تحرير: بھادر علي ابڙو
اسان جو
ملڪ پاڪستان جيڪو زميني لحاظ کان چئن کان پنجن صوبن تي مشتعمل آھي جن ۾ سنڌ،
پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوان ۽ گلگت بلتستان شامل آھن جنھن جي ھر صوبي ۾ سياسي
توڙي سماجي، مذھبي توڙي معاشرتي سوين ھزارين مسئلا آھن جن کي آسانيء سان بيان نه ٿو
ڪري سگھجي٠ پر انھن سڀني مسئلن مان سڀ کان اھم ۽ بنيادي مسئلو جيڪو انھن سڀني
مسئلن جي جڙ آھي اھو آھي اسان جي ملڪ ۾ ھڪ سچي، مخلص ۽ ذھين سياسي ليڊرشپ جو فقدان
جيڪو ملڪ کي اندروني توڙي بيروني بھرانن مان ڪڍي ان کي ترقيء ۽ خوشحاليء جي راھ تي
آڻي سگھي٠ ھن وقت اسان جي ملڪ ۾ جيڪي سياسي پارٽيون موجود آھن جن ۾ پھرين نمبر تي
شايد پاڪستان تحريڪ انصاف (PTI) ٻئي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي
(PPP) ٽئين نمبر تي
مسلم ليگ ن (MLN) ۽ باقي ٻيون ننڍيون وڏيون
سوين پارٽيون شامل آھن جن جي سياست جو اصل محور ۽ مرڪز فقط انھن جي پنھنجي پارٽي
ئي رھي آھي تنھنڪري ھنن ڪڏھن پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ڀلائي ۽ بھتريء لاء سياست ڪئي
ئي ناھي٠ انھن جي سياست صرف پنھنجي پارٽيء تائين ئي محدود ھوندي آھي، ھنن جي نظر ۾
پورو پاڪستان فقط انھن جي پنھنجي پارٽي ورڪرن تائين ئي محدود آھي جن کي خوشحال ڪري
۽ سھولتون ڏئي ھو سمجھندا آھن ته ھو ڄڻ پوري ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري رھيا آھن پر
حقيقت ۾ ھنن جي سياست ملڪ جي خوشحاليء لاء نه پر پنھنجن ذاتي مفادن لاء ھوندي آھي ۽
اھو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿي رھيو آھي جو پوري ملڪ جي سياسي پارٽين ۾ موجود سياستدانن جو
اصل بڻ نڻياد انھن جي پنھنجن قومن جي سرداري, وڏيرائپ، جاگيداري ۽ چوڌرائپ تي ٻڌل
آھي ھو ڪي پيدائشي سياسي ليڊر يا اڳواڻ ڪو نه آھن جو پنھنجي ليڊرشپ جي صلاحيتن کي
ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ بھتريء لاء استمال ڪن٠ بنيادي طور ھنن جو جنم ھڪ جاگيداراڻي
گھر ۾ ٿيو آھي تنھنڪري ان ئي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري ھو پوري طرح سرداري، جاگيداري
۽ وڏيرائپ جو اثر حاصل ڪري ان ئي ذھنيت جا مالڪ بڻجي جاگيداراڻي سياست ڪندي نه فقط
ملڪ ۽ قوم کي نقصان پھچائي رھيا آھن پر ان کي تباھيء جي ڪنڌيء تي پھچائي چڪا آھن٠
تنھنڪري اڄ مونکي اھو چوندي ڏاڍو افسوس ٿي رھيو آھي ته اسان جي ملڪ جو سمورو سياسي
۽ سماجي نظام ھڪ سرداري ۽ قبائلي نظام جي ماتحت ھلي رھيو آھي ھن وقت اسان جو ملڪ ھڪ
جمھوري ملڪ نه پر ڪجھ جاگردارن جي جاگير محسوس ٿي رھي آھي جنھن ۾ چند خاندان ان
جاگير مٿان حڪمراني ڪري رھيا آھن٠ جڏھن اڄ اسان پوري ملڪ جي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسو
ٿا ته ھر طرف اسان کي وڏيرا، سردار، چوڌري، ملڪ، پير مير شاھوڪار، سيد ۽ شاھ سياسي
توڙي سماجي اڳواڻ طور ڏسڻ ۾ نظر اچن جيڪي پنھنجن قومن ۽ قبيلن کان پنھنجي سرداري ۽
وڏيرائپ جي بنياد تي زوري، زبردستي ۽ ڏنڍي جي زور تي ووٽ وٺي اسمبلين تائين پھچن ٿا
۽ بعد ۾ انھن ئي ماڻھن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري انھن جي زندگين کي موت کان وڌيڪ بدتر ڪري ڇڏين
ٿا٠ حقيقت ۾ اسان جي ملڪ جو سمورو سياسي نظام ڪنھن ناٽڪ رنگ کان گھٽ نه آھي جنھن ۾
ملڪ جا ٽاپ جا مداري ۽ مشڪرا شامل آھن جيڪي غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاء عجيب و
غريب حرڪتون ڪري عوام کي پيا کلائيندا ۽ ان کي بيوقوف بڻائيندا ۽ ٻي طرف وري ھتان
جو عوام به انھن مدارين جي اھڙين حرڪتن تي تماشائي بڻجي انھن جي حوصلا افذائي ڪندو
آھي٠ جنھن ملڪ جا اڳواڻ مداري ۽ مشڪرا ھجن ۽ عوام وري تماشائي ھجي ته پوء اھڙي ملڪ
جو آخر ڇا ٿيندو؟ ٻي طرف اسان جو ملڪ پاڪستان حقيقت ۾ زميني, آبي ۽ قدرتي وسيلن جي
حوالي سان نھايت ئي مالا مال آھي جيڪو پنھنجي بھترين آبي نظام جي ذريعي پوري ملڪ
کي سرسبز ۽ شاد باد رکيو اچي ٿو ۽ ھتان جو غريب عوام نھايت ئي محنتي ۽ جاکوڙيندڙ آھي
جيڪو ڏينھن رات محنت ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقيء ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو, پر افسوس جو
اسان جي ملڪ جا سياسي ليڊر غريب عوام جي محنت سان ڪمايل پئيسي جي ڪرپشن ڪري ان کي
پنھنجي عياشي لاء استعمال ڪري ملڪ کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري رھيا آھن

0 Comments