Recent-Post

انسان جي شرافت ۽ انسانيت


انسان جي شرافت ۽ انسانيت
 
 تحرير: آفاق احمد ٻگهيو

 اللّه تبارڪ و تعالي انسان کي تمام مخلوقات ۾ فضيلت ڏني آھي ۽ ان کي اشرف المخلوقات جو شرف عطا ڪيو آھي ۽ زمين تي پنهنجي خاص نمائيندي ۽ خليفي طور موڪليو آھي, پر ان جاء تي هڪ اهم ۽ ضروري وضاحت ٿيڻ لازمي آھي ته جيئن انسان جي متعلق نظريو واضح ٿي وڃي, اها هڪ حقيقت آھي ته انسان اشرف المخلوقات آھي پر اهو شرف ۽ فضيلت ڪهڙي بنياد تي ان کي ملي آھي؟؟ ڇا اهي انسان جيڪي پنهنجي سوچ ۽ عملن جي بنياد تي ظالم,جابر ۽ بدبخت آهن ان فضيلت ۾ اچن ٿا!؟؟ ان جو جواب واضح طور تي نه ۾ آھي,نه عقل انجي تائيد ڪري ٿو ۽ نه وري قرآن ۽ سنت ۾ ان جي تائيد ملي ٿي, بلڪه قرآن ۽ سنت ۾ اهڙو انسان حقيقي انسان ئي نه آھي بلڪه جانور آھي يا جانورن کان به بدتر آھي۔ جيئن قرآن ۾ الله سبحان و تعالي فرمائي ٿو; (الفرقان آیت 44) اَمۡ تَحۡسَبُ اَنَّ اَکۡثَرَہُمۡ یَسۡمَعُوۡنَ اَوۡ یَعۡقِلُوۡنَ ؕ اِنۡ ہُمۡ اِلَّا کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ سَبِیۡلًا توهان جو خيال آ ته انهن منجهان اڪثر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي لاء تيار ئي نه آھن!؟ نه بلڪه اهي ماڻهو ته فقط جانورن وانگر آھن بلڪه انهن کان به بدتر گمراه آھن۔ ان آيت ۾ ان انسان کي جيڪو پنهنجي نفس ۽ خواهش جي پيروي ڪري ٿو ۽ ظالم آھي ان کي الله جانورن کان به بدتر چيو آھي, ان مان ئي اسان کي خبر پوي ٿي ته هر انسان اشرف المخلوقات جي درجي ۾ نه ٿو اچي, ان درجي ۾ اچڻ جي لاء انسان کي جسماني,اخلاقي ۽ روحاني لحاظ کان حقيقي انسان ٿيڻو پوندو تڏهن ئي اهو انسان اشرف المخلوقات جي دائري ۾ داخل ٿيندو۔ ان وضاحت کان پوء هاڻي اچون ٿا انسان جي حقيقي انسان هجڻ جي حقيقت جي طرف, انسان بنيادي طورتي ٻن شين جو مجموعو آهي 1) جسم 2) روح جيئن ته انسان جسم ۽ روح سان مرڪب آھي انهي ڪري ان جون ضرورتون به جسماني ۽ روحاني ٻنهي قسمن جون آھن ۽ انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاء انسانن جا عمل به مختلف ۽ جدا جدا هوندا آھن, انسان پنهنجن انهن ئي جسماني ۽ روحاني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاء عمل انجام ڏيندو آھي, ۽ انهي عملن جي ڪري انجي شرافت ۽ منزلت يا ذلالت ۽ ثفاقيت ظاهر ٿيندي آھي ٻين لفظن ۾ انسان پنهنجن اختياري عملن جي بنياد تي اشرف المخلوقات بڻجي ٿو يا وري جانور صفت يا ان کان به بدتر بڻجي ٿو! مٿئين وضاحت کان پوء ان ڳالھ جي وضاحت به ضروري آھي ته انسان۽ ذاتي لحاظ کان خراب نه هوندو آھي جهڙي طرح اڪثر ماڻهون اهو چوندا آهن ته فلان شخص خراب آهي, اها انسان جي ظاهري ڪيفيت هوندي آھي پر حقيقت ۾ انسان بنيادي لحاظ کان ڪڏهن به خراب نه هوندو آهي پر ان تي بدبختي ۽ برائي سوچ,عمل ۽ عادتن جي ڪري ظاهر ٿيندي آھي۔ ڇاڪاڻ ته انسان جي ڀلائي ۽ برائي جو دارومدر بنيادي طورتي ٽن شين تي آھي۔ 1) سوچ 2) عمل 3) عادت جيڪڏهن انسان انهن ٽنهي شين کي صحيح نموني سان استعمال ڪندو ته ڀلو ۽ نيڪ انسان بڻجندو جيڪو اشرف المخلوقات جي دائري ۾ ايندو, پر جيڪڏهن انهن ٽنهي شين جو غلط استعمال ڪندو ته خراب ۽ برو انسان بڻجندو جيڪو جانور صفت يا ان کان به بدتر هوندو۔ اها هڪ حقيقت آھي ته انسان جڏهن به ڪو ڪم ڪندو آهي ته سڀ کان اول سوچيندو آهي ان ۾ جڏهن انسان کي فائدو نظر ايندو آھي ته پوء ان سوچ ۽ خيال کي عمل جو لباس پارائيندو آھي ۽ جڏهن وري اهو عمل بار بار دهرائيندو آھي ته اهو ان انسان جي عادت بڻجي ويندي آھي۔ انهي لحاظ سان جڏهن اهو انسان مسلسل غلط ۽ بري سوچ رکندو آھي ۽ منفي سوچيندو رهندو آھي ته لڳاتار سوچڻ جي ڪري اها سوچ ۽ خيال عمل جي مرحلي ۾ اچي ويندي آھي ۽ جڏهن وري بار بار هڪ ئي عمل کي ڪندو آھي ته اهو عمل انجي عادت بڻجي ويندي آھي, هاڻي جيڪڏهن انسان جي سوچ خراب آ ته عمل خراب ٿيندو ۽ عمل خراب ٿيو ته انجي عادت خراب ٿيندي ۽ جڏهن ان جي عادت خراب ٿي ته انجو وجود انساني احساسات ۽ جذبات کان خاليڳ ٿي ويندو ۽ اهو پنهنجو وقار ۽ شرف وڃائي ويهندو ۽ اهو پنهنجي ارادي ۽ عمل سان برو انسان بڻجي ويندو۔ پر جيڪڏهن ڪنهن انسان جي سوچ مثبت ۽ ڀلي آھي ته ان جو عمل به نيڪ ۽ ڀلو ٿيندو ۽ باربار ان نيڪ عمل کي دهرائڻ سان انجون عادتون ڀليون ٿي وينديون جنهن سان هو پنهنجي اصل وقار,فضيلت ۽ شرف کي حاصل ڪري وٺندو۔ مٿئين وضاحت کان پوء اها ڳالھ بلڪل صاف ٿي وڃي ٿي ته انسان ذاتي ۽ بنيادي لحاظ کان خراب نه هوندو آهي, بلڪه انجي سوچ, عمل ۽ عادت خراب هوندي آھي جنهن سان انسان جي انسانيت داغدار ۽ خراب ٿئي ٿي۔ انهي جي لاء مان اوهان کي هڪ مثال ڏئي سمجهايان ته هڪ گلاس ۾ توهان شراب وجهو ۽ ٻئي ۾ کير! هاڻي توهان ٻڌايو ته هڪ گلاس صحيح ۽ ٻيو خراب ٿي سگهي ٿو؟؟؟ يقين توهان جو جواب نه ۾ هوندو ڇاڪاڻ ته ٻئي گلاس هڪجهڙا آهن فرق صرف اهو آهي ته هڪ گلاس ۾ خراب شئ آهي ۽ ٻئي گلاس ۾ سٺي شيء آهي, جڏهن ته گلاس بنيادي ۽ ذاتي لحاظ کان خراب نه آھي بلڪه انجي ظاهر کي خراب ڪرڻ واري شئ اها ئي آھي جيڪا ان ۾ اندر موجود آھي, بلڪل اهڙي صورتحال انسان جي به آھي ته سڀ انسان خلقت ۽ صلاحيتن جي لحاظ کان هڪجهڙا آھن بس جيڪڏهن فرق آھي ته اهو سوچ,عمل ۽ عادتن جي نيڪ ۽ بد جو آھي, جيڪڏهن انسان جي وجود ۾ سوچ,عمل ۽ عادت ۽ اخلاق ڀلو آهي ته اهو ئي انسان حقيقي انسان ۽ اشرف المخلوقات منجهان آھي پر جيڪڏهن انجي وجود ۾ سوچ,عمل, عادت ۽ اخلاق خراب آھي ته اهو انسان گندو بدبخت ۽ بيڪار ٿي وڃي ٿو جيڪو جانور صفت يا ان کان به بد تر ٿي وڃي ٿو, جهڙي طرح سان توهان گلاس مان شراب ٻاهر ڪڍندؤ ته اهو گلاس بري ۽ بد شئ کان آزاد ٿي ويندوپنهنجي اصل مقام تي اچي ويندو, بلڪل ائين ئي انسان جي وجود مان خراب ۽ گندي سوچ,عمل ۽ عادتون
نڪري وڃن ته هو به پنهنجي اصل شرافت واري مقام ۽ منزلت کي حاصل ڪري وٺند

Post a Comment

0 Comments