Recent-Post

آ مرڻُو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي....!



آ مرڻُو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي....!
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، سنڌ ورسٽي ڄامشورو
صدين کان موجود سنڌ جي ثقافتي۽ تهذيبي حوالي سان جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته موئن جي دڙي جا ماڻهو تمام گهڻا مهذب،تهذيب يافته هجڻ سان گڏ تمام سٺي نموني سان پڙهيل لکيل ۽ سماج دوست ماڻهو هوندا هئا. تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته موئن جي دڙي مان جيڪي تاريخي نسخه مليا آهن تن مان خبر پوي ٿي ته سنڌو ماٿري جا رهواسي امن جا علمبردار هجڻ سان گڏ تمام بهترين انفرا اسٽرڪچر جا مالڪ هوندا هئا. سندس بنيادي جوڙجڪ ۾ بهترين تعليمي نظام سان گڏ معياري قسم جا ڪُشاده ۽ وسيع پئيماني تي روڊ، رستا، بهترين ڊرينيج سسٽم ۽ ماڊل گورنمينٽ سسٽم جا منتَظم هوندا هئا.
موجوده سنڌ جي مجموعي صورتحال جو سٺي نموني مطالعو ڪجي ته لڳ ڀڳ بُنيادي نظام تباهي جا منظر پيش ڪري رهيو آهي. جيڪا سنڌ صوبي جي عوام لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. دنيا ۾ روڊ رستن تي حادثن ۾ موت جا  واقعا ٿيڻ ڪا نئي ڳالهه نه آهي پر روڊ حادثن ۾ پاڪستان انهن پهرين 20 مُلڪن ۾ شامل آهي جتي وڏي انگ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ بيشمار ماڻهو مريو وڃن ٿا. روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گهڻو ڪري گاڏيون روڊ جي خراب هجڻ جي ڪري،ٽرئفڪ کي معياري روٽ نه ملڻ، سنگل يا وڏين گاڏين جي لاءِ ٽرئفڪ جومعقول انتظام نه هجڻ جي ڪري حادثن جو شڪار ٿينديون آهن. روڊ جو خراب هجڻ يا معياري نه هجڻ جا بنيادي سبب روڊن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، ٺيڪيدارن  ۽ذميدارن جي غفلت يا لالچ، چيڪ اينڊ بيلنس سان گڏ اعلٰي انتظامي لاپرواهي شامل آهن. ان سان گڏوگڏ حادثن کان پوءِ بروقت زخمين جو اسپتال نه پُڄڻ، اسپتالُن ۾ ايمرجنسي بنيادن تي سهولتون نه هجڻ به موت جي شرح ۾ اِضافي جا اهم سبب آهن
سنڌ ۾ اهڙن واقعن ۾ سيوهڻ کان ڄامشوري جو روڊ، حيدرآباد ڊويزن جا لنڪ روڊَ ۽ نيشنل هاءِ وي انساني زندگي کي حادثي جي صورت ۾ موت جو راڪاس بڻيل آهن. گذريل 8 مهينن ۾ سيوهڻ روڊ تي حادثن ۾250 کان وڌيڪ انسانن پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ وسائي ڇڏيوآهي. ان سان گڏ حيدرآباد کان ڪراچي جي نيشنل هاءِ وي ۾ موت جي ننڍ سُتَل ماڻهن جو علم ڪنهن ماڻهو کان لِڪيل ڍڪيل نه آهي.
ڪجهه وقت پهريان حيدرآباد ڪينٽومينٽ ۾ به ٽينڪر جي حادثي ۾ هڪ ٻارڙي زندگي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڇڏيو هو. سنڌ يونيورسٽي روڊ تي به ان قسم جا واقعا ٿي چڪا آهن. سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين معصوم انسانن جي خون سان راند کيڏي ويندي؟ آخر ڪڏهن اهڙن روڊن ۽ رستن کي ڪنهن معياري انداز ۾ ٺاهڻ سان گڏ انساني زندگي کي فُول پُروف بڻايو ويندو؟
سول انجينيئرنگ سان گڏ آبادي جي لحاظ کان روڊ رستا ٺاهيا وڃن ته جيئن عام عوام سان گڏ ڌرتي ته ٻي جِيوت به ساهه کڻي سگهي. شهرن جا روڊ ۽ رستا ويڪرا هجڻ سان گڏ ڪُشاده هجڻ لازمي آهن. جنهن کي هڪ معقول ٽرئفڪ نظام هيٺ هلايو وڃي جنهن جو هڪ خود مختيار اداري هجڻ سان گڏ باصلاحيت هجڻ تمام ضروري آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي به گهرجي ته اُهي پاڪستان جي قومي شاهراهن کي قومي لحاظ کان ڏسي ڪري روڊَ ۽ رستا تعمير ڪن بلڪه ضرورت آهر اُهي اُپاءُ به وٺن جنهن سان انساني زندگي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته انساني زندگي قدرت جو هڪ انمول  تحفو آهي. جنهن کي اسان روڊن ۽ رستن تي حادثن جي صورت ۾ نه ٿا وڃائڻ چاهيون.
هڪ طرف حڪومت جي طرفان ٽَال پلازه جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر آهي جتي پاڪستان جو عوام ڪروڙن روپين جي حساب سان ٽيئڪس ادا ڪري رهيو آهي. اربن روپين جي ٽيئڪس اوڳاڙيندڙ حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي عوام جي جان جو تحفظ يقيني بنائڻ ۾ ناڪام ڇو آهن؟
 اسان جي مُلڪ ۾ پهريان ئي قتل و غارت، جنسي ڏاڍائي کان پوءِ معصوم نياڻن ۽ معصوم ٻارڙن جا بيدردي سان قتل، ٽارگٽ ڪلنگ، ڪارو ڪاري، قبيلائي جهيڙا وغيرو عام آهن. تنهن ڪري موت جي مهندي لڳائي ڪري زندهه جِيوت جي زندگي جي انت آڻڻ وارن عنصرن کي ترجيحي بُنيادن تي خاص قسم جا اُپاءُ وٺي ڪري انساني زندگي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ لاپراوهه ۽ غير ذميدارن ماڻهن جي خلاف قانون مطابق ڀرپُور ڪاروائي ڪئي وڃي.
ajmalmahdi48@gmail.com

Post a Comment

0 Comments