انصاف جي ڳولا ۾ نڪتل سنڌ ورسٽي جا لاچار ۽ بي وس مستقبل جا معمار
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
سنڌ ورسٽي سنڌ جي تعليم ۾ هميشه امتيازي حيثيت رکندڙ تعليمي ادارو آهي. جنهن کي مادرِ علمي درسگاهه پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ايشيا جي قديمي ورسٽين شمار ڪندڙ مادرِ علمي درسگاهه لکين نوجوانن کي تعليم جي انمول زيور سان نوازيو آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي. درسگاهون ۽ تعليمي ادارا سکڻ، علم پرائڻ سان گڏ تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي بنيادي جزن کي جاري رکڻ جي تسلسل  جو پڻ نالو آهي.
دنيا جي مُڙني جهموري مُلڪن ۾ ترقي ڏسي انسان اڄ تمام گهڻو آسائش ۾ نظر اچي ٿو. اتي انساني حق اولين ترجيح تي هوندا آهن. اتي جي مُلڪن جا ادارا مظبوط هوندا آهن نه ڪه اسان جي ايشيا جي مُلڪن وانگر فرد.فرد مڪرم هوندا آهن ادارا مقدس هوندا آهن.
سنڌ ۾ اڪثر تعليميادارا وائيٽ ڪالر وڏيرن. جاگيردارن، رئيسن، نوابن ۽ سردارن جي هٿان يرغمال ٿي رهيا آهن. بند پيل اسڪولن جو اوطاق ٿي وڃڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي. ائين  تعليمي ادارن جي سربراهن جو تعلق سياسي پارٽيز يا  ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان وڃي سياسي پارٽي سان ملي ٿو يا وري اُهي ڪنهن وااثر ماڻهوءَ جا ويجها دوست، سنگتي هجن ٿا. جنهن جو نزلو اڳي پوءِ شاگردن تي ڪري ٿو، ائين سالن کان شاگردن سان استحصال ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته جڏهن سنڌ ورسٽي جو ڊاڪٽر فتح محمد برفت بطور وي سي مقرر ٿيڻ وڃي رهيو هو ته سندس سعودي عرب جي بادشاه جيان سنڌ ورسٽي جي ماڻهن بشمول استاد تنظيمن وڏي پيئماني تي استقبال ڪيو ويو هو جيڪو تعليمي اداري جي لحاظ کان هڪ غير اخلاقي ۽ غير مهذب  رويي جي نشاندهي ڪري ٿو. سنڌ ورسٽي جو موجوده وي سي ڪرپشن ڪيسز جي سرڪل ۾ آهي. سندس ڪرپشن پڻ ثابت ٿي آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو سست رويو وي سي جي مٿان خاص ڪرم نوازي ظاهر ڪري ٿو. ان سڄي معاملي ۾ وري به شاگردن جو نقصان ٿو ٿئي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هڪ قابل پر ايماندار منتظم جو انتخاب ڪري ته جيئن مستقبل جا معمار تعليم جي لازوال زيور سان فيضياب ٿي سگهن.
دنيا جي تهذيب يافته قومن هميشه پنهنجي علمي ورثي ۽ ڄاڻ جي ذخيري کي پاڻ وٽ سهيڙي محفوظ رکيو آهي. پر بد قسمتي سان سنڌ جي سڄاڻ ڌرين علمي ورثي جي اهڙي نموني مالڪي نه ڪئي آهي جيئن ڪرڻ گهرجي. علمي وراثت قومن جا معيار بلند ڪري ڇڏيا  آهن. ملائيشيا دنيا جي گولي تي اڀرندڙ نئون ملڪ آهي جنهن کي قائم ٿئي ٽي ڏهاڪا به نه ٿيا آهن ته ان پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ترقي يافته قومن مان هڪ قوم ثابت ڪيو آهي اهو سڀ علم جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي.
ڪجهه مهينا پهريان جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا عروج تي هئا، جنهن کي حوال پروگرام ڪري ٽاري ويو هو، جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملن مادرِ علم سنڌ ورسٽي جي هزارين شاگردياڻين لاءِ مستقبل جو فيصلو خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي اهڙن واقعن کان پوءِ ٿيندڙ سياست جيڪا اسان کي سنڌ ورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سوٽا) جي ٻن گروپن جي گروهي سياست ۾ نظر ٿي اچي اها اهڙن واقعن کان وڌيڪ انهن ٻن گروپن جي گروهي سياست ۾ هڪ استاد کي بچائڻ کي وڌيڪ مقدس سمجهي ٿي بجاءِ ان جي ته اهڙن معاملن جي صحيع نموني جاچ ڪري ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي. اگر ائين ئي شعور جي شمع ٻاريندڙ استاد سياست جي وَر چڙهي ويندا ته پوءِ هزارن شاگردن جي مستقبل جو خواب شرمندا تعبير نه ٿي سگهندو.سنڌ ورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سوٽا) جي ٻن گروپن مان شاگردن جي ڪنهن به معاملي يا مسئلي ۾ ڪنهن به شاگرد جي ڪردار ڪُشي ڪرڻ وارو عمل مادر علم سنڌ ورسٽي جي پڙهندڙ هزارين شاگردن جي ڪردار جي توهين آهي.ان خوف جي جمود کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن نائلا رند جي قتل سميت جنسي حراسان ڪرڻ وارن واقعن کي جنم ڏنو آهي. مهراڻ ورسٽي جي گرلز هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمراز لڳايل آهن مادرِ علم سنڌ ورسٽي جي گرلز هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمراز لڳايل ڇو ناهن....؟ اڄ  به شاگرد يونين نه هجڻ ڪري شاگردن جا مسئلا ڪچري جي ڊٻي ۾ وڃن ٿا ۽ شاگردن مان اگر ڪو احتجاج ڪري ٿو ته ان کي پوري طاقت سان ڪچليو ٿو وڃي، سنڌ ورسٽيءَ ۾ شاگرد يونين بحال نه ڪرڻ ۾ سوٽا جو اهم ڪردار آهي، سوٽا اڳواڻن جي نانيءَ ويڙهي ورسٽي کي يرغمال بڻائي نام نهاد مقصدَ حاصل ڪيا آهن. استادن ۽ شاگردن جي وچم بيلنس پاليسي هجي جنهن تحت شاگرد تعليم پرائي سگهن ۽ استاد سندس هر قسم جي رهنمائي ڪري مسقبل جي معمارن کي اعلٰي قسم جو مهذب شهري بڻائي سگهجي.
ورسٽي انتظاميه جا عملدار شاگردن سان اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندا ۽ پيش ٿيندا آهن جيئن هڪ وڏيرو، جاگيردار، نواب پنهنجي غلام بڻيل هارين سان ڳالهيندو ۽ پيش ايندو آهي. سڀ آڱريون برابر به ناهن، ڪجهه سٺا ماڻهو به آهن پر اڪثريتي طور عملدارن جو رويو سندس حقيقي ڪردار ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪي سٺا عملدار آهن اُهي چاهيندي به شاگردن لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن ۽  شاگردن اڄ ڏينهن تائين ان غير مهذب رويي کي برداش ڪيو آهي، جنهن جو مکيه سبب اهو آهي ته شاگردن جي آواز کي طاقت جي زور تي روڪيو ويو آهي. سو في سيڪڙو فيسن ۾ اضافو ٿيو پر شاگردن جي احتجاج کي ڪا اهميت ئي نه ملي. سالياني فيس ۾ هر سال وڏي پيئماني تي اضافو پيو ٿئي پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به ڪو به ايڪشن نه ڪيو آهي نه ئي ڪڏهن نوٽيس ورتو آهي. شاگردن کي ورسٽي جي قانون مطابق حق نه ملڻ ۾به استاد سياست جو وڏو اهم ڪردار آهي. شاگردن جي تدريسي معاملن ۾ استادن کي فُل فليج اختيار يعني مڪمل اختيارن سان نوازيو ويو آهي هاڻي استاد ڌُر انهن اختيارن جو ڀرپُور فائدو وٺي رهي آهي. ايڪسٽرنل سسٽم هجڻ گهرجي ۽ آءِ ايس او سرٽيفيڪيشن جي مطابق ورسٽي جي شاگردن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. استاد کي شاگردن جي باري سَول اٿارٽي هجڻ ڪري جنسي حراسان ڪرڻ وارا معاملا پڻ سامهون ايندا آهن. استاد سياست جي هڪ هٽي بند ٿيڻ گهرجي شاگردن کي به ورسٽي ۾ نمائندگي جو حق ملڻ گهرجي. ورسٽي ۾ ڪجهه ڪم شاگردن جي  بهتريءَ لاءِ ڪيا ويا آهن جن آن لائين اٽينڊنس، ڪمپيوٽرائيزڊ  ايگزيم ۽ ايڊميشن فارم وغيره شامل آهن. پر سي سي ٽي وي ڪيمراز اڄ به ورسٽي جي لاءِ منتظر آهن. ڪافي شعبن ۾ چاڪ ۽ بليڪ بورڊز آهن جتي ملٽي ميڊيا هجڻ گهرجي.
سنڌ ورسٽي جا ڪيترائي ريونيو جنرٽير ادارا آهن جنهن مان سنيٽرل لائبرري، ورسٽي جون ڪينٽينون، دڪان، هاسٽل، سنڌولاجي، ٽرانسپورٽ، اي سي ٽو،ورسٽي ڪالوني، سوسائٽي، سي اين جي، پيٽرول پمپ، ورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ۽ چندي وارا ڊٻا وغيره شامل آهن. پر پوءِ به ورسٽي کي خساري ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
 فيس جا چالان، هرسال وڌندڙ ڳريون فيسون پڻ ناڻي گڏ ڪرڻ جا اهم ذريعا آهن. ان کان علاوه وفاق، صوبو پڻ جدا طور فنڊز ڏيندو آهي.
شاگردن جي مصيبت ۽ علمناڪ درد جي داستان جي خبر اسان کي ويهين صديءَ جي کٽارا ٽرانسپورٽ مان پئجي سگهي ٿي. جنهن جو مهانگو ڪرايو شاگرد برداش ڪن ٿا پيا، انساني تذليل جو منظر پيش ڪندڙ ورسٽي جي ٽرانسپورٽ ۾ شاگردن کي ائين ڀريو ويندو آهي جيئن بصرن کي ٽرڪ ۾. ورسٽي جون اڌ کان گهڻيون سرڪاري پوائنٽس خراب جاڻايل آهن ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽن سان ملي ڀڳت ڪري شاگردن کي لُٽيو ٿو وڃي ۽ ان کان هاسٽلون جو ماحول به مطمئن ڪرڻ جهڙو ناهي. هر سال ورسٽي جا هزارين شاگرد پرائيوٽ هاسٽلن م رهندا آهن ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جي غير اخلاقي رويي کي برداش ڪندا آهن.
سمجهه ۾ نه پيو اچي، ورسٽي ۾ شاگردن سان ماٽڙيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪري تذليل ڇو پئي ڪري؟ آخر اهو سلسلو ڪڏهن رُڪجندو؟سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزير صاحب کي گهرجي ته ورسٽي جي معاملن جي نظرثاني ڪري لائق، قابل ۽ ايماندار ماڻهن کان فرض نڀائڻ جو ڪم ورتو وڃي ۽ ورسٽي جي تباهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل جا معمار علم پرائي سنڌ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو ملائي سگهن.