Recent-Post

ڄامشوروچپس کائڻ وگهي معصوم ٻار فوت، سندس ڀيڻ بيهوش



ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ليگل جا ٻه معصوم ٻارڙا معصوم همايون ستار عرف محمد عمر ۽ معصوم نياڻي عليزا ستار دڪان تان خريد ڪيل چپس کائڻ سبب بيهوش ٿي پيا، جن مان هڪ معصوم همايون ستار فوت ٿي وئي، جڏهن ته معصوم نياڻي عليزا ستار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
مليل ڄاڻ مطابق ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ڪالوني مان ٻه معصوم ٻارڙا معصوم همايون ستار عرف محمد عمر ۽ معصوم نياڻي عليزا هڪ دڪان تان ڪجهه ٻاراڻيون شيون خريد ڪيون هيون، جن ۾ چپس به شامل هئي، جيڪا ٻارڙن کاڌي ۽ ان کان پوءِ جلد ئي سندن حيدرآباد وڃڻ ٿيو، جتي سنڌ باد، جنرل اسٽور تان جوس، کير ۽ چپس به خريد ڪيون هيون، جيڪي ٻارڙن واپرايون، ٻارڙن پاران چپس ۽ جوس واپرائڻ کانپوءِ ڪجهه وقفي بعد ٻنهي ٻارڙن همايون ستار ۽ عليزا ستار جي طبيعت خراب ٿي وئي، جن کي فوري طور حيدرآباد جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هڪ ٻارڙو همايون ستار فوت ٿي ويو، جڏهن ته آغا خان اسپتال ۾ وينٽيلر جي اڻهوند ۽ ايمرجنسي جي سهولت نه ملڻ سبب معصوم  نياڻي عليزا کي آغا خان اسپتال مان فوري منتقل ڪري، ڪي ڪي ايف اسپتال ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس پيٽ مان زهريلي شيون ڪڍيون ويون.
معصوم همايون جي لمس ڪالوني ڄامشورو ۾ جنازي نماز پڙهي وئي، تنهن کانپوءِ لمس جي قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي


Post a Comment

0 Comments