Recent-Post

ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ وڌندڙ ڪئنسر جي بيماري بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ غربت


وڻجاروسامونڊي
سنڌ جي سامونڊي پٽيء واري ضلعي ٺٽي ۾  ڪئنسر جي بيماري ۾ تيزي سبب 9سالن جي عرصي دوران هزارين ماڻھون فوت ٿي چڪاآھن جئين تہ سوين ماڻھون اڄ بہ هن جان ليوا موذي بيماري ۾ هسپتالن ۾زيرعلاج يا پنهنجي گهرن درگاهن عامل ڀوپن وٽ علاج خاطر زندگي ۽ موت سان جنگ وڙھي رهياآھن 2010ع جي ڳاله آھي جڏھن ڪيٽي بندرجي هڪ شادي شده ماهگير عورت نالي رشيدان کي ڳلي ۾ ڪئنسر ٿي هئي رشيده غربت مفلسي سبب پنهنجي بيماري جوعلاج نہ ڪرائي سگهي هئي جنهن سبب نوري جهڙي نوڙت ۽ چنڊجهڙوحسن رکندڙمهاڻي ڪئنسرجي تڪليف ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي هئي . اڄ بہ علائقي جا ماهگيرسندس حسن سيرت صورت اخلاق جي هاڪ جون ڳالهيون رهياڻين ۾ ڪندا رهندا آھن تازوئي وري رشيده جي ماء حوا ۽ نوجوان ڀاء بشارت عرف ڀشو بہ ڪئنسر جي بيماري ۾ فوت ٿي ويا تہ ساڳئي هڪ ننڊڙي ڳوٺ مان سندس سئوٽ ڪريما بہ ڪئنسرجي بيماري ۾ فوت ٿي وئي آھي هن وقت مهاڻي رشيده جونوجوان ڀاء اڪبر۽ ڪريماجوڀاء سومار پڻ انهي مرض ۾ مبتلاهجڻ تي علاج لاء شفاخانن جا ڌڪا ٿاٻا کائي رهياآھن پرهي هڪ اهڙي لاعلاج بيماري آھي جنهن تي لک لٽائڻ جي باوجود بہ غباري جيان زنده رهڻ جي اڄ تائين ڪااميد ناهي ملي سگهي.
سامونڊي پٽيء۾ وڌندڙ ڪئنسر جهڙي راڪاس بيماري ڪيئي خوشگوارزندگيون مٽيء ۾ وڃي ملائيون آھن. ڏٺو وڃي تہ هڪ طرف سرڪاري بي ڌھياني سبب سامونڊي پٽي جي عوام کي زندگيء جون بنيادي سهولتون مهيسر ناهن ٻيوتہ پري جي ڳاله آھي پر انتهائي تيزيء سان غربت ۾ اضافو ٿيڻ موبائل ٽائور۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي جااثرات سرحدي مشقن جااثرات عام استعمال جون شيون ملاوٽ واريون هجڻ وغيره بہ ڪئنسر جي بيماري جوسبب بڻجي رهيون آھن جئين اڳ خاص طورتي غربت جهالت سبب ماڻھن ۾ ٽي بي ۽ نفسياتي بيماريون تيزيء سان پکڙجي رهيون تئين هاڻي وري ڪئنسر شگر نظرجي گهٽتائي رت جي کوٽ ھڏين جوڀرڻ معدي جگر ۽ ٿيلسميا جهڙيون خطرناڪ بيمارين ۾ پڻ تيزي سان اضافو ٿي ويو آھي اڻ ڄاڻ معالجن  پاران ساحلي پٽي ۾ ڪئنسر جوهڪ سبب گهٽڪي مين پڙي شراب ڪچوشراب يا ٻئي نشي وارين شين جي استعمال جو سبب ٻڌايوويندوآھي ممڪن آھي ائين هجي پرهتي اسان کي ڪئنسرجااهڙا بہ مريض نظرآيا جن ڪڏھن بہ اهي شيون نہ  واپرايون هونديون تازو ڪراچي جي نجي اسپتال لياقت نيشنل اسپتال ۾ پاڪستان ڪيمونسٽ پارٽي جي سيڪيريٽري جنرل ۽ ناليوارو صحافي قاضي امدادالله جي پڻ ڪئنسرجي بيماري سبب زبان جي آپريشن ٿي آھي جيڪو پڻ مين پڙي يا گهٽڪووغيره نہ واپرائيندو هو اسانجي سرڪارسڳوري جوڌھيان ڇڪائيدي اها بہ گذارش ٿي ڪجي تہ فوري طورتي ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي سميت سموري سنڌ ۾ ڪئنسر جهڙي موذي مرض جي علاج معالج جون بهترسهولتن  ۽ مفت سينٽرقائم  ڪيا وڃن. ڪٿي ائين نہ ٿئي جوبلوچستان وانگر ميڊيا ۾ سنڌ کي بہ ائين نہ لکيو وڃي تہ ڪئنسر زده سنڌ؟ هن وقت بلوچستان ۾ ڪئنسر جي وڌندڙبيماري سبب بلوچستان جوعوام خوف زده آھي

Post a Comment

0 Comments