پاڪستان جو گذريل هڪ
ڏهاڪو ۽ موجوده حالتون
ليکڪ؛ اجمل مير مهدي،
حيدرآباد
پاڪستان به انهن مُلڪن
جي فهرست ۾ شامل آهي جتي جهموريت قائم ۽ دائم آهي. پر ماضي جي ڪجهه سالن پاڪستان
جي جهموري قوتُن کي بُري طرح متاثر ڪيو هو پر تنهن باوجود به جهموريت جا ٻه دور
پنهنجي پڄاڻي تي پهتا.
مُلڪي ۽ قومي مفادن
خاطر سياست ڪندڙ سياستدان اڪثر قومي مفادن کي نظر انداز ڪري پنهنجي نام نهاد مقصدن
کي ترجيع ڏيندا آهن. جنهن کان پوءِ اُهي ئي سياستدان يا ته مُلڪ جي بدنامي جو سبب
بڻبا آهن يا وري ڪنهن ميگا اسڪينڊل ۾ مُلڪ جي اعلٰي اداري ۾ پنهنجي مقدمي کي مُنهن
ڏيندا آهن. اهو سڀ اسان جي مُلڪ جي موجوده جهموري نظام جي بهتر نموني عڪاسي ڪري
سگهي ٿوهن وقت تائين حڪومت ۾ رهندڙ سياستدانن مان مُلڪ جو عوام مطمئن ٿيندي نظر
نٿو اچي.
آمريڪا جي هڪ سرڪاري
تنظيم ورلڊ جسٽس پراجيڪٽ جي جاري ڪيل رپورٽ ۾
پاڪستان ايشيا جو غير محفوظ ترين مُلڪ قرار ڏنو ويو آهي. هڪ ٻي رپورٽ ۾ پاڪستان جو شمار
ڪرپشن روڪڻ ۾ 180 مُلڪن مان 117 هين نمبر تي ٿئي ٿو. يعني مُلڪ ۾ ڪرپشن جر روڪٿام
ڪندڙ ادارا خراب نموني ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ويا آهن هڪ خانگي اداري جي جاري ڪيل
رپورٽ ۾ غربت 54 في سيڪڙو، بيروزگاري 9.1 في سيڪڙو، تدريسي عمل 51 في سيڪڙو درج
آهي.پاڪستان دنيا جي ڏهن پهرين مُلڪن ۾ آهي جتي عورتن،
ٻارڙن ۽ نياڻن سان ڏاڍائي ٿيندي آهي، وليزڊ باءِ وار جي رپورٽ مطابق مُلڪ ۾ چار
عورتون روزانه ريپ جو شڪار ٿين ٿيون ۽ انساني حقن جي تنظيم مطابق سنڌ ۾ هر روز هڪ
عورت ، ٻار يا نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪئي ويندي آهي 2016 جي دوران عورتن تي تشدد
جا پاڪستان ۾ 2500 ڪيسز داخل ڪرايا ويا، جنهن مان سڀ کان گهڻا ڪيس سنڌ ۾ داخل
ڪرايا ويا هئا.
2016_17 جي دوران ٻارڙن
سان جنسي ڏاڍائي جا 3445 ڪيسز رجسٽرڊ ڪرايا ويا. جنهن ۾ 60 في سيڪڙو نياڻيون، 40
في سيڪڙو ڇوڪرا شامل آهن. 3445 ڪيسز مان 27 في سيڪڙو ڪيسنجو تعلق سنڌ سان آهي.
2016_17 سڀ کان وڌيڪ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس لاهور ۾ رجسٽرڊ ڪيا ويا انهن
واقعن جي ڪٿي ڪا ڳالهه ئي ناهي جيڪي ڪيسز جي صورت ۾ رڪارڊ جو حصو نه ٿيا آهن
پاڪستان به 1947ع ۾
آزادي حاصل ڪئي قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ هڪ نئي رياست جو وجود هن ڌرتي
تي نمودار ٿيو.
قائدِ اعظم جي وقت ۾
مُلڪ ۾ ناڻي جي شديد ڪمي هئي پر محمد علي جناح جي قائدانه صلاحيتن جي ڪري هن ملڪ
کي هر قسم جي مشڪل مان ڪڍيو ويو. ان کان بعد هي عظيم سلطنتِ خداداد پاڪستان ڪڏهن جنگين
۾ته ڪڏهن سياسي سماجي طوفانن ۾،ٻوڏ ته ڪڏهن پاڻي جي کوٽ جو شڪار رهي آهي.
وري هن مُلڪ ۾ڀٽي جي دور واري اليڪشن کان ويندي عمران خان تائين اليڪشن به هن مُلڪ لاءِ ٻائيتال کان گهٽ نه رهيون آهن.
وري هن مُلڪ ۾ڀٽي جي دور واري اليڪشن کان ويندي عمران خان تائين اليڪشن به هن مُلڪ لاءِ ٻائيتال کان گهٽ نه رهيون آهن.
2018 جي اليڪشن کان
پهريان جيڪڏهن ٿورو جائزو وٺون ته اسان جي مُلڪ جي معيشيت تباهي ۽ بربادي جي ڪناري
تي پهتل ملي ٿي، ڊالر روپئي جي نسبت آسمان سان ڊئيلاگ پيو ڪري، آمريڪا سميت دنيا
جي مُلڪن سان تعلقات ايترا بهتر نٿا ملن جو اطمينان ظاهر ڪري سگهجي. پاڙيسري مُلڪن
کي پاڪستان سان ڪيتريون ئي شڪايتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. گذريل ڏهن سالن ۾ نوڪرين جو
بحران، بيروزگاري جي انتها، غربت ۾ حيرت انگيز وڌارو، سياسي مسئلن سميت وڏي پيچيده
صورتحال ملي ٿي.
جولائي ٻه هزار ارڙنهن
جي اليڪشن پاڪستان ۾ اُميد جي ڏيئي کي ظاهر ڪيو آهي. عمران خان جي ڪاميابي سان
پاڙيسري مُلڪ سميت مغربي مُلڪن جي سربراهن مبارڪن سان گڏ تعلقات ۾ بهتري، امن و
امان سميت زندگي جي مڙني پهلن تي تعاون ڪرڻ لاءِ زور ڏنو آهي. ايرن، سعودي، چائنه
سميت ڪيترن ئي مُلڪن جا سفير عمران خان سان ملاقات ڪري چڪا آهن عام چونڊن تي مبارڪ
سان گڏ مُلڪي معاملن تي پڻ ڳالهايو ويو هو. ايران جي سفير تحريڪِ انصاف جي سربراه
کي هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريو آهي ڪپتان پاران پاڙيسري مُلڪن سان ڀائپي وارا
ناتا برقرار رکڻ وارو عزم ظاهر ڪيو ويو.
هاڻي ڏسڻو اهو پوندو ته
وقت جا حڪمران پاڪستان مٿي بيان ٿيل مسئلن کان آجو ڪندا يا اهي مسئلا به مسئلا ئي
رهندا. هن وقت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي موقف مطابق اميد ڪري سگهجي ٿي ايندڙ وقت ۾
مُلڪ جا والي اندروني معاملات ٺيڪ ڪندا بلڪه ٻاهريان مسئلا به سلجهائڻ ۾ ڀرپور
ڪوششون ڪندا.
0 Comments