Recent-Post

غلاميء کان آزاديء تائين جو سفر


مان ھڪ رات ائين  ئي ويٺي ويٺي پنھنجي  پاڻ کان ھڪ
 سوال پڇيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان کي آزاد ٿئي ڪل ڪيترا سال گذري چڪا ھوندا؟  ان وقت مونکي واقعي پنھنجي ملڪ کي آزادي حاصل ڪئي ان جي گذري ويل سالن جي صحيح ۽ درست خبر نه ھوئي ته آخر اسان جي ملڪ پاڪستان کي آزاد ٿئي ڪيترا سال گذري چڪا آھن! ڀلا اھا خبر اسان کي آخر ھوندي به ڪيئن, ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏھن  ان طرف سنجيدگيء سان متوجه ٿيا ئي ڪونه آھيون ته اسان واقعي ڪنھن آزاد ملڪ جا آزاد رھاڪو به آھيون؟اسان آزاديء جي صحيح مطلب کي ڪڏھن سمجھيو ئي ڪونھي، اسان ڪڏھن آزاديء کي نزديگيء کان ويجھو ڏٺو ئي ڪو نه آھي، ان جي مٺاس کي صحيح طرح چکيو ئي نه آھي ۽ آزاديء جي ان سھڻي ۽ خوبصورت احساس کي پنھنجي وجود ۾ ڪڏھن  محسوس ڪيو ئي نه آھي ته آخر آزادي ٿيندي ڇا آھي؟ ڇا آزادي ان  کي چئبو آھي  جنھن ۾ اسان جي ملڪ جو ٻچو ٻچو ڪروڙھا روپين جو قرضي بڻجي وڃي ۽ ملڪ جو گذران دنيا جي مالدار ملڪن جي خيرات ۾ ڏنل ڊالرن تي ھلي، يا آزادي ان ڇڙواڳي ڏنل ڇوٽ کي چئبو آھي جتي جڏھن جنھن جي دل چاھي روڊن، رستن تي نڪري اچي ۽ ڌرڻا ھڻي انھن کي بند ڪرائي پنھنجا جائز طوڙي ناجائز مطالبا مڃرائي، يا ان کان به وڌيڪ آزادي ان شيء کي چئبو آھي جنھن جي ذريعي ھتان جو مالدار طبقو راتو رات امير کان اميرترين ٿيندو وڃي ۽ ويچاري غريب وٽ ھڪڙو ويلو به کائڻ لاء ڪجھ نه ھجي جيڪو پنھنجي پيٽ جي باھ اجھائڻ لاء ۽ پاڻ کي زنداه رکڻ لاء پنھنجن دل جي ٽڪڙن کي وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃي٠ اگر آزادي اھڙي ٿيندي آھي ته پوء مان اھو چوندي حق به جانب ھوندس ته اھڙي قسم جي آزايء کان اھا غلامي ھزار مرتبا بھتر آھي جيھن ۾ ڪنھن ماء کي پنھنجو دل جو ٽڪڙو چند روپين عيوض يا پنھنجي پيٽ پالڻ  خاطر وڪڻڻو نه پوي, اھا غلامي ان آزديء  کان ڪافي دفعا بھتر آ جنھن ۾ سڀ انساني حق صرف مالدار طبقي کي ئي حاصل ھجن ۽ غريب ۽ مزدور طبقي  کي ڪيڙو مڪوڙو سمجھي ان  کي گندگي جي ڍير تي اڇلي ان جي زندگي کي موت کان به وڌيڪ بدتر ڪري ڇڏي ڏنو وڃي٠ ان وقت مونکي اسان جي حاصل ڪيل آزادي جيڪا اسان ڪافي سارا سال پھريان ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي                
ان کان وڌيڪ مونکي انگريزن جي دور جي اھا غلامي بھتر لڳي جنھن ۾ اڄ جي موجودا دور جيتريون خرابيون ۽ ناانصافيون موجود نه ھيون٠ ھتي مان ان ڳالھ جو اظھار ضرور ڪندو ھلندس ته ڪا به باضمير قوم  ڪنھن ٻي قوم جي غلاميء ھيٺ زندگي گذارڻ کي پسند ناھي ڪندي ۽ ھر حال ۾ آزادي حاصل ڪري ھڪ عزت ڀري زندگي گذارڻ چاھيندي آھي ۽ اھا ھڪ مسلم حقيقت به آھي ته غلامي واري ذلت کان عزت جو موت بھتر ھوندو آھي٠ پر افسوس جنھن ماحول ۾  اڄ اسان زندگي گزاري رھيا آھيون ڇا ان کي ھڪ آزاديء وارو ماحول چئي سگھجي ٿو؟ پنھنجي دل تي ھٿ رکي سچائيء سان جواب ڏجو٠ 
ان وقت مونکي واقعي خبر نه ھئي ته پنھنجي ملڪ پاڪستان کي آزاد ٿئي ڪيترا سال گزري چڪا آھن پوء به مان اندازي طور 72 سال لکي ڇڏيا٠ پر مان جڏھن ان اندازي طور لکيل آزايء  جي 72 سالن ڏي ھڪ دفعو ٻيھر غور ڪيو ته منھنجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ مان رڙ ڪري ھڪ دفعو ٻيھر پاڻ کان حيرانگيء واري انداز مان پڇڻ لڳس ته ڇا واقعي اسان جي ملڪ پاڪستان کي 72 کان 75 سال آزاد ٿئي گزري چڪا آھن؟ اھو سوال پڇڻ کان فورن بعد منھنجي ذھن ۾ ھڪ ٻيو سوال اڀري آيو ته آزادي جي ان ايڏي  وڏي ساري سفر  ۾  اسان ڇا حاصل ڪيو آھي ۽ ڇا وڃايو؟ جنھن جو جواب مان نه ڏئي سگھيس ۽ جنھن جو جواب مان پنھنجن پڙھندڙن کان ضرور وٺڻ چاھيندس ته آخر اسان آزاديء جي ھنن 75 سالن ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ڇا وڃايو؟  
بھادر علي ابڙو
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1203759826441455&id=100004223465002

Post a Comment

0 Comments