مير الطاف حسين ٽالپر
عربن جي فتح کان پهريون
سنڌ ۾ جيڪي ذاتيون آباد هيون انهن مان سهتا/منڱڻيجا جو تذڪرو سڀني قديم تاريخي
روايتن ۽ لوڪ داستانن ۾ ملي ٿو. سنڌو ندي جي کاٻي ڪناري پريالوء کان موري تائين
درياه جي سيلابي پاڻي ۽ قدرتي توڙي مصنوعي طريقي سان کوٽيل واهن ۽ ڇاڙهن ذريعي پهچندڙ
پاڻي تي آباد ٿيندڙ سنڌ جو هي علائقو ساهتي پرڳڻي جي نالي سان معروف آهي. درٻيلو
هن علائقي جو مکيه مرڪز رهيو آ جتي ڪلهوڙا دور تائين قلعي جي موجودگي جون شاهديون
ملن ٿيون ۽ ڪلهوڙن کان اڳ مغلن جي دور تائين درٻيلو بکر سرڪار جي اهم فوجي ڇانوڻي هئي. درٻيلو کان علاوه
ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا قلعه مختلف ڳوٺن ۾ فوجي چوڪين طور ٺهرايل هئا.
تعلقو صوبوديرو جو شهر هنڱورجه به ان قديم دور جو ئي يادگار آهي. هي شهر جنهن مٿاهين دڙي تي ٺهيل آ ان مان مان قديم دور سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي شيون کوٽائي ڪندي ماڻهن کي ملي وينديون آهن . ان قديم دڙي جو هڪ حصو مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ ۽ سابق ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاه لڪياري جي رهائش گاه ۾ به آهي جتي قديم پراڻي دور جي هڪ مسجد اڄ تائين به موجود آهي. هنڱورجه جي سرڪاري اسپتال به ان ئي دڙي تي ٺهيل آ. اسلام ڪاٽن جننگ فيڪٽري کان وٺي هنڱورجه سڳيون روڊ تائين قديم دڙي جو اتريون حصو ٿورو عرصو اڳ تائين کليل ميدان هو مگر هاڻي ان تي به شايد پلاٽنگ ٿئي پئي.
شهر جي ڏکڻ ۾ قديم آبادي جا نشان دڙن جي صورت ۾ سال کن اڳ تائين به موجود هئا جيڪي گوگل جي سيٽيلائيٽ منظر ۾ به واضع ڏسي سگهجن ٿا مگر هاڻي اهي به هنڱورجا جي ئي هڪ معزز شخصيت ٽريڪٽر گهمائي پنهنجي زرعي زمين ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن باقي ڪي ٿورا ٽڪرا جتي قبرون ۽ مسجدون هيون ان ڀنڃ ڊاه کان محفوظ بچيا آهن.
هنن قديم آثارن جو تعلق سمن ۽ ارغونن جي دور سان ته يقينن آهي ئي مگر هن وقت تائين نه ئي سنڌ سرڪار ۽ نه ئي تاريخ ۽ تحقيق سان واسطو رکندڙ ڪنهن سرڪاري اداري انهن ڏانهن ڌيان ڏنو آ. قديم دور سان واسطو رکندڙ 4 مسجدون هن وقت به هنڱورجا ۾ موجود آهن جن مان ٻه شهر اندر ۽ ٻه شهر کان ٻاهر آهن.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي کي هٿ ٻڌي گذارش عرض ڪجي ٿي سنڌ جي هن قديم تاريخي ورثي ڏانهن به نظر ڪرم ڪري ۽ انهن کي محفوظ بنائڻ جو انتظام ڪري.. هنڱورجا شهر جي ساڃاه وند دوستن کي گهرجي ته هو اڳتي وڌي پنهنجي ان تاريخي ورثي جي مالڪي ڪن ۽ تاريخي آثارن کي محفوظ بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

0 Comments