Recent-Post

اسلام ۾ عورت جو مقام ۽ انجي تعليم ۽ تربيت




تحرير: مبين مطھري
اسلام هڪ اهڙو دين آهي جيڪو انسان ذات جي پوري زندگي کي بهتر بڻائڻ جي لاء ان جي زندگي جي هر ضرورت کي پورو ڪري ٿو
اسلام انسانن کي کامیاب معاشرتي زندگي گذارڻ جي لاء هڪ قانون ۽ دستور قرآن جي صورت ۾ ڏئي ٿو جيڪو اسان ۽ توهان جي درميان موجود آهي ته جيئن اسان ان جي تعليمات تي عمل ڪري ڪامياب زندگي گذاري سگھون،
بهتر معاشري جي تشڪيل جي لاء اسلام مرد توڙي عورت جي تعليم ۽ تربيت تي تمام گھڻو ڌيان ڏنو آهي تاڪه هو علم جي بنياد تي هڪ منظم ۽ جاندار معاشرو تشڪيل ڏئي سگھن،
اها هڪ حقيقت آهي ته جنهن جاء تي اسلام مردن جي ذمه دارين،احڪامن ۽ تعليم و تربيت جي ڳالھ ڪئي آهي ته ان جي مقابلي ۾ وري عورتن جي حقوق ۽ انجي تعليم و تربيت تي تمام گھڻو ڌيان ڏنو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته عورت جي حيثيت نه فقط هڪ فرد جي آهي پر ان سان گڏوگڏ ان جو مقام بذات خود هڪ درسگاه جو آهي جنهن ۾ ٻارن جي بنيادي تعليم ۽ تربيت ڪئي ويندي آهن،
مختصر طور تي ائين چئي سگھجي ٿو ته عورت جي هنجھ ۾ معاشرو پلجندو آهي جيڪڏهن ان جي تعليم ۽ تربيت صحيح آهي ۽ مناسب آهي ته هو به انسانن کي بهتر ۽ بنيادي تعليم ۽ تربيت ڏئي سگھي ٿي پر جيڪڏهن انهن جي ئي تعليم ۽ تربيت ۾ کوٽ آهي ته پوء هو ٻارن جي تربيت به مناسب طريقي سان نه ڪري سگھندي ۽ نتيجي ۾ معاشري کي غير تربيت يافته افراد ئي ملندا جيڪي مزيد معاشري جي لاء نقصانڪار هوندا،
ڪنهن مفڪر ڏاڍو ڀلو چيو آهي ته ٻار ماء جي چاهت جي حساب سان تربيت حاصل ڪندو آهي انهي ڪري جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ٻار شرف ۽ فضيلت وارو تربيت يافته ٿئي ۽ اهو مفهوم انجي وجود ۾ داخل ٿي وڃي ته پوء توهان کي گھرجي ته توهان ان ٻار جي ماء جي بهتر تربيت ڪيو جنهن جي جھولي ۾ اهو ٻار پلجندو آهي
اها هڪ حقيقت آهي ته اسلامي تعليمات ۾ عورتن جي حقوق ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت جي متعلق تمام گھڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي،
جهڙي طرح سان حديث مبارڪ ۾ رسول اڪرم ص فرمائن ٿا ته
قال رَسُولَ اللَّهِ (صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وسلم)
طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِيضَةٌ عَلَى كُلِّ مُسْلِمٍ
علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي،
انهي حديث مان ئي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته مرد سان گڏوگڏ عورت تي به اهو فرض آهي ته تعليم حاصل ڪري ته جيئن پاڻ به تربيت يافته ۽ قابل ٿئي ۽ گڏوگڏ ٻارن جي به بهتر تعليم ۽ تربيت جي لاء قدم کڻي سگھي، 
اسلام عورتن جي تعليم تي ايتري تاڪيد ڇو ڪئي آهي؟ اهوانهي ڪري ته عورت بنياد آهي معاشري کي بهتر ترتيب ڏيڻ جي لاء پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ عورت جي ئي تعليم کي فضول ۽ بيڪار سمجھيو ويندو آهي
اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به عورتن جي تعليم تي پابندي يا ان جي متعلق سستي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو سمجھيو ويندو اهي ته عورت جي تعليم جي ضرورت نه آهي ان ڪري عورت جي تعليم ۽ تربيت تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ۽ نه وري ان کي ايتري اهميت نه ڏني ويندي آهي،
يقينن اهڙي روش ۽ سوچ اسان جي قوم جي ترقي جي لاء زهر قاتل ۽ تمام وڏو ۽ عظيم نقصان جو سبب آهي،
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عورتن جي تعليم تي توجه ڏئي يا ان جي لاء مناسب اهتمام ڪري ڪنهن به قوم ۽ ملڪ کي معاشي اقتصادي اخلاقي ۽ معاشرتي ترقي ڏياري سگھجي ٿي،پر افسوس آهي ته اڪثر ماڻهو اهو چئي ان کان منهن ڦيري ڇڏين ٿا ته عورت کي پڙهائي ڇا ڪرڻو آهي انهي تي ايترو خرچ ڇو ڪجي جڏهن ته ان کي وڃي ڪري گهر جو ڪم ڪار يا کاڌ خوراڪ جو اهتمام ئي ڪرڻو آهي!؟
جڏهن ته هو ان شئ کي وساري ويهندا آهن ته عورت جي دم سان ئي هي معاشرو قائم آهي ۽ اها عورت ئي آهي جيڪا پنهنجي هنجھ ۾ معاشري جي مستقبل(انساني نسلن) کي پروان چڙهائيندي آهي هاڻي جيڪڏهن نئين نسل جي بهتر ۽ مناسب تعليم ۽ تربيت ڪرڻي آهي ته جيئن هو اڳتي اچي هڪ بهترين ۽ جاندار معاشرو تخليق ڪري سگھن ته پوء ان جي لاء ضروري آهي ته سڀ کان پهريان ان عورت جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏنو وڃي جنهن جي زير اثر انساني نسل پرورش پائيندي آهي ته جيئن هو معاشري کي به تربيت يافته افراد ڏئي سگھي،
ڇاڪاڻ ته بنيادي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ طاقتور درسگاه ۽ علمي ادارو ماء جي هنجھ آهي جنهن ۾ ٻار سڀ کان بنيادي ۽ معياري تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو آهي انهي ڪري لازمي آهي ته عورت جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيون ۽ انجي مدد سان اسان بهتر معاشري کي تخليق ڪري سگھون،
آخر ۾ گذارش ته موجوده ملڪي و قومي حالات جي ضرورت جي لحاظ کان هن وقت عورتن جي تعليم جي لاء مزيد سنجيدگي ۽ بيداري جي ضرورت آهي ۽ ان تي غير معمولي تحرڪ وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ اها شئ به انتهائي توجه طلب آهي ته عورتن جي تعليم جي لاء محفوظ مقامات ۽ درسگاهون هجڻ گھرجن جنهن ۾ هو برائين کان پاڪ بهتر تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري سگھن.

https://web.facebook.com/permalink.php?story_fbid=2247820682205193&id=100009318484554


Post a Comment

0 Comments