ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
علم جي پروڙڻ واري صلاحيت کي سهيڙي علمي سرمايو بڻائڻ به
ڪنهن اثاثي کان گهٽ ناهي هوندو، علمي وراثو تهذيبن ۽ ثقافتن جو امين هوندو آهي.
جيڪو دنيا جي قومن لاءِ لازوال دولتن ۽
سرماين ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
25 اپريل1992ع تي سنڌ ورسٽي جي باني علامه آئي آئي قاضي جي
ڳوٺ پاٽ شريف ۾جنم وٺندڙ هڪ ذهين ۽ هوشيار طالب علم جو جنم ٿيو، سندس والد جو نالو
عبدالقيوم صديقي آهي ۽ والده ايم بي جي ايس ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال هجڻ سان گڏ
پروفيسر به آهي. صديقي خاندان سان تعلق رکندڙ شايان قيوم جو ڪٽنب تعليمي خدمتن ۾
پنهنجو مٽ پاڻ آهي.پاڻسنڌ جي مشهور ليکڪ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو ڏوهٽو آهي. جنهن
جا مشهور ڪتاب انسان جي تاريخ، سنڌ جي تعليم ماضي ۽ حال ۾ وغيره مشهور آهن، ڊاڪٽر
حبيب الله سنڌ بُڪ بورڊ ڄامشورو ۽ بيورو جو چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي. تعليم يافته
خاندان سان تعلق رکندڙ شايان قيوم صديقي هن وقت سنڌ ورسٽيءَ جي سماجي سائنس جي
شعبي سوشلاجيءَ جو هڪ محنتي ۽ قابل ترين استاد آهي. علم جي شمع ٻاريندڙ ۽ مستقبل
جا معمار سندس پيغمبري پيشي جي پڻ تعريف ڪندا آهن.
سندس ابتدائي تعليم حيدرآباد جي سينٽ بوناوينچر اسڪول مان
امتيازي حيثيت سان حاصل ڪيائين. سندس شمار ڪلاس جي ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، ميٽرڪ
پاس ڪرڻ کان پوءِ سُپيريئر ڪاليج مان پري ميڊيڪل پڙهي ڪري پنهنجي منزل جي طرف
وڌيو، سنڌ ورسٽي جي سوشلاجي شعبي کي پهرين پسند رکي ڪري داخلا ورتائين، جنهن ۾
سندس چار سال پهرين پوزيشن سان گڏ ڊپارٽمينٽ سميت سوشل سائنس فيڪلٽي ٽاپ ڪري سنڌ
ورسٽيءَ ۾ نمايان ترين حيثيت ماڻي جيڪا سندس محنتي ۽ قابل هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.
سنڌ ورسٽيءَ سندس مڃتا لاءِ گولڊ ميڊل ۽ سِلور ميڊل سان نوازيو، جيڪو سندس استادن،
والدين ۽ دوستن لاءِ باعثِ فخر آهي.
شايان صديقي هن وقت سماجي سائنس جي شعبي سوشلاجي، سنڌ ورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرر هجڻ سان گڏ ريسرچ اسڪالر پڻ آهي. شايان قيوم سوشلاجي شعبي ۾ سوشل اسٽيٽڪس، اپلائيڊ سوشلاجي، انٽروڊڪشن ٽو سوشلاجي، تهذيب ۽ ثقافت جهڙا مضمون به پڙهائيندو آهي.
دنيا جي هر ريسرچ اسڪالر جي ڪوشش هوندي آهي ته هو دنيا جي ڪنهن منفرد مضمون
۾ يا عنوان هيٺ ڊاڪٽريٽ يا ريسرچ ڪري، ائين ئي شايان قيوم پنهنجي تحقيقي قابليت ۽
علمي صلاحيتجي عيوض اسان جي معاشري جي بي حثي جي ڪري انسانن جي روپ ۾ تذليل ۽ اذيت
جو نشانو بڻجندڙ خواجه سرائا يعني کدڙن فقيرن تي عمرانيات جي وسيع پئماني تي موجود
علم ذريعي تحقيق ڪري رهيو آهي. ايم فل ۾ سندس تحقيق جو محور کدڙن فقيرن جي سماجي،
معاشي ۽ جنسي تفريق سان لاڳاپيل زندگيءَ جي درد ڀري ڪهاڻي کي عمرانيات جي تحقيقاتي علم
ذريعي دنيا جي انسان تائين پهچائڻ ۾ برسرِڪوشش ۾ مصروف آهي، ورسٽي جي تحقيقدانن ۽
اسڪالرن سندس تحقيق جي لاءِ منفرد مضمون هجڻ جي پڻ ساراهه ڪئي آهي.
شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسل ڪرڻ سان گڏ مستقبل جي معمارن کي معاشري
جي لاءِ بهترين فرد بڻائڻ لاءِ ارپيل ڪوششون به ڪنهن تعريف جو محتاج ناهن. سندس
مستقبل جا معمار هر قسم جي رهنمائي وٺڻ ايندا آهن، پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ
سنڌ ورسٽيءَ جو هي استاد نوجوانن لاءِ پڻ مثال آهي. شايان قيوم جي استادن جو چوڻ
آهي ته شايان جهڙا محنتي شاگرد ۽ پيغمبري پيشي سان چاهه رکندڙ استاد ورسٽي ۽
معاشري لاءِ سرمايو آهن. سندس پنهنجي شعبي ۾ استاد جي حيثيت ۾ شاگردن جي حوصلا
افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ پڙهائي ۾ سندس هر
ممڪن مدد ڪندو آهي.ورسٽيءَ ۽ شعبي سندس تعليمي مڃتا لاءِ ڪيترائي ايوارڊ ڏنا آهن،
انهن ۾ نمايان طور تي بين الاقوامي ڪانفرنسز جو ڪامياب انعقاد ڪرڻ ۽ شعبي ۾ شاگردن
جي لاءِ تحقيق سيمينارز جو انتظام ڪرڻ ۾ به سندس امتيازي ڪردار آهي.
مستقبل جي هن سماجي ماهر جون تحقيق ۾ ٿيل ڪوششون ۽ ورسٽيءَ
۾ سرانجام ڏنل خدمتون قابل تعريف آهن. شاگردن لاءِ اتساهه بڻيل هي نوجوان استاد
تمام گهڻو چست هجڻ سان گڏ پنهنجي پيشي وارين صلاحيتن جي ڪري ورسٽي ۾ نمايان حيثيت
سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.
Email:ajmalmahdi48@gmail.com





0 Comments