ڪراچي ڀرسان اونهي سمنڊ مان تيل ۽ گئس جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ۽
ان سلسلي ۾ وڏن اوزارن جي سپلاءِ لاءِ جهاز ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پهچي ويا آهن.
بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سماجي رابطن واري ويب
سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته ڪراچي جي سمند کان 230 ڪلوميٽر پري وڏي اسٽيشن مدر آف آل
رگز کي اوزار پهچائڻ لاءِ جهاز ڪي پي ٽي پهچي چڪا آهن.
علي زيدي وڌيڪ لکيو ته تيل جي ڳولا لاءِ ايگزون موبل ۽ اي اين آءِ
جي آجيان ڪريون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ
دعاڳو آهيون، انشاءَ الله تمام وڏي خبر ملندي.

0 Comments