Recent-Post

ديبل ڪٿي آ


ديبل ڪٿي آ؟
ميرالطاف حسين ٽالپر
اھو سوال سڀ کان پھريون 1843ع ۾ سنڌ جي حڪومت حاصل ڪرڻ کان پوء انگريز محققن جي ذھن ۾ پيدا ٿيو. 
ديبل جو نالو سنڌ تي مسلمانن جي ڪاھن سان تاريخ جي صفحن ۾ اچڻ شروع ٿئي ٿو مگر حيرت انگيز طور تي سنڌ جي اندر لوڪ داستانن يا حڪايتن ۾ ڪٿي به ديبل جو تذڪرو نٿو ملي. 
 سنڌ تي عربن جي حملن جي شروعات جي ابتدا حضرت عمر جي دور خلافت کان سن 15 يا 16 ھجري کان  ليکي وڃي ٿي  ۽ اتان کان ئي عرب ڪتابن ۾ ديبل جي نالي جو آغاز ٿئي ٿو. 7 صدي عيسوي جي وچ کان وٺي 1326ع ۾ سلطان محمد خوازمي ھٿان ديبل جي مڪمل بربادي تائين 700 ورھن جي عرصي دوران ديبل کي سنڌ جو مکيو بندرگاه لکيو ويو آ مگر ديبل جي محل وقوع بابت ڪنھن به تاريخدان ڪي صاف ۽ چٽا اھڃاڻ ڪونه لکيا آھن جنھن مان ديبل جي يقيني محل وقوع جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
سنڌ تي عربن جي فتح جو آغاز ديبل جي فتح کان ليکيو ويو آ جنھن مان اھو تاثر پختو ٿيو ته ديبل موجوده يا ڪم از ڪم انگريزن جي حڪمراني کان اڳ ٽالپرن جي دور حڪومت جي سرحدن اندر ئي ڪٿي موجود ھوندو. 
ان نظرئي تحت انگريز ماھرن عربن جي تاريخن ۾ مليل نشانن کي ذھن ۾ رکي سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ موجود پراڻن آثارن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي. انگريزن کي مقامي صدري روايتن ۾ ڪٿي به ديبل نالي يا ان سان ملندڙ جلندڙ نالي واري ماڳ جو نالو نشان ئي نه مليو جيئن کين سنڌ جي ٻين ڦٽل يا آباد پراڻن ماڳن جا نشان مقامي فوڪ لور ۾ مشھور و معروف ھئا مثال طور اروڙ، برھمڻ آباد وغيره مگر ديبل جي ڄڻ ته نالي کان ئي سنڌي واقف نه ھا. انگريزن جي سامھون بس عربن جي تاريخن ۾ ئي ديبل جا نالا نشان ھئا جن جي آڌار تي انھن ڪنھن اھڙي قديم تاريخي وڏي شھر جي تلاش  شروع ڪئي جيڪو سنڌو جي سمنڊ ۾ آخري اولاھين ڇوڙ جي مغرب ۾ ھجي، سمنڊ جي ڪناري سان ھجي ۽ منجهس عربن جي ڪتابن ۾ آيل نشانين سان قربت رکندڙ وڌ ۾ وڌ نشان به ھجن. 
 سندن تلاش کين  سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ اھڙن ڪيترن ئي ماڳن ڳولي لھڻ ۾ مدد ڪئي جيڪي ممڪنه طور تي ديبل ٿي پي سگهيا ٺٺي کان وٺي ڪراچي تائين مختلف نظرين تي ڪم ڪندي نيٺ آخري انتخاب گهاري ڪريڪ تي موجود ھڪ آثار تي دنگ ڪيو جنھن ۾ قلعي توڙي وڏي آبادي جون خاصيتون موجود ھنيون مگر نامعلوم وجوھات تحت اھو ماڳ مقامي ماڻھن ۾ ديبل بجاء ڀنڀور جي نالي سان مشھور و معروف ھيو. مگر ٻئي پاسي ڀنڀور کان علاوه ان عرصي ۾ ھو ٻيو ڪو به اھڙو وڏو آثار سنڌ جي مغربي ساحلي پٽي ۾ تلاش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ھئا انڪري قرع فال ڀنڀور تي ئي اچي بيٺو ته ھجي نه ھجي اھو ئي ديبل بندر آ.
قديم اسلامي مورخ تقريبن ھم خيال آھن ته ساحل مڪران سنڌ جي حدن اندر آ. يعني سنڌ جي ساحلي پٽي صرف موجوده سنڌ جي ساحلي حد نه پر قديم اسلامي تاريخدانن توڙي بحري ماھرن مطابق موجوده ايران جي حدن اندر خليج فارس ۾ آبناء ھرمز کان وٺي شروع ٿي ٿئي. عرب بحري ماھر توڙي جاگرافي دان متفق آھن ته بصري کان ديبل بحري سفر 15 ڏينهن جو آ جن مان 7 ڏينهن بصري کان آبناء ھرمز ۽ اتان کان 8 ڏينهن تي ديبل. 
 قديم زماني ۾ سامونڊي ٻيڙا سفر دوران ساحل کان گهڻو پري سفر نه ڪندا ھئا ۽ سندن سراسري سفر روزانو 100 ميل ھوندو ھو. 
  آبناء ھرمز ۾ موجود ھرمز ٻيٽ کان جڏنھن ساحلي مفاصلن جي ماپ ڪجي ٿي ته 8 ڏينھن جي سامونڊي سفر جي منزل موجوده ڪراچي جي راس تي اچي دنگ ٿي ڪري. انڪري ڪجه انگريز به ان خيال جا ھئا ته ديبل بندر دراصل ڪراچي يا ان جي آسپاس ھجڻ گهرجي. 
 ليڪن بدقسمتي سان سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني شروع ٿيڻ کان ڪافي اڳ ئي ڪراچي آباد شھر بنجڻ شروع ٿي چڪو ھو ۽ اتان کين ڪنھن وسيع پراڻي ڦٽل شھر جا آثار ھٿ نه آيا، جنھن جو امڪان به گهٽ ھو. 
 سنڌ تي محمد بن قاسم جي فوجي مھمات مان به ان خيال کي تقويت ملي ٿي ته ديبل موجوده ڏکڻ سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ ھرگز نه ھيو، ڇو ته سنڌ جي ساحلي پٽي زمانه قديم کان سرسبزو شاداب ۽ وسائل سان مالا مال رھي آ، محمد بن قاسم جي لشڪر جون غذائي ضروريات اتان آساني سان پوريون ٿي پي سگهيون. اگر ديبل سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ھجي ھا ته محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ کان پوء صرف ديبل جي قلعي تي اڪتفا ڪندي، ٻي ڪنھن به آسپاس جي آبادي کي ھٿ لائڻ بنا يڪدم اتر جو سفر مغربي خشڪ جبلن مان ڪري اتر سنڌ پھچڻ جي جلدي نه ڪري ھا.
اھڙي طرح محمد بن قاسم جون موجوده سنڌ اندر جملي فوجي مھمن ۾ ٻيون به اھڙيون ڪيتريون ئي نشانيون موجود آھن جيڪي تحقيق طلب آھن ۽ گهڻو امڪان ان ڳالھ جو آ ته ڀنڀور ديبل بندر ڪونھي. ۽ حيدرآباد نيرون ڪوٽ ڪونھي.

Post a Comment

0 Comments