Recent-Post

تعليمي جاڳرتا قومن جو معيار هوندو آهي


تعليمي جاڳرتا قومن جو معيار هوندو آهي
ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد
علم ڪائنات جي اها وسيع طاقت آهي جنهن ماڻهوءَ کي غارُن، چرُن ۽ جبلن پهاڙن مان ڪڍي جديد دؤر ۾ داخل ڪيو آهي اهو علم ئي آهي جنهن جهالت جا سڀ دروازا بند ڪري دنيا کي روشني بخشي آهي. جيتوڻيڪ اڄ جي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو انسان آسمان جي رازن کان واقف ٿيڻ لڳو آهي ۽ سندس پَير چنڊ تائين پهتا اٿس. دنيا جي پراڻي تاريخ جا اگر ورق اٿلائي ڏسجن ته حڪيم ٽڪي ڦوٽي سا علاج ڪندا هئا، آخوند مخصوص ماڻهن کي مخصوص علم ڏيندا هئا ۽ هڪ خاص قسم جو طبقو حڪومت ڪندو هو. اڄ دنيا گلوبل ورلڊ ٿي وئي آهي ۽ انسان پنهنجي لازول ترقي جو مثال پاڻ آهي. روبوٽڪ ٽيڪنالاجيءَ کان وٺي نينو ٽيڪنالاجيءَ تائين انسان جي حيرت انگيز فڪر سان گڏ تعجب ۾ وجهندڙ دماغ قابلِ تعريف آهي.
جيئن جيئن انسان ترقي جو منزلون طئ ڪندو ٿو وڃي تيئن تيئن مشڪلاتن ۾ پڻ اضافو تئي پيو. انسان جي سادي قسم جي زندگيءَ کان وٺي پيچده قسم جي زندگيءَ تائين هزارن سالن جو سفر آهي. انهن هزارن سالن ۾ انيڪ قسم جو تبديليون آيون آهن. جيئن انسان جي سک ۾ اضافو ٿيو آهي تيئن مسئلن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي.  آباديءَ جو وڌڻ ۽ وقت جو گذرڻ ضرور ڪي مسئلا جنم ڏيندو آهي پر چوندا آهن ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي دنيا ۾ ڪا به شيءِ بغير سبب جي نه ٿيندي آهي ان جو ڪو نه ڪو سبب هوندو آهي اڄ به ترقي يافته، تهذيب يافته قومن کي ڏسجي ته ان جي پٺيان تعليم جو سبب نمايان نظر ايندو آهي هي اسان جي سنڌ سڳوري آهي جتي جِي تعليم کي عالمي معيار جو بنائڻ ته پري جي ڳالھ آهي پر مُلڪي معيار جهڙي به ناهي. اسان جي صوبي جي تعليم ۾ ايترو تفاوت ڇو آهي؟ ڇا اسان جي ماڻهن وٽ اهليت ۽ صلاحيت ناهي؟ ڇا اسان جا ماڻهو علم کي پڙوڙڻ جي قابليت نٿا رکن؟؟؟ جي نه ائين بلڪل به ناهي.
سنڌ ۾ هن وقت ڪيترن ئي تعداد ۾ گوسٽ اسڪول، ماستر موجود آهن. گوسڙو ماسترن ۽ اسڪولن جو تعداد ملڪ جي ٻين صوبن کان اسان جي صوبي ۾ گهڻو آهي جيڪي نه فقط ملڪ جي خزاني کي کاٽ هڻي رهيا آهن بلڪـه هن قوم کي تباهي ڪناري وٺي پيا وڃن آخر زميوار ڪير آهي ڪير آ هي باغ جو مالهي.....؟؟گذريل حڪومت جي دؤر۾ ٿيل غيرقانوني ڀرتين کي ڪير ختم ڪري قوم کي احتساب ڏيندو ۽ اهڙن اقدامن کي ڪير روڪيندو؟اسان جي تعليم ۾ اها نواڻ ڪڏهن ايندي جيڪا پراڻي دؤر جي عڪاسي ٿي ڪرڻ بجاءِ نئي دؤر جي علمي لاٽ کي ظاهر ڪندي.درسگاهن ۾ اڄ به اهي ڪورس پڙهايا وڃن ٿا جيڪي ڪافي سال پهريان اسان جا استاد پڙهيا هئا تهذيب يافته ۽ موئن جي دڙي جو وارث هجڻ جو اهو مقصد هر گز ناهي ته اسان پنهنجي تباھ شده حال تي راضي ۽ خوش هجون ۽ پنهنجي قوم کي هڪ مهذب يافته ۽ باشعور ٿيڻ کا روڪيون ڪڏهن به نه. زوال شده قومن ۽ تباھ ٿيل ملڪن دنيا ۾ پاڻ مڃارايو آ ته فقط تعليم جي ڪري.
سنڌي سماج ۾ اک کولي مٽي ماءُ جو جنم وٺندڙ هر فرد پنهجي تهذيبي وارث هجڻ سان گڏ جيئڻ جو حق رکي ٿو. سندس ڪير به جيئڻ جو حق کسي نٿو سگهي اهڙي طرح سنڌ ۾ رهندڙ هر حڪمران ڪنهن به شهري کان ان جي ميراث لُٽي ان جو مالڪ نه ٿي سگهي ٿو.سنڌ هاڻي مسائلستان بڻجي وئي آهي گذريل سال ٽنڊو محمد خان انتظاميه جي مجرمانه خاموشي جي ڪري زهريلي شراب جي پيئڻ سبب ڪيترائي ماڻهو مٽي ۾ سمهي پيا، جيڪا سنڌ حڪومت جي گڊ گورننس تي سواليه نشان آهي جيڪب آباد ۾ ڌماڪا هجن يا شڪارپور سنڌي ماڻهو رت ۾ وهنجن سندن حڪومت جو وار ئي نه چرندو آهي يا ٿر ۾ بک ۽ اڃ سبب ٻار مرن اهو به هنن جو معاملو ئي ناهي. اڄ به جيڪب آباد ۽ شڪارپورجي سانحي جا متاثرين سنڌ حڪومت جي بيحسي جو شڪار آهن.  تعليم ڪنهن به قوم جو اهم شعبو هوندو آهي تعليم لحاظ کان ڪيترن ئي پهلن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ صوبي ۾ تعليمي ڪورس کي جديد دؤر جي تقاضن مطابق پورو ڪيو وڃي ۽ استادن کي اها گهربل تربيت ۽ سکيا ڏني وڃي جيڪا تعليمي معيار کي پاڻ بيان ڪري، تعليمي زميدارن کي چڪر لڳائڻ لاءِ مقرر نه ڪيو ويو نه ئي ڪراچي مان ويهي حڪم هلائڻ لاءِ، اسان جي تعليم جي تباهي جو زميوار ڪير ته آهي جيڪو صوبي اندر بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ کان خوفزده آهي ۽ گوسڙو ماسترن جي پشت پنائي ڪري رهيو آهي.صوبي اندر خانگي اسڪولن ۾ آڪسفورڊ معيار جا ڪورسز آهن جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ پراڻي وقت جا ڪورس نئي پيئڪنگ ۾ موجود آهن.
سنڌي سماج ۾ غربت، بيروزگاري، قتل و غارت، ڪاروڪاري کان وٺي منشيات، جنسي تشدد، زوري مسلمان ڪرڻ جهڙا بيشمار مسئلا آهن حل صرف هڪ ئي تعليم فقط آهي.جاپان جو مثال اسان جي سامهون آهي جڏهن جاپان جي شهرن تي ائٽم بم ڪيرايا ويا هئا ته جاپان وارن هڪ ئي مطالبو ڪيو هو ته اسان کي امداد ڏيڻ نجاءِ سٺا استاد ڏيو. چين وارا اسان جا پاڙيسري اڄ به دنيا ۾ راڄ پيا ڪن.پري نه وڃو پنهنجي مُلڪ جي صوبي پنجاب کي ئي ڏسو ڪيترو تعليمي ميدان ۾ اڳتي آهي.صوبي اندر تعليم نظام ۾ خرابيون ، مسئلا، پيچدگيون، ڪورس جو تبديل نه ٿيڻ ۽ انهن جو حل نه ٿيڻ، تعليمي نظام ۾ گوسٽ ماسترن ۽ اسڪولن جو وجود هجڻ وزيرِ تعليم ۽ تعليم کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان آهي. ڪاغذي ڪاروائي تائين محدود نه رهيو وڃي بلڪه ان کي عملي جامو پهرايو وڃي، وڏا وڏا ٽي وي بيان ڏيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، سٺي ۽ ڊگهي عرصي وارا فيصلا ڪرڻ گهرجن.غربت، جهالت جي وَر چڙهيل سنڌ تي رحم ڪيو وڃي ۽ پنهنجو فرض پورو ڪري سنڌ جا نسل بچايا وڃن، تعليمي نظام کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن اسان 5 هزارسال پراڻي تهذيب جو مانُ رکي ڪري دنيا ۾ عزت ۽ شان سان ترقي يافته قومن وانگر زنده رهون.
سنڌ صوفين جي سرزمين آهي جنهن هر دور ۾ انتها پسندي ۽ مذهبي ڪٽر پڻي کي ننديو آهي اڄ به سنڌ سر زمين کي اهڙن ماڻهن مان نقصان آهي جيڪي مذهب جي روپ ۾ نفرت جو درس ڏئي ڪري سنڌ جي امن ۽ رواداري جي فضا کي ڇيهو رسائن ٿا. انهن سڀني مسئلن جو حل تعليم جي بهتريءَ ۾ آهي ڇو ته جهالت سڀني سماجي بيمارين ۽ مسئلن جي ماءُ آهي.
تعليم جي بهتري ءَ لاءِ موثر قانون جوڙيو وڃي، قانون جوڙڻ وقت تعليمي پاليسيز جي وسيع پئماني تي ٿيل تحقيق کي نظر ۾ رکي ڪري مؤثر ، ديرپا، وقت ۽ حالات مطابق پاليسيزکي مرتب ڪيو وڃي ۽ ان تي سٺي نموني عمل ڪرايو وڃي.


Post a Comment

0 Comments