تحرير بهادر علي ابڙو
جھڙي طرح ھڪ بھترين ڪاريگر ڪنھن پٿر کي تراشي ان مان ھڪ خوبصورت مورتي ٺاھيندو آھي، جھڙي طرح ھڪ ڪمڀار مٽيء مان من موھيندڙ برتن ۽  خوبصورت رانديڪا ٺاھيندو آھي، جھڙي طرح ھڪ مصور مختلف رنگن کي ملائي پنھنجي فنپاري ذريعي ھڪ اعلآ ۽ بيمثال تصوير ٺاھيندو آھي، ٺيڪ اھڙي طرح ھڪ  سٺو ۽ بھترين استاد پنھنجي خداداد صلاحيتن ذريعي پنھنجن شاگرن جي زندگيء کي سنواري انھن جي وجود ۾ علم جي جوت جلائي انھن کي ڪاميابين جي بلندين تائين پھچائيندو آھي٠ جي ھا دوستو!  مان اڄ توھان کي ھڪ اھڙي ئي شاندار شخصيت جي مالڪ  پنھنجي بھترين استاد سر افتخار حسين ابڙو صاحب جن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائيندس جن پنھنجي سموري زندگي پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي نوجوانن جي خدمت ڪندي انھن جي زندگيء کي سنواريندي گذاري آھي٠ 
سائين افتخار حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جو ھڪ معروف ۽ مشھور استاد آھي جنھن پنھنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي پنھنجي علائقي جي نوجوانن جي زندگيء کي علم جي نور سان منور ڪندي انھن کي ھڪ ڪامياب انسان بڻائڻ ۾ ڪافي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي٠ 
 انھن جو جنم سن 01-04-1974  ضلعي شڪارپور جي ننڍڙي ڳوٺ شھيد پيرچنڊام ۾ ٿيو جيڪو ان وقت علمي توڙي شعوري لحاظ کان تمام گھڻو پٺتي پيل ھيو اھڙي پٺتي پيل ماحول ۾ اک کولڻ جي باوجود انھن ڪڏھن به ھمٿ نه ھاري ۽ ڏينھن رات محنت ڪري پنھنجي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو سفر شروع ڪيو٠ سائين افتخار حسين کي ننڍي ھوندي کان ئي پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھيو انھيء ڪري پنھنجي شروعاتي تعليم پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ پيرچنڊام جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ وڌيڪ پڙھڻ لاء ڊکڻ شھر جي ھاء اسڪول ۾ داخلا ورتائين جتان سٺن نمبرن ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري رتوديرو شھر جي ڊگري ڪاليج ۾ انٽر جي داخلا ورتائين جتان بعد ۾  انگريزي ادب ۾ ايم ٠اي ڪيائين٠ سائين افتخار کي ننڍپڻ کان ئي پڙھائڻ جو ڏاڍو شوق ھيو ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب سائين غلام شبير ابڙو جيڪو پاڻ خد ھڪ سٺو استاد ھيو جن جو خواب ھيو ته پنھنجي علائقي ۾ سندن ھڪ ذاتي اسڪول ھجي ھا جتي غريب ٻارن کي سٺي تعليم ڏئي انھن جي مستقبل کي سنواريو وڃي ھا ان ڪري پنھنجي والد صاحب جي انھيء خواب کي پورو ڪرڻ خاطر پاڻ پڙھائڻ جي شعبي کي چونڊيو٠ ان ڪري انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ وقت جڏھن سائين جن کي پاڪستان آرميء ۾ سيڪنڊ ليفٽننٽ ٿيڻ جي آڇ ڪئي ويئي ھئي ته پاڻ اھا آڇ اھو چئي ٺڪرائي ڇڏي ته مونکي پنھنجي والد صاحب جي خواب کي پورو ڪرڻو آھي ۽ پنھنجي علائقي جي نوجوانن کي جھالت جي اونڌاھين مان ڪڍي ڪري انھن کي علم جي نور جي طرف وٺي اچڻو آھي٠ انھيء مقصد کي مدي نظر رکندي انگريزي ادب ۾ ايم٠ اي ڪرڻ کان پوء  پاڻ J،S،T جي ٽيسٽ پاس ڪري گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول ڊکڻ ۾  انگريزي ادب جا استاد مقرر ٿيا ۽ ان جي ڪجھ ئي سالن بعد انھن پنھنجي والد صاحب جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪندي پنھنجي علائقي جي غريب ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ خاطر اقراء پبلڪ اسڪول ڊکڻ جو سنگ بنياد رکيو جيڪو اڄ ڪلھ اقراء گرامر اسڪول ڊکڻ جي نالي سان مشھور آھي  جنھن کي تقريبن اڄ ڏھ کان ٻارھن سال ٿي چڪا آھن، جنھن کي ھاڻي انھن جو ننڍو ڀاء سائين سرفراز حسين ابڙو سنڀالي رھيو آھي، جتان ڪيترائي نوجوان تعليم حاصل ڪري پنھنجي زندگي سنواري چڪا آھن٠ 
اھڙي طرح سر افتخار حسين پنھنجن تخليقي ۽ خداداد صلاحيتن کي استمال ڪندي علم جي اھڙي ته لاٽ ٻاري جو ان جي ذريعي نه فقط پنھنجي ڳوٺ پيرچنڊام ۾ پر ان جي آس پاس ۾ موجود جھالت جي پاڙ کي پڻ ھميشه ھميشه لاء پٽي ڇڏيو ۽ اتان جي نوجوانن جي زندگين کي علم جي نور سان اھڙي طرح ته منور ڪيو جو اڄ سائينء جن جا ڪيترائي شاگرد ملڪي توڙي غير ملڪي يونيورسٽين ۾ اعلا تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ۽ ان سان گڏو گڏ انھن جي سائي ھيٺ تربيت حاصل ڪري ويندڙ ڪيترائي نوجوان اڄ اسان جي ملڪ پاڪستان جي اعلا ادارن جي اعلا عھدن تي پھچي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي انھن جو نالو روشن ڪري رھيا آھن٠ 
انھيء ڪري اڄ اسان انھيء ڏاھي ۽ مھان استاد جي ڪيل بيلوس خدمتن تي سندس سلام پيش ڪريون ٿا ۽ ڌڻيء در دعاگو آھيون ته الله پاڪ سائينء جو شفقت ڀريو سايو اسان جي سرن تي  ھميشه قائم ۽ دائم رکي٠ آمين يا رب العالمين:

https://www.facebook.com/plugins/post.php?href=https%3A%2F%2Fwww.facebook.com%2Fbahadur.sajid.9%2Fposts%2F1205160766301361٠