ڪوٽڙي واسي پورهيت جا 3
ٻارڙا دماغي بيماري ۾ ورتل آهن، غربت سبب وارثن علاج ڪرائڻ بدران کين رسن سان ٻڌي
ڇڏيو آھي.
ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي جي
سائيٽ جي واري علائقي غريب آباد ڪالوني جي رهواسي پورهيت اعجاز کوکر ڄامشورو پهچي
صحافين اڳيان دانهيو آهي ته سندس 3 ٻارڙا 15 ورهين جو پٽ ساجد علي، 13 ورهين جي
نياڻي راحيلا ۽ 7 ورهين جي شمائلا کوکر ننڍي عمر کان ئي دماغي بيماري ۾ ورتل آهن،
جن جو گدو اسپتال سميت مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو پر کين ڪٿان به فائدو نه پهتو،
جنهنڪري معصومن کي گهر تائين محدود ڪندي کين رسن سان ٻڌي ڇڏيو آھي.
هن چيو ته آئون پاڻ به
ڇن جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ ڪري ٻارڙن جو وڌيڪ علاج ڪرائي نه ٿو سگهان. هن وس وارن
کان مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙن جي علاج ۾ مدد ڪري سندن زندگي بچائي وڃي.

0 Comments