Recent-Post

پوليس درحقيقت انساني معاشري جو محافظ ادارو



تحرير: بھادر علي ابڙو
 اسان جي معاشري ۾ ھونء ته ڪيترائي ادارا آھن جيڪي پنھنجو فرض ادا ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي معروف ۽ مشھور آھن جن ھميشه معاشري جي ڀلائي ۽ ان جي بھتري لاء اھم ڪردار ڪيو آھي، انھن ادارن ۾ سڀ کان اول جيڪو پنھنجي جاء تي ھڪ سڌريل معاشري لاء ڪرنگھي جي ھڏي واري حيثيت رکي ٿو اھو آھي تعليم جو ادارو آھي جيڪو معاشري کي جھالت ۽ گمراھيء جي انڌيرن مان ڪڍي علم جي نور طرف وٺي ايندو آھي، علم جيڪو انساني معاشري جي ترقي ۽ ان جي خوشحاليء جو پھريون ڏاڪو آھي جنھن جو ھٿ وٺي انسان دنيا ۾ آھسته آھسته قدم کڻڻ شروع ڪيو ۽ ھاڻي ان ئي علم جي مدد سان اڄ ھي انسان آسمان ۾ اڏامي رھيو آھي٠ ان کان پوء ٻي نمبر تي اسان جي معاشري ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ اھميت وارو ادارو آھي اھو آھي صحت جو ادارو جيڪو غريب، مسڪين ۽ لاچار بيمار مريضن جو علاج ڪري انھن کي ھڪ تندرست ۽ صحتمند زندگي عطا ڪندو آھي. ھي ادارو به پنھنجي فرض ادا ڪرڻ جي لحاظ کان تمام گھڻي اھميت وارو آھي جيڪو ھڪ صحتمند ۽ بيمارين کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي٠ ان کان علاوا اسان جي معاشري ۾ اھڙا ڪافي سارا ٻيا به ادارا آھن جيڪي پنھنجو فرض ادا ڪرڻ جي لحاظ کان پنھنجو مٽ پاڻ آھن جن انساني معاشري جي خدمت ڪري ان کي ترقيء جي اعلا مقام تائين پھچايو آھي٠ انھن مان ھڪ فرض شناس ادارو جنھن جي باري ۾ مان اڄ لکي رھيو آھيان اھو آھي اسان جي ملڪ جي پوليس جو ادارو جيڪو ھر موڙ تي انساني معاشري جي حفاظت ڪندي ان کي ڏوھن کان پاڪ صاف ڪري ان کي امن جھڙي قيمتي ذيور سان سينگاريندو آھي، جنھن ۾ نوڪري ڪندڙ پوليس جا نوجوان پنھنجي ننڊ ۽ آرام فٽائي ڏوھن کان پاڪ معاشرو قائم ڪري پنھنجي شھرين کي امن سان ڀريل پرسڪون زندگي عطا ڪندا آھن٠ جي ھا دوست اسان جي ملڪ جي پوليس جو ھي ادارو جنھن کي اسان جو معاشرو ڪجھ سٺي نظرن سان ڪو نه ڏسندو آھي ۽ ھر وقت ان کي تنقيد جو نشان بڻائيندي ڪوڙا سوڙا الزام ھڻي ان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، پر حقيقت ۾ ھي ادارو پنھنجي ملڪ جي مظلوم عوام جي جان ۽ مال جو محافظ بڻجي ملڪ ۾ قانون نافظ ڪرڻ جو ڊميوار ٿيندي پنھنجي ملڪ جي شھرين جي عزت ۽ ناموس جي حفاظت ڪرڻ جو پڻ ضامن بڻجندو آھي٠ اسان جي ملڪ جي پوليس جا ايماندار، بھادر ۽ دلير آفيسر جن ۾ محترم فدا حسين مسوئي، عرفان علي بلوچ، مسعود احمد بنگش، پرويز احمد چانڊيو، جناب آصف اعجاز شيخ ۽ ڪافي سارا ٻيا نالا آھن جن پنھنجي بھادري ۽ دليري سان ملڪ جي امن امان واري صورت حال کي تمام بھترين طريقي سان سنڀاليو ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ ڦر، لٽ، اغوائن ۽ قتل و غارت جھڙن ڏوھن کي ٻنجھو ڏنو. ان کان علاوا ھن اداري جا سمورا آفيسر ۽ نوجوان جيڪي چوويھن جا چوويھ ڪلاڪ يا مھينن جا مھينا پنھنجن گھرن کان پري رھي ڪري پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي پنھنجي شھرين کي امن ۽ امان سان ڀريل زندگي ڏيڻ لاء ڏينھن ھجي يا رات، ٿڌ ھجي يا گرمي پنھنجو فرض پوري ايمانداريء سان ادا ڪري رھيا آھن. جڏھن ته اسان جي ملڪ ۾ موجود ٻين ادارن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو ھڪ خاص شيڊيول مقرر ٿيل آھي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت پڻ مقرر ٿيل آھي ۽ ان کان علاوا انھن کي پنھنجي اداري ۾ ڪافي ساريون سھولتون ۽ آسانيون به موجود ھونديون آھن جن ۾ نه ھنن کي پنھنجي جان جو ڪو خطرو ھوندو آھي ۽ نه ئي وري ڪنھن دشمن سان مقابلي جو ڪو خطرو ھوندو آھي پر ان جي برعڪس اسان جي ملڪ جي پوليس جا نوجوان جيڪي چوويھ جا چوويھ ڪلاڪ ڊيوٽي تي موجود ھوندا آھن ۽ پنھنجي جان کي خطري ۾ وجھندي اسان ۽ توھان جي جان جي حفاظت خاطر روڊن، رستن ۽ جھنگلن ۾ رھندا آھن انھن جي اھڙين قربانين ڏسي ۽ اھڙي طرح پنھنجو فرض ادا ڪندي ڏسي کين سلام ڪرڻ تي دل چوندي آھي. آخر ۾ مان توھان جو توجه ان ڳالھ ڏي ضرور آڻڻ چاھيندس ته اسان جي معاشري ۾ پوليس جي منفي ڪردار تي تمام گھڻو لکيو ۽ بيان ڪيو ويو آھي ان ڪري عام ماڻھو جڏھن به پوليس جو نالو ٻڌي ٿو ته ان تي الزامن جا بم ڪرائڻ شروع ٿو ڪري ۽ ان جون ملڪ ۽ قوم لاء ڏنل قربانين کي وساري ٿو ڇڏي ۽ اھو به نه ٿو سوچي ته آخر پوليس وارا به اسان وانگر انسان آھن ان ڪري ڪميون ڪوتاھيو ھنن ۾ به ضرور ھونديون ھو فرشتا ته آھن ڪو نه جو غلطين کان پاڪ صاف ھجن تنھنڪري انھن جي ان ڪمين، ڪوتاھين ۽ غلطين کي نظر انداز ڪري انھن جي ملڪ ۽ قوم لاء ڏنل قربانين کي ياد ڪري انھن جي مثبت ڪردار کي معاشري ۾ اجاگر ڪرڻ گھرجي٠ تحرير: بھادر علي ابڙو:٠

Post a Comment

0 Comments