Recent-Post

ديس جي درد ڀري ڪهاڻي، مهمان نوازي کان مظلوميت تائين


ليکڪ؛ اجمل مير مهدي، حيدرآباد
لطيف سرڪار جو پيغام امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو. سندس شاعري سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ ڪنهن ايمان کان گهٽ ناهي، جيئن ڀٽ جي گهوٽ جي شاعري ۾ آهي ته، جي تو بيت ڀايا سي سڀ آيتون آهن. لطيف سرڪار هر دور جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي مذمت ڪئي آهي.
سنڌ صوفين جي سرزمين آهي درويش، ولي ۽ سنڌ جا امر ڪردار هميشه سنڌي قوم لاءِ فخر رهيا آهن.پنج هزار سال پراڻي ۽ شاندار تهذيب جا وارث وڏا شاهوڪار هوندا هئا ۽ موئن جي دڙي جا ماڻهو اسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا عملي طور واث هوندا هئا، سندس دور ۾ خون جو دريا نه وهندو هو، ماضيءَ ۾ ٿوري جهاتي پائي ڏسبي ته سنڌي ماڻهو وڏا مهان نواز هوندا هئا. سنڌ جي تاريخ ۾ ملي ٿو ته سنڌين جي تڏي تي ڪير به ايندو هو ته خون به بخش ڪري ڇڏيندا هئا. اسان جي مهمان نوازيءَ جي ڪري ڌاريا اچي آباد ٿيا ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سنڌ کي حصن ۾ ورهائڻ واري ناڪام ڪوشش کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڌرتي ڌڻين جي قتل ۽ نسل ڪُشي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو رُڪجڻ جو نالو نه وٺي رهيو آهي.
ارغونن ۽ ترخونن جي تاريخ هڪ المناڪ باب آهي ان کان بعد سنڌ تي ٿيندڙ هر يلغار سدائين سنڌو دريا جي خشڪ مٽيءَ جيان هوا ۾ اڏُي ويندي آهي. تانيه خاصخيلي جو درد ناڪ موت هجي يا خيرپور جي رمشا جي مصوميت هجي جنهن کي هميشه لاءِ مٽي ۾ ملايو ويندو هجي يا وري ثمينه سنڌو کي لاڙڪاڻي ۾ گولين جو کاڄ بڻايو ويندو هڃي يا وري ارشاد رانجهاڻي کي ڪراچيءَ جي روڊن تي خون ۾ وهنجاريو ويندو وڃي، زندگيءَ جي جنگ غيرن ۾ هارجڻ واري شمع کوسو کي تارن سان گٽا ڏئي ماريو ويندو هجي، اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾ موجود قانون تي صحيع نموني عمل نه ڪرڻ جا جاڳندا مثال آهن. جيڪڏهن ڪو گنهگار به آهي ته ان کي سزا ڏيڻ قانون جو ڪم آهي نه ئي رحيم پٺاڻ وانگر روڊ تي پنهنجي عدالت لڳائڻ وارن کي حق  آهي.
آخر سنڌ جي امر مٽيءَ ۾ ڪيترن شهيدن جو خون شامل ڪيو ويندو؟ آخر لاقونيت جو هي ماحول ڪيستائين رهندو؟مهمان نوازيءَ تي فخر ڪرڻ وارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ ۽ وري انصاف لاءِ سوشل ميڊيا تي وڏيرن، جاگيردارن، نوابن جون ننڍون حرام ڪرڻ واري روايت ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ڪڏهن چونڊيل نمائندا پنهنجي ذميداري محسوس ڪندا؟بيان کان پوءِ مذمت، تحقيقات جو مطالبو، جي آئي ٽي، ۽ ڪيس ڪاغذ جي صورت ۾ ان کان بعد ڪچري جي ڊٻي ۾. اها روايت سنڌ جي نسلن جي تباهي جي نشاندهي ڪري ٿي. سنڌ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جنهن ۾ بيان بازي، مذمت ڪلچر، ڪيس ڪاغذ تائين محدود رهندا آهن. شمع کوسو، نقيب، تانيه، رمشا  سميت هڪ ڊگهي فهرست آهي، مهراڻ جا مظلوم وارث سنڌ حڪومت جي طرف هميشه انصاف جي لاءِ ڏسندا رهن ٿا، سنڌ حڪومت اهڙن واقعن جي سببن ۽ اثرن تي ڪڏهن غور ڪندي؟ اهو سلسلو آخرڪٿي هلي رُڪجندو؟ اڃا ڪيترا خون ٿيندا جو سنڌو جي پاڪ مٽي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي؟
انتهائي ڏک سان چوڻو پوندو آهي ته اسان سنڌ واسي آخر ڪيستائين مسيحا جو انتظار ڪنداسين، اسان وٽ سياسي قيادت نعرن ۽ سياسي بيانن واري ٽرينڊ کان ٻاهر ڪڏهن نڪري اچي عوام جي لاءِ حقيقي معنٰي ۾ عملي ڪوششون وٺنديون، تاريخ جي ڪارن ورقن ۾ شاهديون موجود آهن ته هڪ ظلم جو دور هوندو هو جڏهن ڪراچي ۾ ڊزنن جي تعداد ۾ بيگناه ۽ معصوم شهري ماريا ويندا هئا. علي رضا عابدي جو قتل هجي يا ارشاد رانجھاني جو ڪراچيءَ جي رستن تي تڙپندو جسم ، ارشاد رانجهاني کي جنهن انساني تذليل ۾ مٽي ماءُ ڏانهن موڪليو ويو اهو انسان جي ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. پوليس اهلڪارن جي زخمي حالت ۾ ارشاد رانجهاڻي جا ويچارا ڪڍڻ پوليس اهلڪار جي رويي مان ڪراچي جي ماڻهن سان پوليس جي مڪمل رويي جي اصل عڪاسي ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ هر هنڌ مقتل گاه بڻيل امن جي وادي شهيدن سان ڀري پئي آهي مقتل گاه مان شهيدن جا لاش آخر ڪيستائين سنڌ جا ماروئڙا کڻندا رهندا؟ سياسي قيادت جي سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن عدم دلچسپيءَ جي ڪري سنڌ جي مسئلن تي سنڌ جي سول سوسائٽي متحرڪ نظر پئي اچي، سياسي قيادت صرف ضمانتون ڪرائڻ ۾ پوري لڳي پئي آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته معصوم ماروئڙن جي گهرن کي لڳل باهه جا شعلا اميرن جي محلن تائين پهچن ۽ پوءِ اميرِ تاج اچي جاڳن. سنڌ جو عوام انصاف جي راهه ۾ بڻيل رڪاوٽن کي ختم ٿيڻ لاءِ مسيحا جو انتظار پيو ڪري. جهموريت ۾ اظهار جي آزاديءَ ۽ احتجاج جو پورو حق حاصل هوندو آهي پر سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن تي جنهن نموني طاقت ۽ اقتدار جو استعمال پيو ٿئي سو سنڌ جي ترقي جي ضمانت ۾ خيانت جي مثل آهي. تعليمي درسگاهن ۾ پڙهڻ دوران شاگرد انصاف جي ڪرڻي کي ڳولهي رهيا آهن، پڙهائي کان پوءِ روزگار جي لاءِ حڪومت طرف واجهائن پيا. هي ايتري گهمبير حالت سنڌ جي عوام جي لاچاري ۽ بي وسي کي ظاهر ٿي ڪري. سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي سنڌ جي ايندڙ نسل جي لاءِ سوچڻ گهرجي. درازا ۾ بيگناه ماڻهن جو قتل، قلندر تي ڌماڪا، شڪارپور سانحو، جيڪب آباد وارو بم حملو ۽ هاڻي وري رتوڇاڻ جي هيءَ گرم بازار اسان کي ڪهڙي طرف وٺي رهي آهي ان سڀ شيءِ کان سنڌ جو عوام سٺي نموني واقف آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انصاف جي فراهمي کي جنگي بنيادن تي يقيني بڻائي ته جيئن بي قراري واري فضا جو خاتمو ٿي سگهي. اقتدار جي اعلٰي ايوانن ۾ ويهندڙن اڪابرين سنڌ جي مظلوم ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾پنهنجو فرضي ڪردار ادا ڪن. سنڌ حڪومت ايمرجنسي جي بنيادن تي جوڙيل پاليسيز تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ ڪارائتا اُپاءَ وٺي ۽ پوليس جي سڌارن ۾ پڻ تبديلي آڻي ته جيئن سنڌ جي مظلوم عوام کي انصاف جي لاءِ هر واقعي کان پوءِ وڏي واويلا نه ڪرڻ گهرجي.

Post a Comment

0 Comments