تحرير: ماجد علي ٻگھيو
سڀ کان پهريان اسان اهو
ڏسون ته انسان جي تخليق جي لحاظ کان انجي حيثيت ۽ عظمت ڇا آھي ته جيئن ڳالھ بلڪل واضح
۽ آسان ٿي وڃي,
الله تعالي جي هن ڪائنات
۾ بيشمار مخلوقات آھي ۽ ان تمام مخلوقات منجھان هڪ مخلوق انسان پڻ آهي
پر ڏٺو وڃي ته ان تمام مخلوقات
۾ واحد مخلوق انسان آھي جنهن کي الله سبحان و تعالي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آهي,
فقط اها فضيلت ئي نه ڏني آھي پر ان سان گڏوگڏ تمام مخلوقات کي انسان جي خدمت جي لاء
ڪرار ڏنو آھي
جهڙي طرح قرآن ۾ الله تعالي
فرمائي ٿو;
وَ سَخَّرَلَکُمْ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ
وَمَا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا مِّنْهُط اِنَّ
فِیْ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّتَفَکَّرُوْنَ.
(سورہ جاثیہ 1)
۽ جيڪو ڪجھ آسمان ۾ آھي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آھي سڀن کي (الله) توهان
جي خدمت ۾ آڻي ڇڏيو آھي بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن جي لاء نشانيون آھن جيڪي غور ۽ فڪر ڪن
ٿا۔
اها عظمت آھي انسان جي جيڪا
آيت ۾ بيان ٿي پر افسوس اهو آھي ته انسان ايڏي عظمت ۽ وقار جي باوجود پنهنجي مقصد کي
ڇڏي ڪري دنيا ۽ دولت جي پٺيان ڀڄي ٿو پيو ۽ هو اهو ٿو سمجهي ته دنيا ۾ اچڻ جو مقصد
بس کائڻ پيئڻ دولت ڪمائڻ بنگلو گاڏي خريد ڪرڻ ۽ آرام سان رهڻ آھي بس ان کان علاوه ڪجھ
به نه,
اها به هڪ حقيقت آھي ته
اڪثر انسانن ۾ اهڙي قسم جي سوچ ۽ عقيدو گهر ڪري ويو آھي ته پئسو ۽ دولت ئي سڀ ڪجھ آھي
انهي کان علاوه زندگي گذري ئي نه ٿي سگهي اهو ئي سبب آھي ته انهن جو سڄو ڌيان ئي دنيا
۽ دولت گڏ ڪرڻ تي آھي پوء چاهي اها دولت جائز طريقي سان اچي يا ناجائز طريقي سان ان
سان انهن کي ڪوئي فرق نه ٿو پوي۔
جڏهن ته دنيا ۽ دولت انسان
جي لاء آ ۽ انسان خدا جي لاء آ انهي کان علاوه اهو ته اصل دولت ته انسان خود پاڻ آھي
جڏهن انسان پاڻ ئي ايڏي وڏي منزلت ۽ مقام جو مالڪ آھي ته پوء هو ڇو معمولي شئ جي لاء
ايڏو پريشان ٿئي ٿو جڏهن ته هو ان معمولي شئ کي پنهنجي ارادي,طاقت ۽ توانائي سان مناسب
طريقي سان استعمال ۾ آڻي به سگهي ٿو!
جڏهن ته انسان جي حيثيت
۽ انجو معيار مال ۽ دولت نه بلڪه خدا تعالي جي رضا ۽ خوشنودي آھي
۽ وري اهو انسان آھي جيڪو خدا جهڙي عظيم وجود کي ڇڏي ڪري هڪ عام ۽ معمولي
دنيا ۽ دولت جي پويان پنهنجي عظيم وجود کي ضايع ٿو پيو ڪري جڏهن ته انجي منزل اڃان
ٻي آھي۔
مان ان کي مزيد واضح ڪيان
ته اسان سڀ مسلمان آهيون ۽ اسان جو ان تي پختو ايمان آهي ته اسان کي الله سبحان و تعالي
خلق ڪيو آهي ۽ اهو ئي حق ۽ سچ آهي
پوء جيڪڏهن الله ئي سڀن
انسانن کي خلق ڪيو آھي ۽ انسان جي لاء ايڏو وڏو اهتمام به ڪيو آھي ته پوء لازمي آهي
بي وجه ۽ بيڪار خلق نه ڪيو هوندو, ظاهر آھي انسان جي خلقت جو ڪوئي نه ڪوئي مقصد ۽ هدف
ضرور هوندو جنهن جي ڪري انسان خلق ٿيو آھي ڇاڪاڻ ته ڪائي به اهم شئ بغير مقصد جي ٺاهڻ
دانشمندي نه هوندي آھي ۽ الله سبحان و تعالي جي لاء اها شئ محال آھي۔
انجي لاء هڪ عام مثال ڏيان
ته هڪ آرٽسٽ Artist آهي
جيڪو پوري محنت سان ۽ دانائي سان هڪ پراڊڪٽ ٺاهيو آھي هاڻي ان جيڪو پراڊڪٽ ٺاهي تيار
ڪيو آهي ڇا اهو بغير ڪنهن مقصد جي ٺاهيو هوندو؟ ڪڏنهن به نه!
بلڪه ان آرٽسٽ ان کي ڪنهن
خاص مقصد جي لاء ٺاهيو آھي ڇاڪاڻ ته انجي محنت ۽ مشقت بغير مقصد جي فضول آھي ۽ هڪ دانشمند
۽ عاقل انسان اهڙو فضول ڪم ڪڏهن به نه ڪندو۔
اهو ئي سبب آھي ته الله
تعالي به انسان کي هڪ خاص مقصد ۽ هدف جي لاء خلق ڪيو آهي پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو
مقصد ڪهڙو آهي جنهن جي ڪري انسان جي تخليق ٿي آھي!؟
الله سبحان و تعالي پنهنجي
نظام کي هلائڻ جي لاء هر انسان ۾ جدا جدا ۽ منفرد خاصيتون ۽ قابليتون رکيون آهن جنهن جي بنياد تي هر انسان پنهنجي طور
تي ذميدار آھي بس ايترو آھي ته هر انسان اها قابليت ۽ صلاحيت پاڻ ۾ ڳولهي ۽ معلوم ڪري
ته هو ڇا جي لاء پيدا ٿيو آھي ۽ دنيا ۾ الله تعالي ان کان ڪهڙو ڪم وٺڻ ٿو چاهي۔
ان جاء تي هڪ وضاحت ڪندو
هلان ته جڏهن انسان پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي دريافت ڪري ۽ معلوم ڪري ان سان انسان
ذات ۽ معاشري کي فائدو ڏئي ٿو ته اهو انجو ثانوي مقصد آھي ۽ وري جڏهن ان ئي قابليتن
۽ صلاحيتن کي ان نيت سان استعمال ڪري ۽ انسانذات کي فائدو ڏئي ٿو ته جيئن خدا راضي
ٿئي ۽ ”خوشنودئ خدا“ حاصل ٿئي ته اهو ئي انسان جو بنيادي مقصد آھي۔
هاڻي سوال اهو آھي ته اها
خاصيت ۽ قابليت انسان پاڻ ۾ ڪيئن ڳولهي؟؟؟؟
انهي جي لاء اهو آھي ته
اسان کي جنهن ڪم ۽ فيلڊ ۽ شعبي ۾ دلچسپي ۽ قابليت سڀن کان گھڻي هجي ته ان مان سمجهي
سگهجي ٿو ته اسان کي الله تعالي انهي ڪم جي لاء خلق ڪيو آھي جنهن جي خاصيت پاڻ ۾ محسوس
ڪجي ٿي ۽ اهو ئي الله سبحان و تعالي جي طرف کان مليل ڪم ۽ ذميداري آهي۔
ان کان پوء انسان کي بس
ايترو ئي ڪرڻو آھي ته پنهنجي ان قابليتن ۽ صلاحيتن کي مزيد پولش ڪري يعني اڃان بهتر
ڪرڻ جي لاء مسلسل مشق ڪري ته جيئن هو ان صلاحيتن جي لحاظ کان اڃان بهتر کان بهتر ٿيندو
وڃي۔
ان مرحلي کان پوء هڪ ٻيو
مرحلو اچي ٿو جيڪو بنيادي ۽ اهم آھي ۽ جنهن جو انسان جي مقصد سان گهرو تعلق ۽ واسطو
آھي اهو هي ته مٿيان سڀئي مرحلا انسان طئه ڪندو پر ٽن شرطن سان گڏ۔
1) انسان جو هر ڪم ۽ عمل خدا جي دين جي خلاف
نه هجي بلڪہ انجي مطابق ھجي
2) انسان پنھنجی هر صلاحیت ۽ قابليت
انسان ذات جي خدمت جي لاء صرف ڪري۔
3) انسان جو ارادو ۽ نيت اها هجڻ گهرجي ته
منهنجو هر عمل منهنجی قابليت سڀ ڪجھ خدا جي خوشنودي ۽ رضا
جي لاء آهي
جهڙي طرح نبي اڪرم ص جي
لاء قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آهي
قُلْ اِنَّ صَلَاتِىْ وَنُسُكِىْ وَمَحْيَاىَ
وَمَمَاتِىْ لِلّـٰهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ (سورہ
انعام 162)
اي رسول چئو ته بيشڪ منهنجون
نمازون منهنجي قرباني منهنجو جيئڻ منهنجو مرڻ سڀ ان خدا جي لاء آھن جيڪو عالمين جو
پالڻهار آھي۔
اهو انسان جيڪو پنهنجي زندگي
۾ اهي ٽئين شيون اپنائي ٿو اهو ئي ڪامياب ۽ با مقصد زندگي گذاري ٿو جڏهن ته ان جي برعڪس
جڪڏنهن ڪوئي انسان پنهنجي قابليت ۽ هنر کي الله ۽ الله جي دين جي خلاف استعمال ٿو ڪري
يا انسان ذات جي خدمت جي ڪم نه ٿو آڻي ته ان
ڄڻ خدا سان خيانت ڪئي جنهن جو جواب خدا جي حضور ان کي ڏيڻو پوندو ۽ اهڙو انسان پنهنجي
مقصد کان به بلڪل پري هوندو آھي۔
انهي ڪري انسان کي گهرجي
ته پاڻ کي پاڻ ۾ تلاش ڪري ۽ پنهنجي خالق تائين پهچي جيڪو سندس جي اصل منزل آھي.

0 Comments