علم جي اهميت ۽ ضرورت
تحرير ۽ ترتيب: ماجد علي ٻگهيو
منهنجا عزيز دوستو مان ڪوئي وڏو دانشور يا ليکڪ نه آھيان بلڪه هڪ ننڍڙو
شاگرد ۽ طالب علم آھيان محسوس ڪيم ته علم جي اهميت اسلام جي نظر ۾ جي عنوان تي هڪ مختصر
تحرير ترتيب ڏيان ته جيئن اسان نوجوان علم جي اهميت ۽ ضرورت کي ڀلي طرح سان سمجهي سگهون۔
رسول اڪرم ص فرمائن ٿا
بھترین صدقو ھي آھي ته انسان علم حاصل ڪري ۽ پوء پنهنجي ٻئي ڀاء
کي سيکاري۔
جيئن ته ڪنهن به قوم جي ڪاميابي سربلندي ۽ ترقي جو دارومدار علم تي هوندو
آھي جيڪڏهن قوم وٽ ۽ قوم جي نوجوانن وٽ علم آھي ته اها قوم جلدي ۾ ترقي ڪندي پر جيڪڏهن
ڪنهن قوم وٽ علم نه آھي ته اها قوم هميشه غلامي واري زندگي گذاريندي يعني هو هميشه
ٻين قومن جي ۽ دنيا جي محتاج هوندي جهڙي طرح سان علي عليه السلام پنهنجي هڪ حديث ۾
فرمايو آھي
مولا علي ع فرمائن ٿا
ته علم بادشاه آھي جنهن ان (علم) کي حاصل ڪيو اهو غالب ٿيو ۽ جنهن (علم)
کي حاصل نه ڪيو اهو مغلوب ٿيو-
ان حديث جي مختصر وضاحت هن طرح آھي ته جنهن به قوم وٽ علم هوندو اها
قوم دنيا ۾ سربلند هوندي ٻي صورت ۾ دنيا جي
محتاج ۽ غلام بڻجندي۔
انهي ڪري جيڪڏهن ڪوئي چاهي ٿو ته هو غلام نه بلڪه بادشاه ٿئي ۽ سربلندي
واري زندگي گذاري ۽ پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري ته ان کي علم جي ميدان ۾ اڳتي اچڻو
پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ان جا فيصلا دنيا ڪندي ۽ دنيا ان کي پنهنجو غلام بڻائي
ڇڏيندي پوء چاهي اهو انسان هجي يا قوم!
انهي وضاحت کان پوء هاڻي اسان علم جي وصف کي بيان ڪنداسين ته اهو ڪهڙو
علم آھي جيڪو فائديمند آھي۔
عام معاشري ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هر ڪوئي انهي علم کي گهڻو فائديمند سمجهندو
آھي جنهن سان ان شخص يا گروه جو خود جو تعلق هجي يعني جيڪڏهن ڪير مولانا آھي ته اهو
چوندو ته ٻين سڀني علمن کي ڇڏيو بس مدرسي جو علم حاصل ڪري مولوي ٿيو
وري جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر سان ملندؤ ته اهو چوندو ته ٻيا سڀئي علم رهڻ ڏيو
۽ ميڊيڪل سائنس پڙهو ۽ انهي ۾ مهارت حاصل ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو ئي علم تمام گهڻو فائديمند
آھي
اهڙي طريقي سان ٻيا به ڪيترائي علم آھن جنهن جي لاء هر ڪوئي جدا جدا
موقف رکي ٿو ۽ جدا جدا اهميت جو قائل آھي۔
پر اسلام ان طرح جي تقسيم کي نه ٿو مڃي بلڪه اسلام انهن سڀني علمن کي
هڪ علم جو الڳ الڳ شعبو ٿو سمجهي يعني دينيات به علم جو هڪ شعبو آھي
معاشرت به علم جو هڪ شعبو آھي
اقتصاديات به علم جو هڪ شعبو آھي
سائنس به علم جو هڪ شعبو آھي
اهي سڀئي پنهنجي پنهجي جاء تي اهميت رکن ٿا ۽ انساني معاشري کي انهن
جي ضرورت به آھي پر ان جو اهو مطلب نه آھي ته هڪ جو قائل ٿيڻ گهرجي ۽ ٻئي کي رد ڪرڻ
گھرجي!
بلڪه هر هڪ شعبي جي اهميت ۽ افاديت انجي ضرورت جي مطابق آھي جنهن جي
جيتري ضرورت ٿيندي ويندي آھي ان جي معاشري ۾ اوتري قدر ۽ قيمت ٺهندي ويندي آھي۔
جڏهن اسان قرآن ۽ سنت ۽ اسلامي تعليمات جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي
علم جي اهميت ۽ افاديت معلوم ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ اهو به واضح ٿئي ٿو ته بنيادي اعتبار
سان علم هڪ ئي آھي جنهن جا الڳ الڳ علمي شعبه آھن جيئن اسان مٿي بيان ڪري آياسين يا
جيئن هن حديث ۾ آھي
ته
امام عليه السلام فرمائن ٿا
”علم
جی ڪثرت
ان حد تائين آھي جو ان جو حساب نه ٿو لڳائي سگهجي بس توهان ان ڪثير علم منجهان اهو
علم حاصل ڪيو جيڪو بهترين هجي ۽ توهان جي لاء فائديمند هجي“
مٿين حديثن کان علاوه هاڻي اسان وڌيڪ ٻيون به اهي حديثون بيان ڪنداسين
جنهن ۾ علم جي اهميت ۽ ضرورت کي بيان ڪيو ويو آھي ۽ انهي سان گڏ ضرورت جي مطابق حديثن
جي مختصر تشريح به ڪنداسين۔
1)
پهرئين حديث ۾ رسول اڪرم ص فرمائن ٿا
عالم ٿيو يا شاگرد ٿيو پر پنهنجي قيمتي وقت کي فضوليات ۽ عياشي ۾ خرچ
نه ڪيو
ان حديث جو مطلب اهو آھي ته حضور جن فرمائن ٿا ته يا ته عالم ٿيو يعني
ڪنهن به علم جا ماهر ٿيو جيڪڏهن ماهر نه آھيو ته ماهر ٿيڻ جي لاء علم حاصل ڪيو انهن
کان علاوه پنهنجي زندگي جي قيمتي وقت کي فضول ۾ نه وڃايو يا وري عياشي ۾ وقت ضايع نه
ڪيو ڇاڪاڻ ته انسان جي زندگي جو هڪ هڪ لمحو قيمتي آھي۔
2)
ٻئين حديث ۾ علي عليه السلام فرمائن ٿا
علم ۽ حڪمت کي حاصل ڪيو چاهي اهو علم ڪنهن مشرڪ کان حاصل ڇو نه ڪيو وڃي۔
ان حديث ۾ مولا علي ع فرمائن ٿا ته علم ۽ حڪمت کي مشرڪن وٽان به حاصل
ڪيو ڇاڪاڻ ته علم ۽ حڪمت جا اصل وارث مسلمان ئي آھن انهي ڪري پنهنجي امانت کي جنهن
وٽ ڏسو انکان وٺو پوء چاهي اهو مشرڪ ئي ڇو نه هجي۔
3)
ٽئين حديث ۾ رسول اڪرم ص فرمائن ٿا:
جيڪو شخص علم جو هڪ حصو حاصل ڪري ته جيئن خدا جي رضا جي لاء ٻين کي سيکاري
ته الله ان شخص کي ستر نبين جو اجر ڏيندو۔
ان حديث کي مزيد واضح ڪرڻ جي ضرورت نه آھي ڇاڪاڻ ته اها حديث بلڪل واضح
آھي ۽ علم جي اهميت کي بلڪل اعلي انداز ۾ بيان ڪري ٿي يعني علم سکي ڪري وري ڪنهن ٻئي
کي ان نيت سان سيکارڻ ته جيئن الله راضي ٿئي خدا ان کي 70 نبين جيترو ثواب عطا ڪرڻ
جو انعام ڏنو آھي۔
4)
چوٿين حديث ۾ رسول اڪرم ص فرمائن ٿا۔
علم حاصل ڪرڻ ھر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آھي علم کي انجي مقام ۽ اهل
علم کان حاصل ڪيو ڇاڪاڻ ته الله جي رضا جي لاء علم حاصل ڪرڻ عبادت علمي گفتگو تسبيح
آھي ۽ ان علم تي عمل ڪرڻ جهاد آھي ۽ جاهل کي علم سيکارڻ علم جو صدقو آھي ۽ علم وارن
۾ پنهنجي علم جي خيرات ڪرڻ الله جي قريب ٿيڻ جو وسيلو آھي ڇاڪاڻ ته علم ئي آھي جيڪو
حلال ۽ حرام کي بيان ڪندو آھي اهو ئي علم جنت جي رستي جو نور آھي تنهائي ۽ اڪيلائي
۾ توهان جو ساٿي ۽ دوست آھي پرديس ۾ توهان جو ڀلو رفيق آھي مشڪلاتن ۽ آسانين ۾ توهان
کي رستو ڏيکارڻ وارو آھي دشمن جي مقابلي ۾ ھٿيار ۽ دوستن جي درميان توهان جي لاء زينت
آھي علم جي ڪري ئي خدا قومن کي ڪاميابي ڏانهن بلند ڪندو آھي ۽ انهن جي اصلاح ڪندو آھي۔
5)
پنجين ۽ آخري حديث ۾امام عليه السلام فرمائن ٿا
جيڪو شخص علم کي حاصل ڪرڻ جي لاء ٻه قدم کڻي ٻه ڪلاڪ هڪ عالم سان گڏ
ويهي ۽ پنهنجي استاد کان ٻه اکر سکي ته خدا تعالي انجي لاء ٻه جنتون فرض ڪندو جهڙي
طرح قرآن ۾ الله چيو آھي ته
جيڪو شخص پنهنجي رب جي بارگاه ۾ پيش ٿيڻ جو خوف رکي ٿو ته ان جي لاء
ٻه جنتون آھن۔
آخر ۾ الله تعالي کان دعا آھي ته اسان کي حقيقي معني ۾ علم سکڻ جي توفيق
عطا فرمائي آمين

0 Comments