توهان قبرستان ڏٺو آ؟
تحریر: مير الطاف حسین
هاڻي ته خير گذريل ڪجه عرصي کان قبرستانن جي حالت به ڪافي تبديل ٿي چڪي آهي مگر ٽيھ چاليهه سال اڳ تائين اسان جي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀوائتيون جڳهون قبرستان ئي هوندا هئا. اڃان تائين به شهرن ۽ ڳوٺن کان پري اڪثر ٻهراڙين ۾ اهڙا قبرستان عام جام مليو وڃن. ڳوٺن ۽ شهري قبرستانن جي تبديل ٿيل شڪل ۾ مک ڪردار بلدياتي ادارن ۾ ڌڙا ڌڙ نوڪرين ڏيڻ واري پاليسي جو آهي جنهن جي ڪري قبرستانن جي رکوالي جون آساميون به تخليق ٿي سگهيون نه ته ان کان پهريون اهي قبرستان پنهنجي فطري حسن سان مالا مال هوندا هوندا هئا. ماڻهون جنن ڀوتن جي خوف کان قبرستان ۾ ڦٽي آيل وڻن ٻوٽن مان ڪاٺي ڀڃندي به خوفزده ٿيندا هئا انڪري وڻن ٻوٽن ۽ جهنگلي حيات لاء قبرستان ڄڻ ته پرامن پناه گاه ثابت ٿيندا هئا. ائين اهي قبرستان ڄڻ ته ننڍڙا قدرتي جهنگل هوندا هئا.
پڪي قبر ٺهرائڻ جو رواج ئي ڪون هو، ڪچي قبر جا رهائشي جيستائين دنيا دارن کي ياد رهندا هئا تيستائين مهيني ماسي، عيد برات تي سندن قبر جي ڪچي مٽي تي ڦريو ٻهاري، ڇڻڪار به ٿيندو هو ته نازبوئن جا واڱڻائي گل ۽ ساوا پن آسپاس جي ڦٽل قبرن کي به مهڪائيندا رهندا هئا ته عيد رات تي ٻرندڙ ڏيئا ڪي پل روشن به رهندا هئا. جڏنهن پوئنرن کان وسرندا هئا ته وري اهي قبرون ٻين ميتن کي به پنهنجي سيني ۾ سانڍڻ لاء تيار ٿي وينديون هيون.
پنهنجي فطري ماحول ۾ انهن قبرستانن جو حسن ۽ انهن ۾ سڪون جو هڪڙو پنهنجو ئي عجيب احساس هوندو هو. هر ماڻهون اتي وڃڻ کان پيو لنوائيندو هو پر ڪي اهڙا به جڳ جڳ جا ويراڳي هوندا هئا جيڪي دنيا کان بي نياز اهڙن قبرستانن جي ڪنهن ڪنڊ ۾، گهاٽي گبڙ هيٺان پنهنجي وستي بنائي ويهي رهندا ها.
عجيب انسان هوندا ها اهي به جو شهر وستيون ڇڏي وڃي قبرستانن ۾ آستانا اڏيندا ها. جيستائين جيئرا هوندا هئا تيستائين سڀڪو کين نظرانداز ڪندو هو. پر جڏنهن مري ويندا هئا ته وري ساڳين ئي قبرستانن ۾ کين دفن ڪري انهن جي قبرن تي پڙ به چاڙهيندا ها ته باسون به باسيندا ها ۽ قبرستانن جا نالا به انهن سان منسوب ڪري ڇڏيندا ها.
وقت بدليو، اهڙي ته واء گهلي جو سنڌ جا قبرستان زنده ٿيندا ويا ۽ ڳوٺ وستيون مرده ٿينديون ويون، اوطاقون ويران، قربن واريون ڪچهريون ماضي جا قصا ڪهاڻيون... . هارين نارين مزدورن غريبن جا ٻار ڳوٺن جي ڪچن سرڪاري اسڪون جي ڀڳل بئنچن تي غريب ماسترن وٽان پڙهي لکي آفيسر ۽ شهري بابو بڻجي ويا ته پنهنجن ڳوٺن کي ائين وساري ڇڏين جيئن نامراد عاشق شادين کان پوء پنهنجي ناڪام عاشقي جي دور جا ڌڪا ٿاٻا وساري ڇڏيندا آهن. عيد برات تي ڳوٺن ۾ ايندا ته سندن اٿڻي ويهڻي جو انداز پروٽوڪول سان ڀرپور، ڪنڌ فخر جي اسٽيل راڊ سان آڪڙيل ، نظرن ۾ ڳوٺاڻن لاء ڪرڀ ۽ نفرت ڀريل.
سرڪاري نوڪري جو نشو به شايد هيروئن کان وڌيڪ تيز آ. هڪ دفعو سوٽو لڳو ته پوء زمين تي پير ئي نه پوندو، نظر ۽ اڏام رڳو مٿي ئي مٿي. ڳوٺن جون ترقياتي بجيٽون ٺاهيندي ڪاغذن جا انبار ڪارا ڪري پورا ٽيه چاليه وره پنهنجي ملڪيتن کي اڇو اجرو ڪندي هڪ لمحي لاء به ڳوٺن جي انهن اسڪولن کي ياد نه ڪندا جن جي غريب ماسترن، ڪچين عمارتن، ڀڳل بئنچن کين اگهاڙن پيرن، ميرن ڪپڙن سميت پيار ۽ پاٻوھ مان پنهنجي سيني سان لائي، پنهنجي آغوش ۾ ويهاري ان منزل تي پهچڻ جي لائق بنايو.
ويتر انهن اسڪولن ۽ ادارن کان نفرت ڪندي سيٺين ۽ سرنديء وارن کي "پرائيويٽ" اسڪول کولڻ جا "مفيد مشورا ڏيندا، يا مارڪيٽ چوکو ڏسي پاڻ ئي ان" نيڪ" ڪاروبار جي ابتدا ڪري ڏيندا.
سرڪاري نوڪري دوران عمر جو وڏو عرصو وي وي آء پي طريقي سان گذارڻ کان پوء جڏنهن سندن ميت ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ لاء ايندي ته ويچارن قبرستانن ۾ ماتم مچي ويندو آ ته هاڻي هنن خانصابن ۽ خان بهادرن جون ميتون هنن قبرستانن کان به انهن جون فطري زندگيون کسي ئي دنگ ڪنديون.

0 Comments