تحرير: بھادر علي ابڙو
جڏھن انسان پنھنجي انسانيت
کان ڪري حيوان ٿي ويندو آھي تڏھن ھڪ فرد نه پر پورو معاشرو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو
آھي٠ اڄ ڪلھ اسان سڀ ھڪ اھڙي ئي انساني قدرن کان تمام گھڻو پري پيل معاشري ۾ زندگي
گذاري رھيا آھيون جيڪو انسانيت کان سوين، ھزارين درجا ھيٺ ڪري درندگيء جو روپ ڌاري
چڪو آھي جتي انسان ڪشيء جو ڪروبار نھايت ئي منافع بخش بڻجي چڪو آھي ۽ ھر طرف
انساني قتل گاھ جا اڏا کلي ويا آھن٠ اڄ جي ھن انساني معاشر ۾ جسم ته زنده آھن پر
انھن جا روح مردا ٿي چڪا آھن جن وٽ نه انساني احساس آھي ۽ نه ئي وري انساني ھمدردي
ڄڻ ته ھو ڪي گھمندڙ فرندڙ لاش ھجن جن پنھنجي روحن کي مڻ مٽيء ھيٺان دفن ڪري ڇڏيو ھجي
جن جي ڪنن تائين مجبورن ۽ مظلومن جي آھ و بقا جو آواز به نه پھچندو ھجي٠ اڄ جي
موجودا دور جو انسان پئسي ۽ طاقت جي نشي ۾ ايترو ته غرق ٿي چڪو آھي جو ھن کي انسان
مان جانور ٿيڻ ۾ ڪا به دير نه ٿي لڳي ۽ جانور ٿيڻ کان پوء ھو پوري انسانيت ۽
انساني معاشري لاء ھڪ خطرناڪ وبا بڻجي پنھنجي سفاڪ فطرت ذريعي ان مٿان ظلمن جا پھاڙ
ڪيرائڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏيندو ھجي، اڄ اسان جو معاشرو اھڙن انسان نما حيوانن ۽
درندن سان ڀريو پيو آھي جيڪي چند رپين خاطر انساني گوشت جو واپار ڪري پنھنجي لاء
محلات ٺھرائي ان ۾ عياشي واري زندگي گذاري رھيا آھن اھڙن درندا صفت انسانن کي پراڻي
۽ قديم زبان ۾ انسانيت جو ھمدرد يعني طبيب چيو ويندو ھو ۽ اڄ جي نئي ۽ جديد زبان ۾
سفيد پوش ڪاسائي يعني ڊاڪٽر چيو ويندو آھي جن جي فرعوني محلات جو سنگ بنياد اصل ۾
غريبن ۽ مظلومن جي رت سان ڀنل گاري سان رکيو ويندو آھي جڏھن ته انھن سفيد پوش ڪاسائين
جو اصل فرض ته اھو ھئڻ گھرجي ھا ته ھو خدمت خلق جي جذبي تحت غريب ۽ مجبور انسانن
جي مدد ڪندي انھن جي دردن ۽ تڪليفن کي دور ڪري انھن کي ھڪ صحتمند زندگي عطا ڪن ھا٠
پر افسوس! جو اڄ جا ھي سفيد پوش ڪاسائي ڊاڪٽر خدمت خلق جي ان جذبي کي وساري صرف
خدمت نفس جي نظرئي تي ھلندي ۽ پئسي جا پوجاري بڻجي غريب، مجبور ۽ لاچار انسانن سان
ظلم ڪندي انھن کان ڳريون فيسون اوڳاڙي ۽ نقلي دوائون ھلائي سندن زندگين سان موت جي
راند کيڏي رھيا آھن ۽ ٻي طرف وري ھتان جي ميڊيڪل اسٽور جا مالڪ جيڪي ٻئي نمبر جون
نقلي دوائون ھلائي انسانيت تي راتاھا ھڻي رھيا آھن جن وٽ دوائون رکڻ جون ڪي خاص ۽
مڪمل سھولتون به مھيسر ڪونه آھن جن زريعي دوائن کي محفوظ رکيو وڃي٠ ڇا توهان کي
خبر آھي ته دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني جي طرفان دوا جي بوتل يا دٻي تي ڪي خاص هدايتون
درج هونديون آھن جن کي دوا استعمال ڪرڻ کان پهريون ضرور پڙھڻ گهرجي انهن هدايتن
مان هڪ اهم هدايت اها هوندي آھي ته دوا کي 15 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي تي رکيو
وڃي ان جو مطلب اهو ٿيو ته اگر دوا کي 30 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي تي رکيو ويو ته
اُ ها دوا پنهنجو اثر وڃائي ويهندي ۽ مريض کي شفا ڏيڻ بجاء ان کي موت جي ويجھو آڻي
ڇڏيندي اوهان کي اهو ڄاڻي اڃان به وڌيڪ حيراني ٿيندي ته اسان وٽ گرمين جا تقريبًا
6 مهينا ھوندا آھن جن ۾ اسان جي ڪمرن جو ٽيمپريچر 35 کان 40 ڊگري تائين رهندو آھي
جنھن جي باوجود اسان جي ملڪ جي %99 سيڪڙو ميڊيڪل
اسٽورن ۾ AC لڳل ڪو نه ھوندي
آھي ۽ انهن جي ڪٻٽ ۾ رکيل دوا 40 ڊگري کان مٿي واري روم ٽيمپريچر تي پيل ھوندي آھي
۽ فارميسيئ جي اصول موجب اهڙي دوا جي Efficacy زيرو هوندي ۽
اهڙي دوا کي مدي خارج يعني Expire سمجهيو ويندو
آھي ڇاڪاڻ ته ان دوا کي پنهنجو مقرر ڪردا ٽيمپريچر نه ملڻ ڪري پنھنجي شيلف لائيف
به پوري ناھي ڪري سگهندي ان ڪري اھڙي قسم جي مدي خارج دوا کي وڪرو ڪري غريب ۽
مجبور عوام سان ظلم ڪيو ويندو آھي٠ پر افسوس! جو اسان وٽ نه قانون آھي نه شعور ۽
نه وري احساس پر ائين کڻي چئجي ته اسان وٽ انسانيت ئي ناهي جو اھڙن پئسي جي
پوجارين ۽ لالچي صفت انسانن کي انسانيت سان کلوار ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏيئي
ڪري غريب ۽ مظلوم عوام جي زندگين کي موت کان بچايو وڃي٠

0 Comments