ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دؤر ۾ ڪمپيوٽر انسان جي زندگيءَ ۾ انيڪ قسم جون
سهولتون پيدا ڪرڻ سان گڏ بي پناه آسائشن سان پڻ نوازيو آهي. دنيا جي لازوال ترقي جي حيرت انگيز تخليق کي ڏسي
ڏندن ۾ آڱريون اچي وڃن ٿيون، بلند عمارتون هجن يا وري هزارين ماڻهن جو انت آڻڻ
وارا نيو ڪليئر بم، روبوٽ سسٽم هجي يا ڊرون جي ايجاد، بُليٽ ٽرينون هجن يا سيٽ
لائيٽڪ ٽيڪنالاجي اهي سڀ انساني دماغ جي ذهانت جا اعلٰي شهڪارن ۾ نمايان آهن.
مضر جي احرامن ۾ استعمال ٿيل پٿر به انساني جسم جي طاقت جي ڪاريگريءَ ۾ ڪنهن مثال کان گهٽ ناهن، ايتري وڏي اوچائي تي
پٿر پهچائڻ سان گڏوگڏ انهن کان تخليق جي نُمايان انداز ۾ لڳائڻ به انساني تهذيب جي
بهترين نمونن ۾ شامل آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اڄ اهو سڀ ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. اڄ کان
پنج هزار سال پهرين موئن جي دڙي جا ماڻهو تمام گهڻا شاهوڪار هوندا هئا، سندس واپار
۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته ايتري وڏي تهذيب، تمدن ۽
ثقافت جا مالڪ اڄ پنهنجي ٻولي سان گڏ علمي وراثت جي سٺي نموني مالڪي نه ڪري سگهيا
آهن.
پراڻي وقت ۾ پيغام ۽ نياپي پهچائڻ جو سلسلو قاصد جي حوالي ڪيو ويندو هو، قاصد
ڏينهن جا ڏينهن سفر ڪري ڄاڻايل جڳهه ته پهچي پنهنجو پيغام ڏئي ايندا هئا. پوءِ
ٽپال جو نظام آيو، جيڪو ان وقت جي جدت کي ظاهر ڪري پيو، بعد ۾ ڪوريئر سروسز آيون.
ويهين صديءَ جي پڄاڻي تائين موبائيل نيٽورڪ جي گونج دنيا جي گلوبل وليج پئجي چڪي
هئي. پاڪستان ۾ ايڪهين صديءَ جي شروعات ۾
ئي موبائيل نيٽورڪ جي ڌوم مچي چڪي هئي، ٽيليفون ۾ نواڻ جو سلسلو اچي موبائيل نيٽ
ورڪ تي به نه رُڪيو، جنهن انسان جي زندگي ۾ سهولت سميت کي انساني زندگيءَ کي درهم
برهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انسان جي دماغ مفلوج ڪرڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي آهي. قاصد وارو ڪم
ختم ٿي ويو، ڪبوتر ذريعي نياپو پهچائڻ وارو پراڻو طريقيڪار پنهنجي پڄاڻي تي پهتو،
ماڻهوءَ جي پنهنجي رازداري به موبائل اندر محفوظ ٿيڻ لڳي جيڪا پهرين قاصد ذريعي
ظاهر ٿي ويندي هئي. انسان جي زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪندڙ ٽيڪنالاجيءَ، دنيا جي
گلوبل وليج ۾ سهولت جي نه کٽندڙ سلسلي جي پيئماني کي لازوال ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي
هر زاوئي سان مشاهدو ڪري سگهجي ٿو، پر ان جدت انسان جي فڪر، سوچ، عمل سان گڏوگڏ
ثقافت، تمدُن، تهذيب ۽ انساني ميل ميلاپ واري تسلسل کي پيٽ ۾ زهريلوخنجر هنيو آهي.
مثال طور، ڪجهه سال پهرين چوڪيداري نظام هوندو هو، جنهن کي سڪيورٽي سسٽم جي صورت ۾
ختم ڪيو ويو، اڄ نوجوانن جي نه ختم ٿيندڙ فون جي گفتار سڪيورٽي وارن لاءِ پڻ آساني
پيدا ڪئي آهي، هڪ اندازي مطابق نوجوانن جو رات ۾ جاڳڻ جو اهم سبب جانو مانو وارو
آهي ان کان علاوه سستي، واندڪائي، پڙهائي ۾ ڪا دلچسپي نه هجڻ، انٽرنيٽ تي وقت ضايع
ڪري پان کي انٽرٽين ڪرڻ نوجوانن جي رات جي جاڳڻ جا مکيه سبب آهن. انهن سڀني ۾
موبائيل فون جو اهم ڪردار آهي. اجڪلهه جي سوشل ميڊيا جي فري هجڻ ڪري ڪافي شين ۾
بگاڙ آيو آهي. هڪ تحقيق مطابق، موبائيل فون ما نڪرندڙ شعاع انسان جي جسم ۾ اندر
ڪينسر سميت موذي مرضن کي پڻ جنم ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه موبائيل نيٽ ورڪ جا
شعاع پڻ خطرناڪ ثابت ٿيا آهن.
اوطاق واري نظام کي پڻ پنهنجي منزل مقصود تي پهچايو ويو آهي، پراڻي وقت ۾
نوجوانن لاءِ اوطاق هڪ قسم جو سکيا مرڪز هوندو هو، موبائيل فون جي اچڻ سبب اوطاق
بيٺڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪا صرف وندر، حوال پروگرام لاءِ استعمال ٿئي ٿي. موبائيل
جي ذريعي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي، هر روز جو ظلم، ڏاڍ ۽ جبر کي
ڏسي ڏسي انسان جي حواسن ۾ انسانيت جو تحرڪ
حالتِ سڪون ايندو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. شو آف جي ٽرينڊ کي
موبائيل فون سميت ٽيڪنالجيءَ جي ٻين آلا ڪارن وسيلي نوجوانن ۾ مايوسي، احساس
محرومي کي پڻ وڌايو رهيو آهي.
موبائيل نيٽورڪس جي ڀيڙمار لڳي پئي آهي ته جيئن نه تيئن ڪسٽمرز وڌايا وڃن ان
ڏَس ۾ موبائيل ڪمپنيز فرنچائيز سميت، ننڍن وڏن دڪاندارن کي مختلف هربا استعمال ڪري
بليڪ ميل ڪري رهيا آهن جنهن جو اڳي پوءِ نزلو عوام ٿو برداش ڪري، ڪو دور
هوندو هو جو سِم ڪارڊ وڌيڪ مهانگو هوندو هو، اڄ فري ۾ به منٿون پيا ڪن. گلوبل وليج
جي ربط جي رابطي ۾ رهڻ لاءِ ضروري آهي ته انٽر نيٽ پئيڪيج هجن، ڳريون ڳريون رقمن
وارن انٽرنيٽ پئيڪيجن ماڻهن کي انٽرنيٽ جو مستقل عادي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن واٽس
ايپ فري آهي ته ڪڏهن وِنگل فري آف ڪاسٽ ڏين پيا، زونگ نيٽ ورڪ وارا هر روز جو
ڪسٽمرز سان مذاق ڪري مزو ماڻيندا آهن، جيڪو به بيلنس هجي ڪيڏانهن ويندو ڪسٽمرز کي ڪا
خبر نه پوندي آهي. هڪ دڪاندار نالونه ٻڌائڻ شرط ٻڌايو ته موبيلنڪ وارن آگسٽ ۾
انٽرنيٽ جي لاءِ وِنگل پئيڪيج ڏنو هو جيڪو ڪمپني کي فائدي پهچندي ئي بند ڪيو ويو
هو پر ڪسٽمرز ۽ دڪاندارن کي وائيٽ واش ڪيوويو. ٽيلينار وارا به ڪنهن کان گهٽ ناهن
انهن جيڪي عوام کي پڳون ٻڌايون آهن سي ٽيلينارز ڪسٽمرز کي خبر آهي. يوفون سهولت جي
نالي تي عوام کان ايڪسٽرا چارج ڪري رهي آهي. چائنه ڪمپني وارن ته انٽرنيٽ جي نالي
پنهنجي ڪسٽمرز کي اُلو بڻائي ڇڏيو آهي. انهن سستن پئيڪيجن عوام کي رات جو چوڪيدار
کان وڏيڪ چست بڻائي ڇڏيو آهي. ڀڄي شاديون ڪرڻ ۾ پڻ موبائيل فون جو وڏو هٿ آهي.
اجڪلهه ته موبائيل تي ئي نڪاح پڙهيو وڃي ٿو. اوطاقون آهن ڪونه، پر جي هونديون سي
به ويران، نوجوان پنهنجي منهن سان وڏا پنهنجي منهن سان، نئون نسل تباهي طرف تيزيءَ
سان وڌي رهيو آهي. اسان جي ثقافت، تمدن ۽ تهذيب کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. موبائيل فون جي ڪري والدين جا پنهنجي اولاد تي
ڪهڙا اثر پون پيا ان سان پوري انٽرنيٽ سميت مارڪيٽ ڪتابن جي ڪَمي ناهي.
نيٽ ورڪس جي ڪوالٽي کي نظر هيٺ رکيو وڃي نظرثاني ڪري ديرپا پاليسيز ٺاهيون وڃن
جنهن سان عام ماڻهوءَ کي رليف ملي سگهي. موبائيل نيٽ ورڪس جي عذاب عوام جي زندگيون
يرغمال ڪري ڇڏيون آهن. حڪومت ۽ پي ٽي اي کي گهرجي ته ڪي موثر پاليسيز جوڙي ته جيئن
عوام کي وڏي پيئماني ٿيندڙ تباهي کان بچائي سگهجي.

0 Comments