ڪامياب شاگرد/طالبعلم جي
ڪاميابي جا راز
تحرير : مبين مطهري
منهنجي ۽ هر اُن فرد جي
اِها خواهش آھي جيڪو پنهنجي قوم سان تعلق رکي ٿو ۽ ان سان محبت ڪري ٿو ته اسان جي سنڌ
ڌرتي جا نوجوان اسٽوڊنٽس ۽ طالبعلم علم ۽ شعور
جي ميدان ۾ اڳتي اچن ته جيئن هو پنهنجي قوم جي ترقي جي لاء جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪري سگهن
۽ پنهنجي قوم کي زمين کان بلندي تائين پھچائن.
انهي جي لاء ضروري آھي ته
اسان جا نوجوان تعليم ۽ تربيت تي گهڻو ڌيان ڏين ۽ گڏوگڏ والدين ۽ استادن کي به گهرجي
ته اِن معاملي ۾ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪن ۽ اِن نيڪ ڪم ۾ اُنھن جو ساٿ ڏين ۽ انهن
جي شعوري سطح ۾ واڌاء جي لاء ڪوشش ڪن, ٻين لفظن ۾ انهن کي تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان
ايترو پختو ڪن جو اُهي پنهنجي سوچ کي عالمي سوچ تائين وسيع ڪن يعني هو انفرادي سوچ
کان بالاتر اجتمائي ۽ قومي سوچ جي لاء آماده ٿين, ۽ اِن سان گڏ انهن جي دلين ۾ انسان
ذات ۽ پنهنجي قوم جي درد ۽ تڙپ جي احساس کي بہ جاڳائن ته جيئن هو قابل ۽ لائق شاگردن
جيان علم حاصل ڪري هڪ اعلي منزل ۽ مقام تي پهچي انسانيت جي خدمت ڪن ۽ گڏو گڏ پنهنجي
قوم جي سربلندي جي لاء ڪوشش ۽ جدوجهد به ڪن۔
هر انسان جي اها خواهش هوندي
آھي ته هو ڪامياب ٿئي پر ان کي صحيح رستو نه ملڻ جي ڪري هو ناڪامي جي دلدل ۾ ڦاسي پوندو
آھي۔
انجي بر عڪس ڪامياب شاگرد
پنهنجي غير معمولي حڪمت عملي سان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو آھي,
سؤال اهو آھي ته ڪامياب
۽ لائق شاگرد اهو ڪهڙو فارمولو يا اهي ڪهڙا معيارات استعمال ڪندو آھي جنهن سان هو پنهنجي
منزل کي آساني سان حاصل ڪري وٺندو آھي
مان هن مختصر مضمون ۾ فقط
طريقيڪار لکندس ۽ 5 نڪاتي فارمولي جو مختصر خاڪو پيش ڪري اُن جي ٿوري ٿوري وضاحت ڪندس,
اِن سان گڏ مان نوجوانن
۽ شاگردن کي بہ گذارش ڪندس ته اِن فارمولي ۽ اصول تي ڌيان ڏين ۽ انکي پنهنجي زندگي
جو حصو بڻائن ته جيئن هو پنهنجي مقصد ۽ هدف کي جلدي حاصل ڪري وٺن۔
1) منزل ۽ مقصد جو طئه هجڻ:
ڪوئي به عمل يا ڪم جيڪڏهن
ڪير ڪندو آھي ته اُنجي پويان ڪوئي نه ڪوئي مقصد, هدف ۽ وجه ضرور هوندي آھي جيڪا اُن
جي آخري منزل هوندي آھي
اِن جي برعڪس جيڪڏهن ڪوئي
اهڙو ڪم يا عمل هجي جنهن جو ڪوئي هدف ڪوئي مقصد يا ڪوئي به purpose نه هجي ته انهي عمل کي اسان بيڪار چوندا
آھيون ڇاڪاڻ ته انهي عمل جي پويان ڪائي معقول وجه يا مقصد نه آھي,
انهي ڪري قابل شاگرد يا
طالبعلم سڀ کان پهريان علم حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجي دماغ”Mind“کي هڪ عظيم وجه ڏيندو آھي يعني سڀ کان
پهريان هو هڪ اعلي مقصد,هدف ۽منزل کي طئه ڪندو آھي ۽ اهو مقصد انفرادي يا معمولي به
نه هوندو آھي ته بس مان علم حاصل ڪيان تاڪه نوڪري ملي!!
نه نه بلڪل به نه
بلڪه انجي سوچ عالمي هوندي
آھي ۽ ان عالمي سوچ جي بنياد تي هو پنهنجي مقصد کي طئه ڪندو آھي ٻين لفظن ۾ تعليم حاصل
ڪندو آھي ته جيئن هو پنهنجي قابليت کي پنهنجي غير معمولي صلاحيت کي دنيا تي ظاهر ڪري
۽ جڏهن دنيا تي اهو ظاهر ٿي ويندو آھي ته ڪوئي قابل ۽ لائق فرد بہ ھن دنیا ۾ آھي ته
هي دنيا انجي قابليت ۽ صلاحيتن جي محتاج ٿي پوندي آھي ۽ پوء انجي پويان نوڪريون يا
مال ۽ دولت کڻي گهمندي آھي ته جيئن توهان جي قابليت کان ڪجھ ان کي فائدو حاصل ٿي سگهي,
انهي ڪري ڪنهن مها پرش چيو
آھي ته پنهنجي سوچ کي بلند رکو توهان دنيا ۾ عظيم ۽ بلند انسان بڻجي ويندؤ۔
2) مقصد ۽ هدف سان پيار ۽ عشق
هڪ ڪامياب طالبعلم نه فقط
پنهنجي منزل ۽ مقصد کي طئه ڪندو آھي پر انکي ان جيطئه ڪيل منزل ۽ مقصد سان بي انتها
محبت,لڳاء ۽ عشق به هوندو آھي انهي سان پيار به هوندو آهي ۽ انهي سان ان جي غير معمولي
انسيت هوندي آھي انهن ئي شين جو احساس شاگرد ۽ طالبعلم جي اندر ۾ منزل تائين پهچڻ جو
جنون ۽ تڙپ پيدا ڪندو آھي جنهن جي ڪري هو هر وقت پنهنجي مقصد تي نظر ڄمائيندو آھي ۽
جيئن جيئن پنهنجي منزل جي ويجهو پهچندو آھي اهو پنهنجي ڪاميابي”Success“
کان لطف اندوز ٿيندو آھي
۽ حقيقت به اها ئي آھي ته ڪاميابي جي لذت تمام لذتن کان وڌيڪ پر احساس,پر
معني ۽ پر ڪشش هوندي آھي۔
3) پنهنجي وجود ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ
انسان ۾ ڪنهن به اعلي هدف
۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاء انجي اندر ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ جي يا ڪنهن جي متعلق شوق پيدا
ڪرڻ جي لاء انکي هڪ تحريڪ (Motivation) جي ضرورت هوندي آھي جيڪا ڪڏهن والدين
ڏيندا آھن ته ڪڏهن استاد,دوست,رشتيردار,ماحول يا ڪڏهن وري ڪنهن جي ڪاميابي به انسان
کي Motivate ڪري
ڇڏيندي آھي جنهن کي اسان External Motivation چوندا آھيون جيڪا انتهائي مفيد هوندي
آھي پر انجي باوجود جو اها مفيد آ انجو اثر محدود ۽ سطحي هوندو آھي يعني اها ڪجھ ڪلاڪ
ڪجھ ڏينهن يا ڪجھ مهينن جي لاء باقي رهي سگهي ٿي انکان پوء جيئن ئي توجه هٽي انجو اثر
ختم ٿي ويندو آھي۔
پر هڪ ٻي
Motivation به آھي جنهن
کي اسان Internal Motivation چوندا آھيون انجي طاقت ۽ تاثير بي انتها آھي ۽ اها محدود به نه آھي ۽
نه وري انجو اثر ختم ٿيڻ وارو آھي ۽ اها ئي internal
Motivation آھي جيڪا شاگرد
۽ طالبعلم کي انجي منزل ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاء انجي اندر ۾ جذبو پيدا ڪندي آھي,
اها ئي داخلي ۽ اندروني
تحريڪ Internal Motivation آھي جيڪا هر وقت طالعلم جي وجود ۾ ولولو پيدا ڪندي آھي جنهن سان هو تمام
گهڻي محنت ۽ مشقت ڪندو آھي ته جيئن هو پنهنجي مقصد ۽ هدف کي جلدي حاصل ڪري وٺي بس شرط
اهو آھي ته طالبعلم پنهنجي منزل سان عشق ۽ انسيت رکندو هجي ۽ پنهنجي نظر هميشه ان منزل
تي رکي ۽ انکان بعد پنهنجي ڪاميابي جو سفر شدت سان شروع ڪري جيئن جيئن ننڍيون ننڍيون
ڪاميابيون ملنديون تيئن تيئن طالبعلم جي ارادي ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ ان ۾ وڌيڪ ڪوشش
۽ محنت ڪرڻ جي اندروني طاقت ۽ توانائي پيدا ٿيندي ويندي۔
3) ذميداري جو احساس ۽ منصوبه بندي ڪرڻ
ڪامياب شاگرد ۽ طالبعلم
جي هڪ ٻي خاصيت هوندي آھي ته هو جڏهن پنهنجي لاء هڪ منزل طئه ڪندو آھي ته انهي سان
گڏوگڏ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجي ذميداري کي به بهتر طريقي سان سمجهندو آھي ۽ ان
جو احساس پڻ رکندو آھي ته اها ذميداري ادا ڪيئن ڪرڻي آھي يا ان جي لاء ان کي ڪن ڪن
شين جي ضرورت آھي ۽ انجي لاء ڪهڙي قسم جي حڪمت عملي ۽ ”Planning“جي ضرورت آھي جنهن کان پوء هو آساني سان
پنهنجي ذميداري کي محسوس ڪري وٺندو آھي ۽ انهي احساس جي بنياد تي هو پنهنجي خود اعتمادي
کي بحال ڪندو به آھي۔
طالبعلم کي اها خبر هوندي
آھي ته منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاء ان کي مستقل مزاجي ۽ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت ڪرڻ جي
ضرورت آھي,
مثال طور هڪ شاگرد ۽ طالبعلم
کي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاء پنهنجو سڄو ڌيان پڙهائي تي ڏيڻو پوندو آھي انهي
کان علاوه جيڪو ان جي تعليم سان تعلق رکندڙ ذميداريون هونديون آھن انهن کي به ڀلي انداز
سان انجام ڏيندو آھي ۽ پوري سچائي,ايمانداري ۽ چاهت سان پڙھائي ڪندو آھي انهي کان علاوه
انتهائي ضروري عمل اهو ته هو هر ڏينهن پنهنجي علم ۽ قابليت کي وڌيڪ پختو ڪرڻ جي لاء
متعلقه سبجيڪٽ ۾ غور ۽ فڪر به ڪندو آھي جنهن سان متعلقه عنوان يا سبجيڪٽ جي پيچيده
پيچيده مسائل کي به ڀلي طرح سان حل ڪندو آھي ۽ انهي عمل جي تسلسل سان ۽ بار بار ڪرڻ
سان انجي علم ۽ قابليت ۾ غير معمولي اضافو
ٿيندو آھي۔
4) نگراني ۽ نظرثاني
مٿئين مرحلن سان گڏو گڏ
شاگرد هڪ ٻيو اهم ڪم هي ڪندو آھي ته هو جنهن منزل جي طرف ويندڙ رستي ۽
Direction تي هوندو آھي
ته انجو هو مسلسل نگران به هوندو آھي ڇاڪاڻ ته ڪافي افراد اهڙا به هوندا آھن جيڪي منزل
جي طرف صحيح رستي تي هلندا ته آھن پر ڪجھ وقت کان پوء هو ان رستي کان هٽي ويندا آھن
۽ انهن کي احساس به نه ٿيندو آھي ته هو پنهنجي صحيح رستي کان هٽي ويا آھن ان جي وجه
اها ئي آھي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجن ڪمن جي نگراني نه ڪندا آھن جنهن جي ڪري هو غلط رستي
جا مسافر بڻجي ويندا آھن ۽ آخر وڃي ان مقام ۽ جاء تي پهچندا آھن جيڪا انهن جي منزل
۽ مقصد کان ڪافي پري هوندي آھي
جڏهن ته هوشيار ۽ لائق طالبعلم
هر وقت پنهنجي اعلي هدف ۽ منزل کي نظر ۾ رکندي پنهنجو پاڻ تي نگران هوندو آھي ۽ هر
وقت پنهنجي ٺاهيل منصوبه بندي تي نظر ثاني ڪندو رهندو آھي ته جيئن وقت ۽ حالات جي لحاظ
کان ان ۾ رد و بدل به ڪري سگهجي يا ان منصوبه بندي جي تحت پنهنجو تعليمي سفر جاري رکي,
5) الله تي توڪل ۽ خوشنودئ خدا
هڪ ڪامياب طالبعلم مٿين
مرحلن سان گڏو گڏ الله تي بي انتها توڪل به رکندو آھي يعني مٿيان ڪاميابي جا مرحلا
طئه هجڻ سان بلڪل گڏو گڏ الله جي رضا ۽ خوشنودي کي به پنهنجو محور ۽ مرڪز سمجهندو آھي
يعني هو جيڪو ڪجھ به پڙھندو آھي اهو ان لاء
هوندو آھي ته جيئن هو ڪنهن بلند مقام تي پهچي ڪري انسان ذات جي ۽ خلق خدا جي خدمت ڪري
ته جيئن الله تبارڪ و تعالي ان کان راضي ٿئي۔
اهو هڪ اهڙو غير معمولي
خدائي احساس آھي جيڪو هڪ ڪامياب شاگرد پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪندو آھي ۽جڏهن هو ان احساس
کي پنهنجي وجود ۾ شامل ڪندو آھي ته خدا به انجي طرف متوجه ٿيندو آھي ڇو ته هاڻي هو
پنهنجي ذات لاء نه بلڪه خدا جي قربت جي لاء سڀ ڪجھ ڪري ٿو ته خدا وند قدوس به انهي
نيڪ ڪم ۾ انجي مدد ۽ نصرت ڪندو آھي,
قابل طالبعلم ان راز کي
سمجهي ويندو آھي ته مونکي ڪنهن نه ڪنهن وجود جو ساتھ گهرجي ٿو جيڪو هر وقت مونسان گڏ
هجي ۽ منهنجي مدد ۽ نصرت ڪري انهي ڪري هو تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان جيڪا به محنت ڪندو
آھي ان ۾ خدا جي ذات کي شامل ڪندو آھي جنهن سان هو پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو محسوس نه ڪندو
آھي بلڪه هر وقت خدا جي خوشنودي ۽ رضا جو احساس ان جي دل ۾ هوندو آھي ۽ هو هر عمل ڪوشش
ڪري خدا جي لاء ڪندو آھي,جنهن کان پوء شاگرد ۽ طالبعلم جو تعليم حاصل ڪرڻ به عبادت
بڻجي ويندو آھي پوء چاهي هو سائنس پڙھي آرٽ پڙھي يا دين!
انهي خدائي احساس سان شاگرد
۾ هڪ عجيب جذبو ۽ جنون پيدا ٿيندو آھي جيڪو ان کي ان جي منزل جي طرف انکي تيزي سان
سفر ڪرائيندو آھي ۽ پوء انکي دنيا جا نا مناسب رويه,ٺٺوليون,تنقيدون,۽ تهمتون به متاثر
نه ڪري سگهنديون آھن اهو اِن ڪري ته هو پنهنجي وجود کي خدا جي لاء ۽ خدا جي مخلوق جي
لاء مختص ڪري ڇڏيندو آھي ٻين لفظن ۾ هو هاڻي پنهنجي انفرادي ۽ ذاتي مفادات کي اجتمائي
۽ قومي مفادات تي قربان ڪري ڇڏيندو آھي
جنهن جو مطلب ته هو فقط
خدا جي قربت ۽ خدا جي خوشنودي سان جڙيل هوندو آھي انسان جي خدمت يا قوم جي خدمت به
الله جي قربت ۽ رضا جي لاء ڪندو آھي اهڙي طرح سان ڪامياب ۽ لائق شاگرد/طالبعلم علم
سان گڏوگڏ خدائي احساس به رکندو آھي جيڪو ان کي هڪ حقيقي انسان به بڻائيندو آھي۔
ممڪن آھي انکان وڌيڪ به
ڪاميابي جا ڪجھ ٻيا پهلو هجن پرجيتري تائين منهنجي تحقيق ۽ تجربو آھي اهو انهن مٿي
ڏنل نڪات تي مشتمل آھي جن کي مان ڪاميابي جون بنيادي چاٻيون سمجهندو آھيان۔
والسلام۔
https://web.facebook.com/photo.php?fbid=2154162184904377&set=a.1385956415058295&type=3&eid=ARCWbl02ZC6tAWGaju-6hr9m4sujjQyLZYSyRfpg8rCQ3ze_SLkw5-OvDBF_U6ZMDWTIVv06rVoJ9Roq

0 Comments