Recent-Post

گڙيا جي ڪھاڻين



ليکڪ ام زهرا
ڪجه ڏينهن پھريان مان خريداري جي لاء ھڪ دڪان تي ويس؛ سامان وٺي رھيو ھيس جو ھڪ ننڍو ٻار اچي دڪاندار کي چوڻ لڳو چاچا ھي گڏي ڪيتري جي آ ؟؟؟؟؟
دڪاندار چيس تون پھريان به ڪيترائي دفعه اچي پڇي ويو آھين پھريان 100 جي ھئي ھاڻي 150 جي ٿي وئي آھي!!!!!!
اھو ٻڌي ٻار مايوس ٿي چوڻ لڳو مون وٽ ته رڳو 100 رپيا آھن 😔
ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو ته مان پڇيو مانس ڪنهن لاء پيو گڏي وٺين؟؟؟؟
چوڻ لڳو ننڍڙي ڀيڻ لاء ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪيترن ئي ڏينهن کان پيسا گڏ پيو ڪيان پھريان سئو جي ھئي ھاڻي 150 جي ٿي وئي آ۔
مان ٻار کي گڏي وٺي ڏني ۽ ان ٻار کان سندس گھر جي باري ۾ پڇيم ته چوڻ لڳو امان بيمار آ بابو نشو ڪندو آ  امان گھرن ۾ ڪم ڪري بچو سچو کاڌو کڻي ايندي آ ته اھو کائيندا آھيون............
ٻار جون ڳالھيون منهنجي دل تي اثر وجهي رھيو هيون۔۔۔۔ مان وڌيڪ پڇيو مانس  تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ڇا ڪندي آ؟؟؟
چوڻ لڳو اھا ته الله سائين وٽ ھلي وئي آ.......مان جھثڪجي ويس ۽ پڇيو مانس ته پوء ھيئ گڏي؟؟؟
چيئي ته امان ڪجه عرصي کان بيمار آ پيسا به ناھن دوا به نٿا وٺي سگهون۔
اڄ صبح مان امان سان ملي ڪم تي اچان پيو ته امان چيو ٿي سگهي اڄ مان تنهنجي ڀيڻ ڏي ھلي وڃان ته ھيئ گڏي مان ان کي ڏيندم امان ڀيڻ کي ڏيندي.........
جڏهن مان ننڍڙو ھيس ته ڀيڻ سان گڏ بازار ايندو ھئس ھوء ضد ڪندي ھئي ته گڏي وٺي ڏي۔
اڄ مان ان جي ضد کي پورو ڪيو ھوء ڏاڍو خوش ٿيندي گڏي کي ڏسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔😔

Post a Comment

0 Comments