Recent-Post

ھڪ ننڍي ڳوٺ جو وڏو ماڻھو پروفيسر خليلي



ھڪ ننڍي ڳوٺ جو وڏو ماڻھو پروفيسر خليلي
مسرورسيال
قبله پروفيسر امداد علي خليلي صاحب مرحوم جي جنازي ۽ تدفين وقت شامل ٿيڻ جي توفيق ٿي خليلي صاحب جي جنازي نماز توڙي جنازي جي جلوس کي ڏٺو ته پڪ ٿي ته قبله جي محنت ۽ محبتن جا ڏيئا روشن آھن . قمبر شھدادڪوٽ روڊ سان سرڪار حاڪم علي شاهه پٽ واري جي مزار کان ڪجھ مفاصلي تي ڪنڊي ڳوٺ ۾ جيڪو خليلي صاحب جو اباڻو ڳوٺ آھي ھڪ ننڍو ڳوٺ سوبہ ڪچن ۽ ڪکاون گھرن وارو ڳوٺ آھي اتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏھن ته تدفين حاڪم شاھ پل واري مسجد جي احاطي ۾ ڪئي وئي آھي جيڪا سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن جو مثال آھي علائقي۾ سندس ديني ، علمي سماجي خدمتون لڪيل ناھن ھو عام رواجي مذھبي ماڻھن جيان نه ھو پر ھڪ اھڙو ديندار ھو جيڪو سماجي خدمتن تي يقين رکندڙ ھو . اھوئي سبب ھو جو ھر مڪتب فڪر وارو ھن جو احترام ڪندو ھو ان جو مثال سندس جنازي نماز۾ به نظر آيو جنھن ۾ شيعه مڪتب فڪر کانسواءِ ٻين مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ موجود ھئا ۽ ائين ھنجون ھاري رھيا ھئا جئين پنھنجا ڪنھن پنھنجي پياري تي ھنجو ھاريندا آھن خير اھلبيت عليھم السلام جو پوئلڳ ئي فقير صفت ھجن ٿا جيڪي ھر ھڪ کي عزت ، احترام ، محبت ڏيندڙ ھونداآھن ھر ماڻھو ھن کي پنھنجو چوڻ تي فخر محسوس ڪندو آهي بلڪل ائين اڄ ان جو مشاھدو ٿيو ته محبت ، عزت ، احترام ۽ پنھنجائيپ واري سوچ ۽ عمل جي موٽ ڪئين ملندي آھي جڏھن ھو اڪيلو ھو ۽ ھڪ اھڙي سفر جو راھي ھو جتان سندس واپسي ممڪن نه آھي ان وقت ھزارين ماڻھو کيس پنھنجو سمجھي رھيا ھئا ۽ لڙڪ لاري رهيا ھئا ، ان وقت مون ان ڳوٺ کي ڏٺو خليلي صاحب جي ميت کي ڏٺو ۽ وري سندس جنازي ۾ شامل ھزارين ماڻھن کي ڏٺو تڏھن اھو چوڻ تي مجبور ٿيس ته ننڍي ڳوٺ جو وڏو ماڻھو خليلي ..... خليلي صاحب پنھنجو آخري سفر به مانائتي انداز سان ڪري رھيو آھي ، شايد اھو ئي سبب آهي ته ھن جي چھري ۾ ڪو به موت جو خوف نه ھو نه ئي ڪا پشيماني پر اطمينان سڪون ھو ۽ لبن تي مسڪراهٽ ھئي .... ھا بلڪل ائين جئين ڪو انسان وڏي محنت کان پوءِ منزل ماڻيندو آهي يا مؤمن پنھنجين دعائن جي قبوليت ۽ مولا جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ اطمينان ، سڪون حاصل ڪندو آھي سو ان م ڪوبه شڪ ناھي ته خليلي صاحب جو مسڪرائيندڙ چھرو منزل حاصل ڪرڻ ۽ مولا جو ديدار پسڻ جي ئي عڪاسي ڪري رھيو ھو الله عزوجل کان دعا آھي ته مرحوم خليلي صاحب جي مغفرت فرمائي ، جنت الفردوس ۾ اعلي درجو ۽ معصومين عليهم السلام جي ڪچھري نصيب فرمائي پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي .. آمين

Post a Comment

0 Comments