاد ۽ قانون جي ڪٽهڙي کان ٻاهر آهن. علامه طاهر القادري جو پاور شو به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا لاش ڪرندا رهندا ۽ مظلوم صرف لاش کڻي دفنائيندا رهندا ۽ ويٺا احتجاج ڪري انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جي آڏو بِين وڄائيندا؟
آخر ڪڏهن هي سلسلو رُڪجڻ جو نالو وٺندو ڪيستائين قابل، انتظار، نقيب، زينب، اسما  سميت قتل جي اڻ کُٽ سلسلي کي فُل اسٽاپ لڳندو؟ ۽ ڪڏهن انهن جا قاتل پنهنجي انجام تي پهچندا؟
اهڙن واقعن جي ٿيڻ جوهڪ اهم سبب اهو به آهي ته ڏوهاري عنصر قانون جي پڪڙ ۾ اچن ته ضرور ٿا پر قانون کي خريد ڪري آزاد ٿيو وڃن. جيستائين قانوني ادارا مضبوط ۽ مستحڪم نه ٿيندا تيستائين نياڻن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مُلڪ ۾ قتل و غارت جا واقعا پيا جنم وٺندا. پوءِ ڪڏهن نائلا رند پنهنجو انت پاڻ آڻيندي يا تانيه خاصخيلي کي هميشه لاءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو ته ڪڏهن وري زينب کي جنسي ڏاڍائيءَ  کان پوءِ قتل ڪري گند ڪچري واري جڳهه تي اڇلايو ويندو. آخر ڪڏهن هي سلسلو ختم ٿيندو. ڪيترن مائرن جون جهوليون خالي ڪيون وينديون ۽ ڪيترن معصوم ٻارڙن کي حيوان صفت انسانن جي وَر ڇاڙهيو ويندو؟ پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن ۾ جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ قتل، معصوم ٻارڙن سان بد فعلي جا واقعا هزارن جي انگ اکر ۾درج آهن پر انهن واقعن جي فهرست ۾ ڏسبو ته آڱر تي ڳڻڻ جيترن کي مشڪل سان انصاف مليو هوندو. ان جو سبب يا ته جوبدار ڪنهن سياسي، قانوني يا حڪومتي ماڻهو جو خاص يا ويجهو هوندو آهي يا وري دولت ذريعي پنهنجي جان ڇڏائي ويندو آهي. هاڻي ته ائين محسوس ٿنيدو آهي ته روزمره جي حساب سان واقعا ۽ قتل ٿين پيا ان جي باوجود حڪمرانن جي ننڍ نه ڦٽي آهي انهن کي ڪو احساس ناهي ته ڪنهن ماءُ جي حالت ڇا هوندي آهي جڏهن هُن جي نياڻي کي جنسي ڏاڍائيءَ کان پوءِ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي.هڪ طرف سياسي ٽيمون پنهنجي نيٽ پرئيڪٽس ڪندي پاور گين جي تياري ۾ مصروف آهن ته ٻئي طرف مخالف ٽيم تي لفظي گوليُن جو وسڪارو آهي. جنهن ۾ ظاهري طور سياستدانن جا ذاتي مفاد نظر ٿا اچن. انهن نام نهاد مفادن ۾ ڪجهه عنصر اهڙا به آهن جيڪي سياسي پارٽيز ۾ ويٺل قاتلن کي سياسي پناه ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪري به مقتولَن جا قاتل آزاد گهمن ٿا ۽ ٻيو فتنو فساد ڪن ٿا. ايترن بحرانن، مسئلن ۽ واقعن کان پوءِ به سياسي نمائندن جي مجرمانه خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي.  سنڌ ۾ نياڻن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جا واقعا، قتل و غارت، جنسي بد فعلي ۽ هاڻي جعلي پوليس مقابلا قانون جي ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ وڏو سوال جو نشان آهي.  اهڙن واقعن جو وڌڻ، مُلڪ کي ڪهڙي  طرف وٺي ويندا اهو اسان جي سامهون آهي.  واقعن ۾ ملوث جوابدارن، قاتلن ۽ مدد ڪندڙ عنصرن کي سزا نه ملڻ مُلڪ جي رياستي، قانوني ۽ انصاف جي ادارن لاءِ هڪ سٺو عمل ناهي.واقعن ۾ مُلوث ماڻهو  ڪا ٽي مخلوق ناهن نه ئي تعلق ڪنهن ٻئي گرهه سان رکن ٿا. آخر ڪهڙي مصلحت کان ڪم ورتو ٿو وڃي جو معصوم ٻارڙن سميت معصوم شهرين جا قاتل قانون جي دائري ۾ ئي نٿا اچن.عوام جي نظر جو مرڪز موجوده وقت جو وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف آهن. ثمينه سنڌو  جي وارثن سميت سڀئي مقتول انصاف جي اعلٰي عملدار ڏانهن ڏسن ٿا. جنسي بگهڙ ۽ انساني قاتل ڪنهن به اداري يا ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ هجن کين قانون جي ادارن جو فرض آهي ته قانون مطابق قرار واقعي سزا ڏني وڃي.
اگر،ثمينه سنڌو،فرزانه جمالي، اسما، قابل، نقيب، انتظار سميت سڀني مقتولن سان انصاف نه ٿيو ته پوءِ عوام جو آئنده ردِ عمل ڏاڍو سنگين نوعيت جو ٿي سگهي ٿو جيڪو ان ملڪ جي لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.