Recent-Post

حقيقي استاد ۽ معاشري ۾ انجو اھم ڪردار



تحرير ۽ ترتيب: ماجد علي ٻگهيو



معاشري جو اهو عظيم ڪردار جنهن جي لاء مان هي ننڍڙي تحرير ترتيب ڏني آھي اهو پاڪيزه ڪردار”استاد“ جو آھي جنهن معاشري کي قائد اعظم ؒ ۽ علامه اقبال ؒ جهڙا چمڪندڙ ستاره ڏنا۔

مون جڏهن کان هوش سنڀاليو هڪ جملو مان ڪافي دفع ٻڌو هيو اهو هي ته استاد جو پيشو پيغمبري پيشو آهي!

مان ڪافي دفع ان جملي تي غور ڪيو ته انکي سمجھي سگھان پر ناڪام رهيس هڪ ڏينهن جڏهن منهنجي نظر قرآن مجيد جي هڪ آيت تي پئي پوء مونکي آهسته آهسته ان جي حقيقت سمجھ ۾ آئي،

قرآن ۾ اللّه تعالي اسان جي پياري نبي ص جي لاء فرمايو




هو ﷲ اهو ئي آهي جنهن اڻ پڙهيل قوم منجھان هڪ رسول کي موڪليو جيڪو انهن کي آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ انهن جي دلين کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ ڏاهپ جي تعليم ڏئي ٿو جڏهن ته انکان پهريان اهي کليل گمراهي ۾ هئا. سوره جمعه آيت نمبر 2


انکان پوء جڏهن وري نبي اڪرم ص جي ان حديث پاڪ تي نظر پئي جنهن ۾ پاڻ ڪريم ص فرمايو جنهن جو مفهوم هن طرح آھي ته


”ﷲ تعالي مونکي استاد ڪري انسانن ڏانهن موڪليو آھي“


انهي کان پوء منهنجو مسئلو ئي حل ٿي ويو ۽ مان سمجهي ويس ته واقعي اهو جملو جيڪو چيو ويندو هيو انجي پويان هڪ اهم حڪمت لِڪل آهي ۽ بيشڪ اها حقيقت آهي ته استاد جو پيشو پيغمبري پيشو آهي.

ڇاڪاڻ ته استاد اهڙو ڏيئو آهي جيڪو اونداهي ۾ به هدايت جي رستن کي روشن ڪندو آھي استاد اهو خوشبودار گل آھي جيڪو معاشري ۾ هميشه امن محبت دوستي ۽ ڀائچاري جي خوشبو کي عام ڪندو آھي۔


والدين پنهنجن ٻارن کي الفاظ سيکاريندا آھن ڳالهائڻ سيکاريندا آھن ۽ انهن جون بنيادي جسماني ضرورتون پوريون ڪندا آھن پر استاد انهي ٻار کي هڪ حقيقي انسان بڻائيندو آھي ان کي بهتر رويو ۽ معاشرتي زندگي جو سليقو سيکاريندو آھي انهي کان علاوه انجي ڪردار جي بهتر اخلاقی تعمير ڪندو آھي مختصر هي ته استاد هڪ شاگرد کي زمين تان کڻي آسمان جي بلندين جي سير ڪرائيندو آھي ٻين لفظن ۾ انکي معراج ڪرائيندو آھي۔


استاد يعني مربي!

جيڪو شاگرد جي علمي فڪري اخلاقي ۽ روحاني تربيت ۽ پالنا ڪري ٿو


استاد يعني مستقبل جي اميد!

جيڪو شاگرد کي نه فقط الفاظ ۽ جملا سيکاريندو آھي پر انجي روشن مستقبل جي به انکي خبر ڏيندو آھي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاء ان جي هر ممڪن مدد ۽ نصرت به ڪندو آھي


استاد يعني جذبو ۽ جنون!

جيڪو شاگرد جي سستي ۽ ڪاهلي کي مات ڏئي ان ۾ علم جي تڙپ ۽ جذبو پيدا ڪندو آھي ۽ ان ۾ عظيم منزل کي حاصل ڪرڻ جي اميد ۽ ان تائين پهچڻ جو شوق ۽ مضبوط ارادو پيدا ڪندو آھي

استاد يعني رهبر ۽ اڳواڻ!

جيڪو نه فقط رهنما آھي جو شاگرد کي ڪاميابي جو رستو ڏيکاري پر ان تي هلڻ جي لاء ان سان گڏو گڏ سفر به ڪندو آھي ۽ قدم قدم تي انجي بهتر ڪرير جي لاء انجي رهبري ڪندو آھي ته جيئن هو ڪنهن مونجهاري جو شڪار نه ٿئي۔

استاد يعني هدايت جي رستي کي پنهنجي علم جي نور سان منور ڪرڻ وارو!

جيڪو شاگرد کي ان جي اعلي منزل ۽ هدف کي ترتيب ڏياريندو آهي ۽ انجي منزل کي پنهنجي علم ۽ قابليت جي جوهر ۽ نور سان اهڙو منور ڪندو آهي جو شاگرد کي انجي اها منزل بلڪل صاف ۽ شفاف نظر ايندي آھي جنهن تائين آساني سان هو پهچي سگهندو آھي۔

استاد يعني اعلي اخلاق جي تعمير ڪرڻ وارو!

استاد شاگرد کي فقط ڪتاب مان متعلقه مضمون يا مواد نه ڏيندو آھي پرانهي سان گڏو گڏ انجي رويي انجي اخلاق ۽ انجي معاشرتي پاڪيزه زندگي جي متعلق ان کي اهي گڻ به سيکاريندو آھي جيڪي انجي شخصيت کي زينت بخشيندا آھن۔


استاد يعني پٿر کي تراشي انکي هيرو بڻائڻ وارو!

يقينن استاد اهو مسيحا آھي جيڪو ڪنهن پٿر کي مس ڪري ته اهو انمول هيرو بڻجي پئي مطلب ته استاد ئي آھي جيڪو هڪ بيڪار سست نا اهل ۽ ڪوڙي سڪي جي مثل شاگرد کي به پنهنجي علم ۽ اخلاق جي غير معمولي طاقت سان ان جي لڪل صلاحيتن ۽ قابليتن کي محسوس ڪندين انهن کي ظاهر ڪندو آھي ۽ پوء ان فرد کي اهڙو ته قابل بڻائيندو آھي جنهن جو مثال دنيا ۾ نه ملندو آھي۔

استاد يعني قوم جي مستقبل کي سنوارڻ وارو!

استاد ئي آھي جيڪو ڪنهن به قوم جي بنياد کي تعمير ڪندو آھي ڇاڪاڻ ته نوجوان ئي قوم جو سرمايو ۽ قوم جو مستقبل هوندو آھي جنهن کي اسان استاد جي حوالي ڪندا آھيون ٻين لفظن سان اسان پنهنجي مستقبل کي استاد جي هٿن ۾ ڏيندا آھيون ته جيئن اسان جي ۽ اسان جي قوم جي تقدير کي سنواري!

۽ اها حقيقت ڪنهن کان لڪل نه آھي ته اهڙي قسم جي طاقت ۽ توانائي فقط هڪ سچي ۽ قابل استاد ۾ ٿي سگهي ٿي ٻئي ڪنهن ۾ به اهڙي طاقت قابليت ۽ صلاحيت نه آھي جو هو ڪنهن به قوم ۽ ملت جي مستقبل کي هر قسم جي ڪاميابي سان سنواري سگهي۔

استاد يعني معاشري کي منظم ۽ انجي اصلاح ڪرڻ وارو!

يقينن استاد ئي اهو گوهر ناياب آھي جيڪو معاشرن جي اصلاح ڪندو آھي هو معاشري کي اهڙا قابل ۽ لائق افراد ڏيندو آھي جيڪي پنهنجي قوم پنهنجي وطن جي ترقي جي لاء غير معمولي ڪم انجام ڏيندا آھن جنهن جو تعلق معاشري ۽ ماحول جي اصلاح سان هوندو آھي ڪنهن تمام ڀلو چيو آھي ته اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا حاڪم آھن جيڪي قابل ٿي ڪري معاشري ۾ قدم رکندا آھن ۽ پنهنجي پنهنجي شعبي جي لحاظ کان پنهنجي قوم ملت ۽ معاشري جا خدمتگار ٿيندا آھن جيڪي ماحول ۽ معاشري جي صحيح غلط کي پرکي انکان پوء اصلاح جي لاء مؤثر منصوبه بندي ۽ بهتر ڪردار ادا ڪندا آھن۔

بحرحال جيڪڏهن استاد جي مقام ۽ مرتبي کي بيان ڪجي ته انجي لاء ڪافي وقت گھرجي ٿو ڇاڪاڻ ته استاد جي منزلت ئي خدا اهڙي رکي آ جو ان کي لفظن يا جملن ۾ نه ٿو ماپي سگهجي۔

ڪنهن تمام بهترين جملو چيو آهي ته استاد بادشاه نه آهي پر هو ڪيترائي بادشاه ٺاهي معاشري کي ڏيندڙ هڪ مسيحا آهي 

معاشري ۾ استاد جي حيثيت بلڪل ان ڏيئي جي مثل هوندي آهي جيڪو پاڻ ته تڪليف برداشت ڪندو آهي پر آس پاس جي ماحول کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي

بس استاد جيڪڏهن لائق ۽ قابل هجي ته اهو معاشري کي بادشاه ۽ حاڪم تخليق ڪري ڏيندو آهي پر جيڪڏهن استاد لائق ۽ قابل نه هجي ته هو معاشري کي غلامن جا ٽولا ڏيندو آھي۔

انهي ڪري چيو ويندو آهي ته هر پڙهائڻ وارو استاد نه هوندو آهي بلڪه استاد پڙهائڻ سان گڏ شاگرد جي مزاج انجي اخلاق انجي مستقبل انجي سوچ ۽ انجي هدف ۽ مقصد جي تخليق پڻ ڪندو آهي

ائين پڙهائڻ وارا اسان کي هزارين ملي ويندا پر انهن مان استاد تمام گھٽ ملندا جن ۾ ٻه واضح خوبيون نظر اينديون آهن هڪ انهن جو مزاج استادن وارو هوندو آهي ۽ ٻيو انهن ۾ شاگردن کي بهتر تربيت ۽ تعليم ڏيڻ جي قابليت ۽ هنر اعلي درجي جو هوندو آهي۔
هڪ سچي ۽ قابل استاد جي هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ جملي ۾ عجيب ۽ غير معمولي طاقت ۽ تاثير هوندي آهي جيڪا شاگرد کي متاثر ڪندي آهي ڇاڪاڻ ته استاد جي اها قابليت اهو علم انجي دل ۽ روح مان نڪرندو آهي جيڪو سڌو شاگرد جي دل ۽ روح ۾ داخل ٿيندو آهي جنهن کان پوء شاگردن کي ڪتابن کي رٽو هڻڻ جي ضرورت به پيش نه ايندي آھي۔

انهي کان علاوه استاد ۾ هڪ عظيم تڙپ هوندي آهي پڙهائڻ ۽ نوجوانن جي تربيت ڪرڻ جي جيڪا هو شاگرد جي وجود ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان شاگرد ۾ به پنهنجي مستقبل،پنهنجي قوم،پنهنجي ملڪ جي لاء هڪ غير معمولي تڙپ پيدا ٿيندي آهي جيڪا انجي پرواز کي تمام گھڻو بلند ڪندي آهي جنهن سان هو پنهنجي مقصد ۽ ھدف ۾ ڪاميابي ماڻيندو آهي

بلڪل اهڙي ئي طرح سان استاد معاشرن جي تقدير کي بدلائيندو آهي ۽ ان جي اصلاح ڪندو آھي تنهن ڪري چيو ويو ته استاد جو پيشو پيغمبري پيشو آهي ڇاڪاڻ ته الله جا نبي سڳورا به اهڙي طرح سان معاشرن جي اصلاح ڪرڻ آيا هئا جيئن قرآن ۾ الله تعالي نبين سڳورن جي لاء چئي ٿو
يقينن اسان پنهنجن رسولن کي واضح دليلن سان گڏ موڪليو ۽ انسان گڏ ڪتاب ۽ ميزان به نازل ڪيو ته جيئن سڀئي انسان عدل ۽ انصاف سان زندگي گذارن. سوره حديد آيت نمبر 25

آخر ۾ الله تعالي کان دعا آهي ته اسان کي استاد جي اهميت ۽ حيصيت کي سمجھڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين 


Post a Comment

0 Comments