ليکڪ ميرالطاف حسين ٽالپر
تاريخ پڙهندي مان ويچار ۾ پئجي ويندو آهيان ته ڇا اسان ترقي ڪئي آ يا تنزلي؟
ممڪن آهي ته ترقي جا پيمانا هر ڪنهن وٽ مختلف هجن پر ان کان انڪار به نه ڪري سگهبو ته اسان مجموعي قومي بنيادن تي ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ مسلسل تنزلي جو شڪار آھيون. اسان جي سماجي جوڙجڪ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آ، دانش ۽ ڏاهپ موڪلائيندي پئي وڃِي ۽ ان جي جڳھ جذباتيت ۽ انڌي تقليد تيزي سان والاريندي پئي وڃي.
ڪي سال اڳ پنهنجي پنجتني سنگت جي ڪچهري ۾ ذڪر ڇيڙيو هيم ته اسان جِي ويهين صدي جي سنڌي ادب ۾ عمومي مشهور و معرُوف موضوع ڪهڙو هوندو هو؟ ته دوست چپ ڪري سوچ ۾ پئجي ويا هئا. شايد توهان به حيران ٿيو مگر 1960-70 تائين جي ڪهاڻي، افساني، ناول جو مطالعو ڪري ڏسو، اڪثر موضوع هڪ ئي ملندو. هاري جو پٽ ڪيئن ڏک ڏولاوا ڪاٽي تعليم پرائي "سرڪاري آفيسر" بڻجي ٿو وڃي.
واقعي اهو ان دور جي اڪثريت جو خوآب به هوندو هو جنهن کي هر اديب پنهنجي پنهنجي خيال مطابق لکڻ جي ڪوشش به ڪندو هو. ان اتساه جي ڪري سوين هزارين هارين مزدورن جون اولادون پڙهي لکي، چٽاڀيٽي جا امتحان پاس ڪري وڏا وڏا عهدا به ماڻيان. اهي جن جا والدين هاري يا مزدور هئا اهي ۽ سندن اولاد انهن ئي ڳوٺن ۾ زميندار ۽ ملڪيت وارا به بڻجي ويا، محتاجي ۽ ذلت مان نڪري با اختيار ۽ با عزت به بڻجي ويا.
مگر ڇا ان جي باوجود سندن ڳوٺن جي نصيب ۾ اهڙي ترقي آئي؟
ٿورڙو ٿڌي سيني سان غور ڪجو.
اڄ به سنڌ ۾ ورلي ڪو اهڙو ڳوٺ هوندو جتان جي سرڪاري اسڪول ۾ استاد "ڌاريو" يا ٻاهريون هجي.
سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڳوٺ جو يا ڀرپاسي جو هوندو.
مڪاني ادارن جو عملو ۽ اختياريون؟
پوليس ٿاڻن جو عملو؟
روينيو کاتي ۾ ڪوٽوار ۽ تپيدار؟
آبپاشي کاتي ۾ بيلدار، داروغو، سروير، ٽنڊيل؟
صحافي؟
وڏيرو، سياست دان؟
لُچ، لوفر، چور، ڌاڙيل؟
پير فقير؟
ملان مولوي موالي؟
سڀ جا سڀ مقامي......
۽ سڀ مسئلا ۽ مصيبتون، ڏک ۽ اهنج به مقامي..
ته پوء سوچيو انهن جو حل اسان "ٻاهر" ڪيئن پيا ڳوليون؟
يقين ڪريو ته ڪا به ٻاھرين قوت، خدا تائين اسان جي اندرين خرابين کي دور ڪرڻ ڪون ايندي.
انڪري وقت ضايع ڪرڻ بجاء پنهنجي ٽٽل سماج کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪريو.
پرزا پرزا، ذرڙا ذرڙا ميڙيندا "گڏ" ڪندا هلو.
بس ان "جوڙيندڙ" ڏور کي مضبوط ڪندا وڃون، مسئلآ ۽ مصيبتون پاڻهين ڀڄي پرِي ٿينديون وينديون.
جيڪڏنهن ڪنهن کي تيز ڊوڙي سڀني کان اڳ نڪرڻ جو شوق آ ته ان کي ڇڏي ڏيو.
پوئتي پيلن جو جٿو ٺاهيو ۽ جٿو ڇنڻ بجاء وسيع ڪريو. توهان جو جٿو ڀلي سست رو ئي ڇو نه هجي پر وسيع ۽ مضبوط ٿيندو ويندو.
۽ پوء ڏسجو ته تيز ڊوڙندڙ "گهوڙا" اڪيلا ٿي ٿڪجي پوندا.
.يا ته شرمنده ٿي واپس جٿي ۾ شامل ٿيندا يا رڃ ۾ رلي مري کپي ويندا.
https://www.facebook.com/talpuraltaf/posts/10210456543809512

0 Comments