Recent-Post

چٻرو يا اُلو


ليکڪ:  مير الطاف حسين ٽالپر
چٻرو يا اُلو مغربي تهذيب ۾ سڀاڳ  عقل ۽ دانش جي نشاني سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي برعڪس مشرقي تهذيب ۾ نحوست جي نشاني تصور ٿيندو آهي. ڪجھ به هجي مگر فطرت جي هيء تخليق ڌرتي جي نظام زندگي جو حصو آهي. هن جو وجود بہ ڌرتي تي ايتري ئي اهميت رکي ٿو جيتري انساني وجود. هي ڪمزور ۽ خاموش جيوت انسان تي ڪنهن بہ قسم جو ٻوجھ يا بار بہ ڪونهي. نہ ئي هي انسان کي ڪو نقصان ئي پهچائين ٿا نہ ئي انسانن سان جهڳڙو ڪن نہ جنگ. پر پوء بہ بغير ڪنهن سبب جي هنن معصوم پکين کي ماري سندن نسل ڪشي جا مجرم ۽ خدا جي نظر ۾ گنهگار ۽ فسادي بنجڻ کان نٿا مڙئون.
چٻري جو هي ناياب نسل آ جيڪو هاڻي سنڌ ۾ معدوميت جي خطري ۾ آهي. هن بي ضرر پکي جي نسل ڪشي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار اسان جي دقيانوسي جاهلانہ رسمون رواج ۽ عقيدا آهن جن تعويذن، ڳنڍن، ڦيڻن، جادو ڪهڙن مڪروه ڪاروبارن کي انتهائي منافع بخش بنائي ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙي ڪاروبار سان منسلڪ مڪروه ۽ لعنتي انسان اسان جي معاشري ۾ قابل احترام عامل ڪامل، بزرگ پير عالم ۽ مرشد توڙي حاذق حڪيم ليکيا ٿا وڃن. انهن جي ٺٺ ٺانگر ۽ اڻ ميي مال و دولت کان متاثر ٿي ڪيترا ئي جوان بہ ٻيون مثبت سرگرميون ترڪ ڪري ان ڌنڌي ڏانهن راغب ٿي پون ٿا.
هي ناياب پکي سال کن اڳ اسان جي شهر صوڀوديرو ۾ پڪڙيو ويو هو. اسان جي پياري ساٿي نوجوان فنڪار ۽ صحافي فقير لياقت علي لاڙڪ هن معصوم پکي کي شڪارين جي چنبي مان ڇڏائڻ جي پنهنجي وت ۽ وس آهر گهڻي ڪوشش ڪئي هئي مگر کيس رڳو هن ناياب پکي سان تصوير ڪڍڻ جي ئي اجازت ملي سگهي ۽ ڦاسائيندڙ شڪارين هن کي ڳوٺ جي هڪڙي اهڙي ئي حرامخور مڪروه مشهور و معروف تعويذ ڪندڙ عامل کي چند هزار رپين عيوض وڪڻي ڇڏيو جنهن هن مسڪين پکي جي رت، گوشت، هڏن، کنڀن مان سوين عقل جي انڌن جاهلن کان عمليات ۽ ڳنڍن تعويذن عيوض لکين روپيا ڪمايا.
هاڻي وري اطلاع آهن تہ ان جنس جي پکين کي صوڀوديرو ۾ ڏٺو ويو آهي. مان سڀني دوستن ۽ نوجوانن کي هٿ ٻڌي وينتي ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي هن بي زبان معصوم ناياب نسل جي پکي جو نسل بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ پنهنجي شهر ۾ موجود منحوس عاملن جي سرگرمين جي حوصلہ شڪني ڪرڻ ۾ بھادري ۽ همٿ سان ڪردار ادا ڪن.
https://web.facebook.com/talpuraltaf/posts/10210521904563490

Post a Comment

0 Comments