Recent-Post

فائق هـليا فـردوس ڏی


فائق هـليا فـردوس ڏی
تحریر سید منظور علی شاھ
سائين امداد علي خليلي سان گذاريل لمحا زندگي کان جنازي
 تائين جا ڪجهه مشاهدا...
هر ڪنهن انسان جي الڳ الڳ معرفت هوندي آهي انهيءَ بنياد تي ئي اهميت جو تعين ڪري سگهبو آهي .
سائين خليلي صاحب هڪ تمام جلد سمجهه ۾ ايندڙ شخص ۽ سادگي جي پاڻ مثال هئي جنهن جو آئون اکئين ڏٺو شاهد آهيان ، خليلي صاحب جي عرفان ۽ علمي سطح جو تعين آئون نٿو ڪري سگهان ڇو جو منهنجي معرفت ايتري ٿوري آهي جو سائين جو علم ، حلم ۽ عرفان تي ڪجهه ڳالهائي سگهجي ، پر ايترو ضرور آهي جو سائين جنهن سان به ملندا هئا ته ڪنڌ تي چمي ڏئي ائين محسوس ڪرائيندا هئا ڄڻ سائين دنيا جي ڪنهن عظيم ترين انسان سان ملي رهيو هجي .
سڪرنڊ ۾ هڪ رٿيل پروگرام ۾ سائين کي گهڻو ويجهرائي کان ڏٺو ۽ انهن ڏينهن کان پوءِ سائين منهنجي محبوب ترين شخصيت بڻجي ويو . سڪرنڊ م رٿيل پروگرام ۾ جنهن جو آئون به ڪنهن حد تائين ميزبان هئس جڏهن پروگرام جي نشست ختم ٿي ته هر ڪو ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذوق ۽ مزاج مطابق پنهنجي پنهنجي ساٿي سان ڪچهري ڪندي پنهنجي بسترن ڏانهن هليا ويا ان پروگرام کي آرگنائيز ڪرڻ وارا خليلي صاحب به هئا ، سائين پنهنجا سڀ ڪم ختم ڪري صبح واري نشست جي تياري ڪرائي رات جو الاهي دير سان لڪندي لڪندي وڃي رهيا هئا آئون ٿڪل هئس ۽ ڪم کان بچڻ جي لاءِ ڪنهن لڪل جڳهه تي ويٺل هئس پر سائين خليلي صاحب جي هر حرڪت تي نظر هئي جيڪو مون ڏٺو اهو هيءُ هيو جو سائين بسترن جي ڳولا کان پوءِ جڏهن ڪو به بسترو هٿ نه اچڻ کان پوءِ ٻاهر آيا ته رات واري نشست جي ٺهيل اسٽيج تي هڪ ميرو ڪالين جيڪو انهيءَ ڪري ڇڏيو ويو هيو جو اهو تمام گهڻو ميرو ٿي چڪو هيو سائين اچي ان تي سمهي رهيا آئون تمام گهڻي حيراني ۽ شرمندگيءَ کان پوءِ ڇرڪ ڀري اٿي سائين ڏي انهيءِ ڪري ڀڄندو آيس ته سائين اهو اعليٰ انسان هيو جنهن جو ائين سمهڻ آئون گوارا نه پئي ڪري سگهيس ۽ اچي سائين کي اٿاريم ۽ سائين مسڪرائيندي چيو “سائين اهڙي ڀلي جڳهه ڪٿي ٿي ملي ”. 
مون سائين کي اٿاري اچي مناسب جڳهه تي سمهاريو ان دوران سائين سان محبت ايتري وڌي وئي هئي جو سائينءَ جي ڪال ايندي هئي ته مون کي اهو احساس ٿيندو هو شايد آئون ڪو عظيم انسان آهيان برحال اڄ سائينءَ جي موت کان پوءِ جدائي تي لکندي پاڻ کي تمام گهڻو اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ مون کان خدا هڪ اهڙي نعمت انهيءَ ڪري واپس وٺي ڇڏي آهي جو مون ان جو قدر نه ڪيو ، هاءِ .....!! سائين خليلي صاحب ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون لکي توهان کي ياد ڪجي.....
ڪالهه اها بدنصيب گهڙي هئي جو اچانڪ ادا وڏي جو ميسج آيو ته سائين خليلي صاحب اسان ۾ نه رهيا آهن ، ان وقت ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ منهنجا سڀ حواس بيهي رهيا آهن ۽ آئون هڪ ڀت وانگر بڻجي ويس ، سڄي رات جاڳندي جاڳندي صبح جو انتطار هيو ته سائين کي ڏسان ۽ ڏاڍو روئان ، صبح تي اتي پهتاسين رستي ۾ سائين عالم ساجدي جي اڳواڻي ۾ هڪ قافلي جي صورت ۾ دوست اسان جا انتظار ڪري رهيا هئا.
هڪٻئي تي نظر پئي ڄڻ اکين اکين ۾ سڀ ائين چئي رهيا هجن ته يار خليلي صاحب پاڻ کي يتيم ڪري ويو ، سڀ دوست وڏي ظبط سان مليا ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي نڪري وياسين اندر جو اندر ۾ روئيندي سائين کي ياد ڪندي جڏهن سندن ڳوٺ پهتاسين ته هڪ عجيب منظر هو ، سائين خليلي جا سوين چاهيندڙ اتي آلين اکين سان موجود هئا ائين لڳي رهيو هيو ته ڄڻ ڪو اهو انسان ڪوچ ڪري ويو آهي جيڪي شايد ڪيترن ئي انسانن جو روحاني والد هيو. سائين جا شاگرد وڏا پار ڪري روئي رهيا هئا انهيءَ وچ ۾ ٽن اهڙن يتيمن تي نظر پئي جيڪي ڀاڪر پائي روئي رهيا هئا ، هڪ سائين جا ننڍڙا 2 يتيم ۽ هڪ روحاني پُٽ قمر عباس غديري .
انهن کي ائين ڏسندي اسان مان اتي بيٺيل هر دوست پنهنجا ظبط سنڀالي نه سگهيو ان کان پوءِ سائين جو جنازو ٿيو ۽ سائينءَ کي هڪ وڏي قافلي سان بارات وانگر هڪ عظيم جڳهه تي وياسين جتي سائين کي دفن ڪرڻو هيو ، اتي هڪ عظيم هستي جيڪا رستي ۾ هئي ۽ سائين جي آخري ديدار لاءِ پهچي رهي هئي ، هي اهو هيو جنهن جو اسان سميت سائين خليلي صاحب به وڏي شدت سان انتظار ڪري رهيا هئا اهو عظيم انسان جيڪو اڄ تمام اڪيلو ، تنها ۽ اندر ۾ صفا وکريل ۽ ٽٽل جنهن جا حواس قابو ۾ ته هئا پر ايترو اڪيلو ٿي چڪو هو جو اسان جهڙن اتي بيٺل هزارين ماڻهن جي هوندي به خليلي صاحب جي سڪ ۽ ڪميءَ کي پورو نٿو ڪري سگهجي اهو انسان سائين حسين موسوي هيو جيئن اتي پهتو ته سائين کي آئون ڏسي ڪونه سگهيس ته سائين ڪهڙو ري ائڪشن ڪندا پر هو عرفان وارا ماڻهو آهن . جنازو سائين پڙهيو ۽ پوءِ سائين خليلي سان ويهي دل جو دل ۾ ڪچهري ڪيائين ، شايد ائين چيو هوندئين ته يار خليلي مس ته پاڻ سنڀاليو هئم ائين جلدي هليو وئين ، يار خليلي ڪجهه ته ترسين ها..!! پوءِ بس ڪجهه گهڙين کان پوءِ سائين جن جي جسد خاڪي کي اتي موڪليو ويو جتان ڪير ناهي موٽيو. 
إنا لله وإنا إليه راجعون

Post a Comment

0 Comments