Recent-Post

جاڳ اي مسلمان عورت جاڳ


تحرير: ام ايمان
مترجم: ام زھرا

اسان جي اقدار، اسلام ۽ تهذيب کي نقصان پهچائڻ جي پرائيويٽ ميڊيا چينلن قسم کائي رکي آھي
هڪ طرف  عورت کي مظلوم بڻائي ان سان همدردي جتائي پئي وڃي
ته ٻي طرف ان کي آزاد جيئڻ جا ٽوٽڪا سيکاريا پيا وڃن۔۔۔۔۔۔۔
ان کي اها ئي سوچ ڏني پئي وڃي ته هاڻ تون ڪنهن به قسم جي زيادتي کي برداش نه ڪر۔
 ۽ ان سوچ جي ڪري اڄ جي عورت صبر ، فرمانبرداري ۽ خاص ڪري شوهر جي حقن جي پاسداري وساري ويٺي آ........
خاندانن کي تباه ڪرڻ لاء شيطان جو اهوئي سب کان وڏو هتيار ۽ ان جي ڪاميابي آهي۔

ابليس پنهنجي تخت تي ويهي پنهنجن چيلن کي فساد پهيلائڻ  ماڻھن کي گمراه ڪڻ لاء  روزانو موڪليندو آھي پوء سب چيلا پنهنجي پنهنجي ڪمن کي انجام ڏيئڻ کان پوء ابليس کي ريپورٽ ڏيندا آھن سب جڏھن پنهنجا ڪارناما ٻڌائي بس ڪندا آھن ته ابليس سواء هڪ چيلي جي ڪنهن کي به اهميت ناهي ڏيندو۔۔۔۔

 ۽ اهو هڪ چيلو جڏھن ابليس کي ٻڌائيندو آ ته مان اڄ فلاڻي زال مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهي آيو آھيان ته ابليس کيس شاباشي ڏيندي چوندو آ ته اهو هئو ڪرڻ وارو ڪم جيڪو تون ڪري آيو آھين

انهن ڊرامن ۽ مارننگ شوز جي ذريعي پاڪستاني مسلمان عورتن تي ڏينهون ڏينهن وار ڪيا پيا وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ گهريلو ناچاڪيون، سس نهن ۾ جهيڙو ، نفرت ۽ طلاقون وڌڌيون پيون وڃن۔
اهي ٽي وي چينلز ڪاري جادو ۽ شيطان جي پوڄا کي مرڪزي اهميت ڏئي اڄ جي مسلمان عورت کي گمراه ڪن پيا، اهو ڪوئي اتفاق ناهي بلڪه الله ۽ اسلام کان پري ڪرڻ جي هڪ بيهودا ڪوشش آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 منهجون ڀينرون خاص ڪري پاڪستاني ڀينرون!!!
منهجي توهان سڀن کي گذارش آھي ته الله جو خوف پيدا ڪيو ۽ تقوا اختيار ڪيو پاڻ ۽ پنهنجن گهروارن کي جهنم جو کاڄ بڻجڻ کان بچايو۔ قرآن و سنت کي مضبوطيئ سان پڪڙيو ۽ پنهنجي آخرت سنواريو

Post a Comment

0 Comments